سائو پن يا ڪارو پنو/باب ستون

سائو پن يا ڪارو پنو  (1965)  by مرزا قليچ بيگ
باب ستون: منهنجا ڪم ۽ انهن جي قدرشناسي

سڀڪو ماڻهو جو مشهور ٿيندو آهي يا مشهور ٿين گهرندو آهي، سو اهڙا وڏا ڪم ڪري ويندو آهي، جنهن ڪري هن کي پوءِ ياد پيا ڪندا ۽ مئي کان پوءِ به هن جي يادگيري پئي رهندي آهي، پر افسوس آهي ته اهڙو وڏو ڪم مون ڪو نه ڪيو، جنهن لاءِ آءُ ماڻهن کي ياد رهان يا جن مان گهڻي عرصي تائين فيض جاري رهي ۽ خلق کي فائدو پهچي، منهنجا جيڪي ڪم خانگي يا سرڪاري هئا سي ننڍڙا، مخفي ۽ گمنام رهيا، جيتوڻيڪ انهن مان خلق کي ڪجهه فائدو پهتو ٿي ۽ هو مون منهنجان تمام خوش ۽ راضي هئا ته به اهي فرض ڄآڻي ادا ڪيا ويا هئا، جن تي بالا آفيسرن جو يا ٻين مانهن جو خاص طرح ڌيان نٿي آيو، گهڻن ماڻهن کي رواجي ڪمن جي وڏي ڪري ڏيکارڻ جو هنر ايندو آهي، جنهن ڪري هنن کي آفرين يا انعام ملندو آهي يا لقب ملندو آهي پر افسوس ته مون کي اهو هنر به نه هو، تنهن ڪري پنهنجا فرض ڪم ماٺ ڪري پئي ڪيم ۽ انهن ننڍڙن ڪمن کي مون پنهنجا وڏا ڪم ٿي سمجهيو منهنجو ڪهڙو بيت آهي ته:

ٿو لقب کان لقب لڳي مون کي
تنهن ڪري ري لقب رهان ٿو خوش.

سرڪاري نوڪري جي عرصي ۾ گهڻن وقتن تي وڏا مشڪل واهه کڻايا هوندم ۽ مشڪل کنڊ ٻڌايا هوند، جيئن ته ڪشمور بند، ناري ۽ درياءَ جهڙا سخت وقتن ۾ سعي سان معافيون ڏسي انصاف روءِ فيصلا ڪيا هوند، جن مان جهڙا زميندار تهڙا آفيسر خوش ٿيا هوندا، ڪيترين ضروري وارداتن تي حاضر رهيو هوندس، ڪيترائي مشڪل تڪرار ۽ معامل بلوچن جي جرڳي ۾ يا مئجسٽريٽي ڪورٽن جي رستي فيصل ڪيا هوندا، ڪيترائي اسڪول ۽ مڪتب کوليا يا کولايا هوندم، رستن تي سڃ ۾ وڻ ۽ باغ رکايا هوندم، مشڪل مشڪل ٽڪرن ۽ جبلن جي چوٽين تائين وڃي حد نشاني ڏسي قائم ڪيا هوندم، ملٽري کاتي جي آفيسرن ۽ لشڪرن کي آسائش سان پنهنجي ڊويزن مان لنگهائي پار ڪيو هوندم، اهي آهن ڪم نوڪري جي عرصي ۾ مون ڪيا ۽ جن جي لاءِ آفرين يا تعريف فقط سالياني ائڊمنسٽريشن رپورٽ ۾ ٿي ملي، جنهن جي ٻي دنيا کي ڪا به خبر ڪا نه ٿي پوي ۽ آفيسرن جي نظر ۾ به اهي رواجي نوڪري جا فرض شمار ۾ اچن ٿا، ڪي اهڙا انتخاب ٻارهين بابت ۾ ڏنا ويا آحن پر اها خبر ڪن ٿورن کي هوندي ته اهڙن ڪمن لاءِ ڪن سرڪاري نوڪري جي تعريب اخبارن ۾ ٿي ڇپجي ۽ ملڪن ۾ مشهور ٿي ٿئي، ۽ خاص رپورٽن سان مٿين سرڪاري تائين ٿي وڃي ۽ انهن لاءِ انهن