سائو پن يا ڪارو پنو/باب ٻيو

سائو پن يا ڪارو پنو (1965)
by مرزا قليچ بيگ
باب ٻيو: منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۽ ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم جو احوال
320178سائو پن يا ڪارو پنو — باب ٻيو: منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۽ ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم جو احوال1965مرزا قليچ بيگ

آئون ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ پنهنجي پيءُ واري جهوني گهر ۾ ڄائو هوس، اها سن 1270ع هجري (1853ع) جي محرم مهيني جي 4 تاريخ هئي، ناني منهنجو نالو ”قليج خان“ رکيو جو وڏي هوندي قليج بيگ ٿيو، ايلفنسٽن ڪاليج ۾ وڃڻ کانپوءِ پروفيسر ميرزا حيرت مون کي ”قليج بيگ“ سڏڻ لڳو، انهي کانپوءِ ”خان“ جي بدران بيگ نالي ۾ تائم ٿي ويو، منهنجي ڄمڻ جي تاريخ جو مادو ابجد ۾ ناني ۽ بابي جو چيل ۽ انهي بابت ڪجهه ذڪر منهنجي هڪڙي شعر ۾ آهي، جو باب 11 ۾ ڏنو ويندو. (ڏسو شعر نمبر 3 باب 11).
امان چوندي هئي ته جڏهن آءُ ڄائس تڏهن منهنجون اکيون اهڙيون اڇيون هيون جو اکين جا تارا ڏسڻ ۾ ئي نٿي آيا، جنهن ڪري شڪ پين ته ڏسي نٿو سگهان، نانو مرحوم جو بيمار پيل هو، تنهن کي اڳا ڳالهه ٻڌايائون، تنهن چيو ته سج ڏي منهن ڪري ڏسوس ته اکيون پوري ٿو يا نه؟ ائين ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ڏسان ٿو ۽ مادرزاد انڌو ناهيان، ٻاراڻيس وهي ۾ چون ٿا ته آءُ تمام ٿلهو هوس، جنهن ڪري بادل فراش جو چرچائي مشهور هو، سو مون کي ”گهوٻاٽو“ ڪري سڏيندو هو، ڏهين ٻارهين ورهيه کانپوءِ ٻين ڀائن هاٺي ڦري سنهي ٿيڻ لڳي، اڳوڻي دستور موجب ڄمڻ سان ڪا کير پيارڻ واري دائي رکندا هئا، مون کي شروع کان ڀاڳل نالي پخالڻ کير پياريو هو، منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قلي کي شريفان حجامڻ کير پياريو هو، جڏهن ننڍي هوندي آءَ ڪا حرڪت ڪندو هوس تڏهن زالون چونديون هيون ته هن پخالڻ جا ببا ڌاتا آهن، تڏهن ٿو ائين ڪري، اهي پخالي مهاڻا هوندا هئا، جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي راند ڪندي پاڻ ۾ تڪرار ڪندا هئاسين تڏهن هو مون کي ”پاڳل “ يا مهاڻي چئي چيڙائيندو هو ۽ آءُ هن کي ”شريفان“ يا ” حجامڻ“ چئي چيڙائيندو هوس، دائي مريم حيدرآباد واري مون کي ڄڻايو هو جا تمام پيرسن زال هئي ۽ اسان جي ڪثنب جي دائي هئي، ننڍي هوندي جڏهن آءُ دائي کي چيڙائيندو هوس ۽ سندس هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو نقل ڪندو هو تڏهن ڪاوڙجي چوندي هئي ته ”ماٺ ڪر نه ته جيان آندو اٿمئين اوڏي وري روانو ڪنديسئين، منهنجو چٽي وارو پهريون پهراڻ اڃا موجود آهي ۽ جڏهن ڪو مون کي ٻار ٿيندو آهي تڏهن دعا لاءِ پهرين انهي کي ڍڪائيندا آهن.
