ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/07

(1)

عمر ماڻُ مَ ڪر، پسي دَور دَماڪ،
تو ڀليرا ڀونءِ ۾ خان کـَـپي ٿيا خاڪ،
ڪندءِ موت مٿي ٿي[1]، هاڃي سندي هاڪ،
ڀانئج ڪيم مذاق، کڻي باندي موک ”مراد“ چئي.

(2)

عمر ڪر مَ ماڻُ، پسي ڪوٽ ڪچهريون،
هي سـُـکَ سانگـِـي سومرا، ڪين هلندءِ ساڻ،
هت وايون ويندءِ وسري، جت پاڪ پڇندءِ پاڻ،
نه تا نيئي ميڙ اُماڻ، ماروئڙن ”مراد“ چئي.

(3)

عمر ماڻُ مَ ڪر، پسي ڪوٽ ڪچهريون،
هوندءِ ڪين هميشه، هيءَ دنيا دولت در[2]،
مٿانهين ”مراد“ چئي، کڻج نيڪ نظر،
”ڪـُـل يـَـوم بـَـسـَـرِ“، هي سڻج قول ڪنن سين.

(4)

هن منهنجي حال، جي سڌ نه آهي سومري،
”وَ نحن اَقرب اليہ“ ، واحد ڪـَـيـَـم وصال،
پسي نـُـور نسوهرو، ٿيڙا نيڻ نهال،
ڀلي ڪيڙو ڀال، گڏيا محب ”مراد“ چئي.


  1. تو (ب).
  2. زر (غ).