سچل جو رسالو/مالڪوس/داستان ٽيون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مالڪوس
299735سچل جو رسالو — مالڪوس1958سچل سرمست

داستان ٽيون

1
ڪِي جو لِکيائين، سو مُلان وڃِي واچيو؛
هڪ سِٽَ پڙهيائين، ٻِيءَ سِٽَ سُڏڪن ۾ پيو.
2
ڪي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نہ آئيو؛
پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنھن مطالع نہ ڪيو.
3
کوليو ڏئي خطُ، آيس جو عجيب ڏنھُن؛
روئي اکين رت، ڪري مطالع من سان.
4
پُرزو پڙهڻ آئيو، اُٿي مُلان مَسيت منجهاءُ؛
سُورن سندو ساءُ، آيُس سَڀڪنھن سِٽَ مَون.
5
هِڪ سِٽَ پڙهيائين، تنھن ٻِي واچڻ نہ ٿئي؛
اِئين اُتائِين، تہ هيءَ ڄَر ڄيري نہ جهليان.
6
نامٖي مَون نِروار، ٿِي هيءَ ڄَرَ ڄيري سَندي؛
تنھن پَلڪ پڙهڻ وارَ، ٿيو سَڙِي ڪارو ڪنگرو.
7
رقعٖي منجهان رازُ، مڙيوئِي معلوم ٿيو؛
تنھين منجهہ نيازُ، طرحين طَرح لِکيو.
8
پھرينءَ سِٽ سَماءُ، ڏنو واچِيندڙ کي؛
اُنِهيءَ خطَ منجهاءُ، ڄِڀِيون ڄيري ڪڍيون.
9
ڏوڙو ڏک پيوس، پَنٖي جي پَڙهڻ سان؛
وچئون ساهُ ويوس، هَي هَي ڪندي ڪاڪيون.
10
جو نامَن منجهہ لِکيو، سا هُئي ڄيري جِي ڄَر؛
منجهَون سڀ شَھر، واچيندڙ ڪونہ لَڀي.
11
پَنو ڪيرُ پَڙهي، جو پُڻ مُڪو سڄڻين؛
لکيو منجهہ لَڙهي، متان ٻُڌندڙ ٻُڏِي مَري.
12
واچيو جنھن ورقُ، جو پُڻ لکيو سَڄَڻين؛
سو ڄَڻ ٿيو غرقُ، دردن جي درياه ۾.
13
سگهي ڪيرُ پڙهِي، هو جو نامو نِينھَن جو؛
سِرئون سِر چڙهي، موجَ مٿو تنهن ناهِ ڪو.
14
وٺِي خطُ هليو، ساٿِي سلامن جو؛
وچَ ئي منجهہ جهليو، ورهہ ڪُوڙيو واٽ تي.
15
وٺِي هليو خطُ، پانڌي پار پرينءَ جي؛
روئِي روئي رتُ، تنھن هلندي حال وڃائيو.
16
آلو هُيڙو عشق جو، سو ساٿيءَ ساڻ نِيو؛
اُهو کامِي پاڻ پيو، جو هو خونِي خط پِرينءَ جو.
17
هُن ڀانيو نامو، پر شعلو هُئَڙو شوقَ جو؛
جِندُ سارو جامو، تنھن جو سڀ سڙِي پيو.
18
پِريَن ڏانهہ نيو، تنھن ڪو خط خَبَر جو؛
پڙهندي ڏسُ هِنيو، تنھن ڦڙڪندي ڦاٽِي پيو.
19
ڪو نامو نيھَن نِئين، پِريان سندي پارَ ڏي؛
هَلٖي ساڻ هِئين، مانَ اُنھن کي ارمان ٿِيئي!
20
رهبر روانو ٿيو، پريان جي پارَ ڏي؛
شَل پھچي پَروانو، سلامت کي سَڄڻين!

ڪافي 1
اوري ڪانگَلَ آءُ،
کِيئن جِي خبَر ڏي ڪاءُ!

پريان سَندي پارَ جو، لهي اچُ سَماءُ.
ڳالهِن تنھُجِن مؤَن سَريرَ کي، اچي منھنجي ساءُ.
مُنھنجو ٿئي هِت ڪينڪِي، ٻاجهون هوتَ هَلاءُ.
سُورَن ڪارڻ سُڻ ڙي ساٿِي، جيڪُس ڄَڻيم ماءُ.
سچو دوستَن جي دَرَ جو، اَصلون آھِ غريب گَداءُ.

ڪافي 2
اَڄ سَڄَڻ پاڻ اِيندئِي،
جَن لَئٖي نِھاريَئٖي ٿي واٽان!

مَتان لاهين آسرو، حال ڀائِي اچِي ٿِيندَئي.
عجيبن جي اچڻ جون، مُبارڪون ڏيندَئي.
پَکا پَکن سامُهان، آڻي دوست اَڏيندئِي.
مَتان ماندي تون ٿِيئين، گوشي پاڻ گَڏيندئِي.
توکي ڄاڻِي پانھنجو، سَچو ڀاءُ سَڏيندئي.

ڪافي 3
پانڌِي پيغامَ پُھچاءِ، مُنھنجا محبن کي، ميان!