امان چوندي هئي ته ننڍي هوندي آءُ ڏاڍو معاملائي هوندو هوس ۽ ڏاڍي هوڏ ۽ تيسو ڪندو هوس ۽ معاملا به اجايا ۽ بيمعنيٰ ڪندو هوس، پر ٻن ڀيڻن کانپوءِ ڄائو هوس، تنهن ڪري مائٽن کي ڏاڍو پيارو هوس ۽ اهي منهنجا ناز ۽ انگل کڻندا هئا ۽ ڪنهن به طرح مون کي رنج ڪرڻ نه گهرندا هئا، چون ٿا ته بعضي اڌ رات جو اٿي معاملو ڪندو هوس ۽ ڏمچر مچائيندو هوس، هل ته نانو مرحوم پنهنجي گهران ماڻهو موڪلي پڇندو هو ته ”ٻار کي ڇو ٿا رئاريو“ جيئن چوي تيئن ڪريو يا جيڪي گهري سو ڏيوس، پر گهڻو روئڻ نه ڏيوس، خواب ڏسي اٿندو هوس ۽ رپيا يا ڪي ٻي راند جي شئي جا خواب ۾ ڏٺي هونديم سا گهرندو هوس، آڻيي ڏيندا هئا ته چوندو هوس ته ”اها نه ٻي“ انهي طرح ڪيتريون ئي شيون اچي گڏ ٿينديون هيون پوءِ ماٺ ڪندو هوس، وڏي هوندي تائين مائٽن مون کي اها نه ٻي چئي ٽوڪيندا هئا، مائٽ ۽ اولاد جي مثال لاءِ منهنجو شعر آهي.

چيو ميوي کي پنهنجي ڪهڙي وڻ هيئن.
ته پنهنجي لاءِ ٽڙيون مکڙيون ۽ گل ڪيئن؟
پچي تون راس ٿين مون مان اي دلبر!
ڪچو آءُ ٿو رهان، ٿم حال ابتر.
اهو مائٽ جو ۽ اولاد جو حال.
رهن خوشحال نت هي ۽ هوبدحال.

بعضي رات جو سيءَ ۾ هنگڻ ايندو هو ته چوندو هوس ته امان ڪپڙا لاهي، ٻاهر ميدان ۾ هلي ويهي هنگائي ڪيترو ئي سمجهائيندا هئا ته به نه مڙندو هوس، آخر لاچار ٿي امان ويچاري مون کي راضي رکڻ لاءِ ائين به ڪندي هئي، اڃا مون امان جو کير پئي پيتو ته ادو علي قلي ڄائو، انهي کي به ماءُ جي کير پيئڻ جو حق ٿيو، پر آءُ اهڙو معاملائي هوس، جو هن کي اما وٽ اچڻ ئي نه ڏيندو هوس، بلڪه انهي جاءِ ڏسندو هئس، ته معاملا ڪري ڪڍائيندو هوسانس، امان لڪي ڇپي هن کي کير پياريندي هئي، اگرچه هن کي ٻي کير پيارڻ واري دائي به هئي سگهوئي پوءِ مون ي به کير ڇڏايائون.
ننڍي هوندي منهنجي حرڪتي هئڻ جومٽال هڪڙو هي بس آهي ته هڪڙي ڀيري سياري ۾ اسين سڀئي بخاري وٽ باهه تي ويٺا هئاسين، مون سنهڙيون ڪاٺيون يا تيليون باهه ۾ دکائي هٿ سان پئي لوڏيون ۽ ٻين ڀائرن کي پئي هنيم، باهه وٽ ڪو وڏو ويٺل نه هو، اوچتو ادي مرزا غلام رضا بيگ جي ڪپڙن کي باهه لڳي وئي ۽ جيسين دانهن ڪوڪ تي ڪو وڏو ڊوڙي آيو تيسين هن کي باهه وڪوڙي ويئي، مشڪلات سان باهه اجهايائون، ليڪن ادي مرحوم جا پٺا تمام سڙي پيا ۽ انهي ڪري هو مهينا بيمار پيو هو ۽ ڊاڪٽرن علاج پئي ڪيس، ڇٽڻ کانپوءِ به سندس سڄا پٺا سڙيل رهيا ۽ پڇاڙي تائين پهراڻ لاهڻ مهل اهي داغ ڏسڻ ۾ پيا ايندا هئا.