سرڪاري نوڪرن کي خاص انعام، لقب ۽ اضافا ٿا ملن، بلڪه پينشن وٺڻ تي زمينون ٿيون ملن پر جيئن مون مٿي چيو ته انهي لاءِ خاص هنر ۽ تجويز گهرجي، جا ڪم نصيبي سان مون کي نه آئي، جي اها معلوم به ٿي ته به انهي جي تعميل جي همٿ نه ٿي ۽ نه انهي لاءِ دل شاهدي ۽ عقل اجازت ڏني، انهي هوندي به ڪن موقعن تي درٻارين ٿيڻ وقت سکڻن لفظن ۽ گورنرن، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن تعريف پئي ڪئي ۽ وقت جي حآضر ماڻهن پئي ٻڌي، اها به منهنجن ننڍڙن رواجي ۽ معمولي ڪمن جي قدرشناسي هئي جن لاءِ آءُ سندس شڪر گذّار آهيان اهڙا انتخاب به ٻارهين بابت ۾ ڏنا اٿم.
اهي هئا منهنجا سرڪاري ڪم پر جن ڪمن تي آءُ فخر ٿو ڪريان ۽ جي منهنجي طبيت ۽ دفل جي ميل پٺيان آهن سي آهن خانگي ڪم جي هڪڙي معنيٰ سان سرڪاري طرح به شمار ۾ اچي سگهن ٿا، يعني انهن جو واسطو سرڪاري تعليم کاتي سان آهي ۽ انهن مان خلق کي علمي، اخلاقي ۽ روحاني فائدو پهچي سگهي ٿو، اهي آهن جداد جدا مضمونن تي ڪتاب ۽ ليک لکڻ اهي ڪم ننڍي هوندي کان مڪتبن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندي مون پئي ڪيا آهن، اسڪولن ۾ پڙِهندي ڪتاب لکڻ شروع ڪيم ۽ ڪاليج جي عرصي ۾ به لکندو رهيس، ”بيڪنس ايسيز“ ۽ مسز فاسيٽس جي ”پوليٽڪل ايڪانمي“ انهن ڏينهن ۾ ترجمو ڪيم جن لاءِ مون کي تعليم کاتي مان چڱي رقم انعام ملي، ڪاليج ۾ پڙهندي اتي جي شاگردن لاءِ علم عروض ۽ فارسي اشتقاق ۽ صرف نحو تي ننڍڙا ڪتاب لکيم، جي ڇپيا ۽ اتي ڪم آيا، انهي کانپوءِ ڪراچي ۾ رهي ڪي ڪتاب لکيم، ۽ ڪي انگريزي ۽ اردو تان ترجمو ڪيم جي سنڌ مدرسي وارن ۽ ٻين سنڌ جي پريسن يا ڇاپخانن ۽ ڇپايا، نوڪري جي ساري عرصي ۾ ڪتاب لکندو ۽ ترجمو ڪندو رهيس، جن مان ڪي سرڪار جي حڪم پٺيان لکيم جن جي لاءِ مون کي انعام مليو ۽ ڪي ايڊوڪيشنل کاتي ٽيڪسٽ بڪ، پرائيز بڪ لئبريري بڪ ڪري منظور ڪيا، ملن جي مڪتبن جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب خاص ملن ۽ سندس شاگردن جي لاءِ لکيم ۽ ڇپايم، ڪيترا ڪتاب زبانن مڪتبن لاءِ ڪيترا خاص مسلماني مذهبت بابت لکيم، جو مسلمانن ۾ تعليمن جو شوق گهٽ هو ۽ انهي جي ترغيب جي ضرورت هئي، ڪيترا ڪتاب خاص ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت سندن فرمائش موجب لکيم، انهن مان گهڻا نثر ۾ آهن ۽ گهڻا نظم ۾ آهن سنڌي شعر کانسواءِ فارسي ۽ اردو ۽ ترڪي شعر به