اَکَڙين کي اصل ايڏنھن جو، وڏو اوسِيڙو آهِ.
ڏاها وڃج ڏيھ اُنهِيءَ ڏي، جاتي جانِبَ جاءِ.
اَداڙي ساٿِي پارَون اسان جي، پاندُ ڳچيءَ ۾ پاءِ.
راتو ڏينھان آهي ڏهاڙيون، هِنيَڙي کي هاءِ هاءِ.
دوستَن سَندي درَ جو، اَصلَون سچو سگ سَڏاءِ.

ڪافي 4
منھنجا واقفَ يارَ،
سدائِين تون جِيئندين!

راتو ڏِينھان روح منھنجي کي، تنهنجِي سارَ سَنڀارَ.
تُحفو هِن کي آهي اهوئِي، تنھن جي پيرن جِي پيزار.
اَچڻَ اوهان جٖي جِي ويٺا وِجهَايون، فقيرن کَون ڦار.
ڳالهيون سَنديُوَ ساريو، سَچوءَ کي اچي ٿِي اُڇنگار.

ڪافي 5
ياد مونکي اُهي آيون، وو
يارَ ڪَيئِي ڳُجهِيون جي ڳالهڙيُون!

اوهان جي ڀِي، وو، اَچڻَ جون، ٿيون وَري هتِ وايون.
دردمنديءَ جي، وو، دِل کي، وِرهَ وڃي ڪِي لايوُن.
نانوَ سائِينءَ جي سُهڻا سائين، چِتُ نہ وَڃُ مُون تان چايوُن.
آءُ تا ڏينھَڙا گڏ گذاريون، هِت ويٺا وِرهَ وَسايون.
ڏوهَن سچوءَ جن ڏي نہ ڏسو، هِت ٿا سَندَوَ سَڏايون.

ڪافي 6
پورَ پِرينءَ جي هَي ماريان،
عِشق سَڄَڻ جي چاڙهيان!

دوست بنان درماندِي، دَمُ هِتي ڪِيئن گهاريان.
سِرُ سَڄَڻَ تَون صدقي، واريو آءٌ واريان.
ڳالهيون ڳُجَهہ اَندرَ جون، آءٌ پِرين سان پاڙيان.
سِگهو موٽِج سپرين، ڏهاڙيُون ويٺِي نھاريان.
محڪم محبت وِڌيُون، جاڙيءَ مٿي جاريان.
هو جي ڪَيَم پاڻ سان، ڳالهين اُنھنِ ڳاريان.
مَجلِس محبوبَن جِي، ساعت ساعت ساريان.
سچيڏنا ساهڙَ ريءَ، ڏَمَ مِڙيئِي ڏاريان.

ڪافي 7
ٻن جِيَڻ مُنھنجو جيڏيون، سُکَ ڪيھا سَڄَڻ ريٖ!

سُکَن وڌيَس سَرتيون، آءُ پِريَن کانءُ پَري.
ڏُکَ چڱيرا دوستَ جا، جي قادر ڪَرم ڪَري.
سوئِي عاشق ڪوٺجي، جو محبت مَنجهہِ مري.
ڪاڪيون مون کي ڪِينڪِي، ٿي ساجَن ريءَ سَري.
جيڪا اَديون عشقَ جي، آئِي هيٺ اَري.
تَنھن جان جُثو قربان ڪَيو، زُدَون مَنجهہ ذري.
سچو سوز اُنھن جي، ڳاري منجهہ ڳَري.

ڪافي 8
هوت ڪڏهن هِت اِيندو؟
ڪَھُ ڪانگا ڪَل ڏي ڪا!

چئُہ ڪِي ويھَندو هتھين، ڪِي ساڻ نماڻِي نيندو؟
هيڪندِ اَچي هوتُ مُون، هِن ٿَڪيءَ سان ٿيندو.
پاڻُ پنھنجو سُپرين، ساڻ غَريبِ گَڏيندو.
پَکا پاڄاڻين کي، اوڏا يارُ اڏيندو.
هوتُ پنھنجا هَٿڙا، هن ڏکيءَ کي ڏيندو.
سَنگَت پنهنجيءَ سُپرين، سچوءَ کي بہ سڏيندو.

ڪافي 9
زار روئِي ڪيم زاري،
دوستَ ڙي توريءَ تا نہ سَري.

محبت تنھنجي، وو، ڪِيَس مستانِي، بارُ بِرهُ جو باري،
دوستَ ڙي چَوي لوڪ چَري.
هِن بنديءَ کي، وو، بخش بلوچا سائين، هوت اَچِي هڪ واري،
دوست ڙي سَندءِ ذوقَ ذري.
مٖيلائي لَڳي، وو، محب اَوهان جي، واجهہ وجهي ويچاري،
دوست ڙي وڃان تا مَ مَري.
آهي مِڙيوئِي، وو، توکي معلوم سائين، حال حقيقت ساري،
دوست ڙي وڃ مَ يار وري.
جيڪِي آهين، وو، سو تا تون هين سائين، حڪم سندءِ آهي جارِي،
دوست ڙي پِيڙَم خبَر کَري.
سچو آهي، وو، اَوهان جو سائين، ڏجو تنھن دلداري،
دوست ڙي وڃن ڳَچَ ڳَري.