امان چوندي هئي ته نانو ۽ بابو مون کي ڏاڍي دعا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن تي بادشاهه جو نالو آهي ۽ هي هوشيار ۽ بخت وارو ٿيندو، اڃا ننڍڙو هوس ته لکڻ پڙهڻ جو مون کي شوق پيدا ٿيو، ٻيا سڀ ٻار راند روند ڪرڻ ويندا هئا پر آءَ ڪاغذ، قلم ۽ مس کڻي ويهي ليڪا ڪڍندو هوس، ماڻهن کي عجب لڳندو هو ته هن کي ٻين وانگي ڇو ٻي راند جو شوق ڪو نه ٿو ٿئي، انهي شوق وڌائڻ لاءِ امان مون کي رنگ برنگ جا پنا ۽ قلمدان ۽ ڪمانگري فرهي وٺي ڏيندي هئي، هڪڙا ڪاغذ پيو لکندو هوس ۽ ٻيا پيو ڦاڙيندو هوس، جڏهن ٿورو وڏو ٿيس تڏهن ياد پويم ٿو ته ادي مرزا علي قلي سان توڙي ٻين ٻآرن سان لڪ لڪوٽي يا ڪنگر ڪلُوٽو يا تيزي جي راند يا کينهون ۽ چڌڻ جي راند ڪندو هوس، پر سو به اڪثر گهر ۾ ٻاهر بلڪل ٿوري راند ڪندو هوس پتن سان به راند ياد اٿم، وڏي هوندي ٿوري شطرنج سکيس، بس ٻي راند ڪا نه ڪيم، پر وڏي هوندي اصل ڪنهن به راند يا شڪار جو شوق ڪو نه رکيم، جو منهنجن ٻين ڀائرن کي گهڻو هو، باقي لکڻ پڙهڻ جي راند ۽ ڪتابن لکڻ ۽شعر چوڻ جو شوق ۽ مشغولي ننڍي هوندي به هئي ۽ اڃا تائين هلي اچي.
جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيس تڏهن پهرين پنهنجي ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾ پنهنجي آخوند محمد شفيع وٽ ويٺس، جتي منهنجا وڏا ٻه ڀائر ۽ ٻيا ماروٽ به پڙهندا هئا، جڏهن منهنجا وڏا ڀاءَ انگريزي اسڪول ۾ ويهاريا ويا ۽ مون به قرآن پورو ڪيو، تڏهن مون کي ۽ ادي مرزا علي قلي کي حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ ويهاريائون، اسين سڀ ڀاءُ جوڙو جوڙو ٿي گڏ پلياسين ۽ پڙهياسين، تنهن ڪري اسان جي جوڙي جوڙي جي سنگت پڇاڙي تائين هلي آئي، ادو مرزا غلام رضا ۽ ادو مرزا صادق علي گڏ پڙهيا، آءُ ۽ ادو علي قلي گڏ پڙهياسين، ادو مرزا جعفر قلي ۽ نجف قلي گڏ پڙهيا، فقط ادو حيدر قلي اڪيلو پڙهيو، پر پوءِ سگهو ئي وري هو ۽ ادو نجف قلي گڏ رهڻ لڳا ۽ گهاٽا سنگتي ٿيا.