چيم ۽ ڪي سنڌي ڪافيون به چيم ۽ ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ڪي سنڌي راڳ به چيم، اهي سڀ ڇپيل آهن، ڪڏهن وري خاص سوسائٽين يا جماعتن جي جلسن ۾ لکيل تقريرون ڏنيم يا ٻين جي ڪتابن جي لاءِ ديباڇا ۽ تمهيد لکيم. اهي سب وري ڌار ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪيل آهن، مطلب ته جدا جدا مضمونن تي نظم ۽ نثر ۾ ننڍا وڏا قريب ٻه سئو ڪتاب لکيا اٿم، جي سنڌ جي جدا جدا جاين تي ڇپايا ويا آهن، پهرين ڏينهن جا ڪتاب اڪثر ماستر پوڪرداس شڪاپور واري ۽ ماستر هريسنگهه سکر واري پئي ڇپايا، پوءِ ٻيا پريسن وارا پيدا ٿي ۽ انهن ڇپايا، جيئن ته الحق پريس يا وڪٽوريا پرنٽنگ پريس سکر وارو ۽ قيصر به پريس ۽ اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪيس ۽ پريميئر پريس حيدرآباد وارا ۽ ٻيا ڇپايا ڪي ته وري لاهور ۾ به ڇپيا.
اهي سڀ ڪتاب مون جدا جدا پريسن يا ڇاپڻ وارين سوسائٽين کي سواءِ قيمت وٺڻ جي ڏنا، اهي ڪتاب ڇاپائي ڇاپيل تعداد جي چوٿين حصي تائين ڪاپيون وقت بوقت منهنجي گهرڻ تي مون کي ڏيندا هئا ۽ اڃا ڏيندا آهن، مون پاڻ پنهنجي خرچ تي ڪو هڪڙو ٻه ڪتاب ڇپايو، نه ته ٻيا سڀ ٻين ڇپايا، ڪيترا ڪتاب رياست خيرپور مون کان وٺي پنهنجي سرڪاري پريس ”فيض پريس“ ۾ ڇپايا آهن ۽ اڃا پيا ڇاپين، انهن سڀني ڪتابن جي يا داشت مضمون وار اڳتي ضميمي ۾ ڏني ويندي، انهي کانسواءِ ڪاليج ڊراماٽڪ سوسائٽي لاءِ خاص طرح ڪيترائي شيڪسپيئر جا ناٽڪ سنڌي ۾ لکيم، جي هنن ڇپايا ۽ جسلن جي وقت درخواست يا فرمائش موجب پڙهڻ يا ڳائڻ لاءِ شعر لکي ڏنم، ڪتابن جو تعداد تخميني روءِ مٿي ڏنو اٿم، پر شعر جو تعداد تخميمي روءِ ٻاويهه هزار بيت آهي، جنهن ۾ جدا جدا ڪتابن جو شعر اچي وڃي ٿو، تذڪرن جي ڪتابن ۾ شاعرن جي شعرن يا بيتن جو شمار ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڪن جو ته وزن ٻڌايو اٿن، مثلا مرزا عبدالقادر ”بيدل“ مشهور شاعر جي تصنيف جو وزن پنج سير لکيو اٿن، مولانا رومي جي”مثنوي“ ۽ فردوسي جي ”شاهنامي“ جو ٽي سير، شيخ فريد الدين عطار جي مثنوين جو شعر هڪ لکي بيت آهن ۽ سندس ديوان ۾ چاليهه هزار بيت آهن، ڇهه هزار ته فقط رباعيون اٿس، ڪاشي شاعر جو شعر ه هڪ لکي بيت آهي، امير خسرو دهلوي جو چار لک آهي وغيره، جن مضمونن تي وقت بوقت تقريرون ڏنيم يا تحريرون لکيم تن جي ياداشت به ضميمي ۾ ڏني ويندي.