اسين سڀ واري سان شهر حيدرآباد جي اسڪولن ۾ پڙهياسين، اسان جو ڳوٺ شهر کان ٻه اڍائي ميل پنڌ ها هو، اهو پنڌ ننڍي هوندي کان ڪندا آياسين، صبح جو سويل هڪڙي ماني کائي ٻي ٻنپهرن لاءِ مزدورن وانگي ساڻ ٻڌي گهران نڪرندا هئاسين، هڪڙو ڪراڙو نوڪر اسان سان گڏ هلندو هو پهرين اسن جو استاد آخوند ولي محمد هو، صبح جو سوير اسين هن جي اوطاق تي ويندا هئاسين ۽ اتي پڙهندا هئاسين، پوءِ ڏهين بجي ڌاري آخوند صاحب سان گڏجي سنڌي اسڪول ۾ ويندا هئاسين، ٻنپهرن جو اتي ماتي کائيندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن نانوائن کان ٻوڙ گهرائيندا هئاسين، يا روچي ڪوفتائي کان يا ڇتي دال واري کان ڪوفتا ۽ دال وٺي پنهنجي ماتي سان کائيندا هئاسين، سڄو ڏينهن پڙهي وري شام جو نوڪر سان نڪرندا هئاسين ۽ سج لٿي ڌاري ڳوٺ ايندا هئاسين، اها اچ وڃ انهي عمر م به پيادا ڪندا هئاسين، پوءِ آرڙهه جي گرمي، سياري جي سي واءُ ۾ ۽ سانوڻ جي مينهن ۾ به ڪندا رهند هئاسين، ڪيترا دفعا مينهن ۾ ڀڄي گهر پهتا هونداسين، نوڪر ساڻ هوندو هو، تنهن ڪري مائٽن کي انتظار ڪو نه رهندو هو، ڪن ڏينهن کانپوءِ وري قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو مخدوم، سنڌي اسڪول ۾ اسان جو هيڊماستر ٿيو، جو سنڌي ۽ ٻيا درجي جا ڪم سيکاريندو هو، تڏهن اسڪول ۾ فارسي به پڙهائينداهئا ۽ گلستان، بوستان، انوار سهيلي ۽ سڪندر نامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب اسان اتي پڙهيا، بلڪه قاضي حاجي احمد وٽ آءُ عربي به پڙهيس، اسان کي آخوند يا قاضي يا ٻئي ماستر ڪڏهن به مار ڪا نه ڏني، هو ڏاڍي عزت ۽ آبرو سان پڙهائيندا هئا ۽ اسين به شوق ۽ محبت سان پڙهندا هئاسين، آخوند ولي محمد جي هڪڙي چماٽ ۽ هڪڙي چهنڊڙي ران ۾ اڃا تائين ياد آهي، قاضي صاحب تاڪيد سان نماز پڙهائيندو هو ۽ روزا رکائيندو هو ۽ قرآن جتي ختمي وقت حاضر رهڻ جو تاڪيد ڪندو هو، جنهن ڪري ننڍي هوندي کان قرآن نماز ۽ روزي جو تاڪيد رهندو هو، ۽ گهر ۾ مائٽن جو به سعيو هوندو هو، جو اهي پاڻ به اها مشغولي رکندا هئا، انهي طرح ننڍي هوندي کان ئي اسان کي نماز جي عادت پيئي ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ به چالاڪ ٿياسين، سنڌي اسڪول ۾ فارسي ۽ سنڌي ۾ آءُ ڏاڍو هوشيار هوندو هوس ۽ گهڻا انعام مليم، جي گولڊ سمڊ صاحب ۽ مور صاحب ۽ پوءِ نارائڻ جگنناٿ هٿ سان ڏنا، جن ۾ بابو به حاضري رهند هو.
اسڪول ۾ پڙهندي راڳ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سرنداين کان سرندو وڄائڻ سکيس ۽ ڳائڻ به پوءِ ستار وڄائڻ سکيس، جا ڪاليج ۾ پڙهندي به پيو وڄائيندو هوس، محرم ۾ شهر منجهه چڱا مرثيا پڙهندا هئاسين، ماڻهو شوق مان ٻڌندا هئا.
مٿي چيو ويو آهي ته ننڍي هوندي مون کي راند جو گهڻو شوق نه هو پر پڙهڻ لکڻ ۽ ڪاغذن ڪارن ڪرڻ جو گهڻو شوق هوندو هو رڳو لکڻ پڙهڻ جو به مگر خاص طرح شعرچوڻ جو به شوق هوندو هو، مون کي ياد آهي ته ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ ڪوڙا سچا بيت ٺاهي ناني مرحوم وٽ کڻي ويندو هوس، نانو بيمار هوندو هو کٽ تي ستو پيو هوندو هو، مون کي گهرائي چوندو هو ته ابا مون کي پنهنجو شعر ٻڌاءِ، پور آءَ پڙهندو ويندو هوس، تنهن کي چوندو هو سا پستا، ڪشش، باداميون يا ڪو ٻيو اهڙو ميوو کني ايندي هئي، اهو هو مون کي ڏيندو هو ۽ شابس ڏيئي روانو ڪندو هو، جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويس، تئين تئين سمجهه جهڙا سنڌي شعر چوندو هوس، ڪڏهن فارسي به چوندو هوس، گهڻو ڪري کل مسخريءَ ۽ چرچي جهڙا شعر چوندو هوس، اڪثر گهر جي ڳالهين بابت چوندو هوس، جن ۾ بابي ۽ امان ۽ ڀائن ڏي اشارن ڏيڻ کان به نه رهندو هوس، ڏينهن جو ٺاهي رکندو هوس رات جو جڏهن سڀ ماني کائي ويهندا هئا تڏهن آءُ ويهي پڙهندو هوس ۽ بابو، امان ۽ ٻيا سب ويهي ٻڌندا هئا ۽ ٽهڪ ڏيئي کلندا هئا، انهن ڏينهن جا ڪي شعر اڃا مون وٽ موجود آهن ۽ظاهري ڪري وزن ۾ پورا ۽ موچارا چڱا آهن، ڪي غزل ۽ مرثيا به ننڍي هوندي جوڙيم، جي بابي کي پسند ايندا هئا ۽ انهن ۾ پاڻ اصلاح ۽ درستيون به ڪندو هو، جڏهن مرحوم مير حسين علي خان يا آغا زين العابدين شاهه يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو ملاقات لاءِ يا مهمان ٿي ايندو هو تڏهن بابو مون انهن کي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو ۽ هو تعريف ڪندا هئا ۽ مون کي شابس ڏينداهئا، بابي کي تعويذ لکندو هو ۽ فالون وجهندو ڏسي مون کي به اهڙن ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو، ياد اٿم ته ڪيترن ماڻهن کي تعويذ لکي ڏيندو هوس ۽ اهڙو ويساهه انهن ۾ پيدا ٿيو ته اهي لڳن ٿا، جو تعويذن لاءِ پنج پئسا يا پائي پئسو ضرور نذر ڏيندا هئا، اها خرچي به نڪرندي هئي، بعضي ماڻهو ته انهي اڳوڻي عادت جي نظر تي اڃا تائين فال وجهڻ لاءِ چڱي ڏينهن ڪڍڻ يا تعويذ لکڻ لاءِ چوندا آهن، بابو مون کي فارسي ڪتابن نقل ڪرڻ جو به ڪم وٺندو هو، جو پاڻ به ڪندو هو ۽ انهي ۾ آءُ هن کي چڱي مدد ڏيندو هوس، انهي ڪم ڪندي منهنجا اکر تمام چڱا ٿيڻ لڳا، مطلب ته گهر جي يا خانگي منشگيري ننڍي هوندي کان منهنجي حوالي هوندي هئي، بلڪه پاڙي اوڙي ۾ به جي ڪنهن کي خط پٽ، مرثيو، منقبت يا مدح لکائڻي هوندي هئي ته مون کان اچي لکائيندو هو، انهي ڪري منهنجو علمي مايو يا خوشخطي زياده ٿيندي ويئي.