اهي آهن منهنجا خانگي ڪم جن کي ننڍو يا وڏو سمجهڻ ماڻهن جي ويس ۾ آهي، منهنجا لکيل هيترا ڪتاب جدا جدا پريسن ڇپايا آهن ۽ ماڻهو اهي چاهه مان پڙهن ٿا تنهن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته ماڻهن انهن ڪمن جي قدرشناسي ڪئي آهي ۽ مون کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ مناسب موقعن تي مان ڏين ٿا ۽ پرپٺ تعريف ڪن ٿا، انهي بابت سندن راين جا ڪي ٿورا انتخاب اخبارن مان ورتل ٻارهين باب ۾ ڏنا ويا ويندا.
هاڻي سوال آهي ته انهن ڪمن جي لاءِ مون کي هڪڙو انعام مليو؟ خانگي مانحن جي طرفان انعام اهو هو جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، يعني قدرشناسي، عزت ۽ آبرو ڏيڻ جو ڪيترن جسلن ۽ ڪانفرنس ۾ هنر مهرباني ڪري مون کي پريزيڊنٽ يا صدر مجلس چونڊيو هوندو، هڪڙي ٻن هنڌن تي مهرباني ڪري ائڊريس به ڏنائو جا پڻ يارهين باب ۾ ڏنل آهي عزت ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻهن منهنجي تصوير ڇپائي ڪتابن ۾ يا پوسٽ ڪارڊن تي يا جنتري تي يا ٻي طرح پڌري ڪئي هوندي، هڪڙي ڪراچي جي سيٺ منهنجي وڏي تصوير حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ رکڻ لاءِ موڪلي هڪڙي تصوير بمبئي جي ”ٽائمس آف انڊيا“ ۾ ڏني وئي، جنهن جي هيٺان ”شيڪسپيئر آف سنڌ“ لکيو ويو هو، جن جلسن ۾ پريزيڊنٽ ٿيندو آهيان تن جي گڏيل تصوير ڪڍائيندا آهن.
اها آهي ماڻهن جي صدرداني جي نشاني، سرڪار جي طرفان مون کي ڪنهن به قسم جو خطاب يا لقب ڪو نه مليو آهي، مگر پينشن وٺڻ کان ٿورو اڳي ”قيصر هند“ جو چاندي جو ميڊل يا ٻلو انعام مليو ۽ پينشن وٺڻ کانپوءِ وائسراءِ جي طرفان ۽ سندس صحيح سان ”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ مليو جنهن جو نقل به يارهين ياب ۾ ڏنو ويو آهي، پبلسٽي ڪاميٽي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪمشنر صاحب آفرين نامو ۽ هڪڙي سوني واچ انعام ڏني، ( ڏسو باب 12 نمبر 57) سرڪار مان اسان ڀائرن کي پنهنجي ڪٽنب جي قدامن ۽ آبرو کي نگاهه ۾ رکي نوابشاهه ضلعي ۾ نصرت واهه تي پنج سو ايڪڙ زمين انعام ملي، جا اڃا تائين اسين آباد ڪرائيندا اچون، سن 1924ع جي جنوري مهيني جي پهرين تاريخ مون کي ”شمس العلماءِ“ جو لقب مليو وائسراءِ جي سيڪريٽري گورنر بمبئي جي سيڪريٽري، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ٻين يورپي توڙي مسلمان ۽ هندو دوستن جا مبارڪبادي جا خط آيا، جن مان ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا، اخبارن ۾ انهي بابت تعريف لکيل هئي، هڪڙي ماهياني زمينداري جنوري واري مخزن ”غنچه اميد“ ۾ منهنجي تصوير به ڏني وئي ۽ انهي هيٺان ”مخلص“ شآعر جو هڪڙو شعر به ڇپايو ويو ۽ مسٽر عيدنمل منگهراج بي، اي، ايل، ايل، بي ايڊيٽر جو مختصر نوٽ به ڏنل هو، جو پڻ ڏنو ويو آهي.