بابي جي مون سان ايتري محبت هئي ۽ مون کي به سندس صحب ايتري قدر وٺندي هئي جو اڪثر ساڻس گذاريندو هوس، ڏينهن جو به فرصت وقت سندس جاءِ ۽ ٻيا ٻار راند تي ويندا هئا تڏهن آءُ ساڻس گڏ ويندو هوس، جي پاڻ ميان عافيت جي اوطاق ۾ شطرنج راند ڪرڻ ويندو هو ته آءُ به ساڻس گڏ ويندو هوس ۽ هنن جي راند ڏسندو هوس ۽ جيڪي ساريون ماري رکندا ها انهن سان ويٺو راند ڪندو هوس، رات جو بابي سان گڏ هڪ کٽ تي سمهندو هوس، سندس وفات تائين ائين ڪندو هوس، رات جو جڏهن بابو اچي ليٽندو هو تڏهن آءُ ويهي کيس زور ڏيندو هوس، پوءِ جڏهن ننڊ ايندي هيم تڏهن سندس پاسي ۾ سمهي رهندو هوس، ڏينهن جوآرڙهه ۾ جڏهن بابو آرام ڪندو هو تڏهن کيس پکو ويهي هڻندو هوس يا جهلي ڇڪيندو هو ۽ دعائون ڪندو هو ۽ ڪيتريون ڪتابن جو ڳالهيون يا بيت ٻڌائيندو هو، يا پنهنجي وطن جو احوال ۽ ننڍي هوندي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، انهي بابت منهنجو هي بيت آهي.

فيض جيڪي مون کي ٿيو حاصل، سو پنهنهجي پيءُ کان،
رات جو ٿي گڏ ستس جنهن سان ۽ ويٺس ڏينهن جو.

ننڍي هوندي مون کي خوشطبعي ۽ مسخري ۽ چرچيبازي ڪرڻ جي عادت هوندي هئي، مسخريون يا نقلون به تمام عمديون ڪندو هوس، جنهن ڪري بابو ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي توڙي ٻيا ملاقاتي گهڻو کلندا هئا، ياد اٿم ته بابو ايترو کلندو هو جو اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هوس، پوءِ چوندو هو ته هيءُ ڇوڪر جڏهن وڏو ٿيندو ته پرڻبو تنهن پنهنجي زال ۽ ٻارن سان به چرچن ڪرڻ کان نه رهندو، منهنجو ڪهڙو ڪتاب ”هزليات“ نالي آهي، جنهن ۾ منهنجا سب چرچي ۽ ظرافت جا شعر لکيل آهن، جيئن شيخ سعدي جو رسالو ”مضحڪات“ آهي، نه رڳو زباني چرچا ڪندو هوس پر ٻين ماڻهن جون نقلون، سانگ ۽ ناٽڪ به ڪندو هوس ۽ ڪپڙا بدلائي ٻي صورت ڪندو هوس، هڪڙي ڀيري ڪنهن فقيرياڻي کي خيرات ڏنيم، اها خوش ٿي بابي ۽ امان جي روبرو مون کي دعا ڪيائين، ته ابا شل تو منهنجا گهڻا ڏار ۽ ٽار نڪرندا، هن جي وڃڻ کانپوءِ لڪي وڻن جون ٽاريون پنهنجي سجھي بت تي تجويز سان اٽڪائي لڪي اوچتو نڪري اچي سندس اڳيان بيٺس ۽ چيم ته ڏسو مون کي فقيرياڻي جي دعا جهٽ ۾ لڳي آهي، اهڙين مسخرين ۽ چرچن جي ڪري ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو هوس ۽ وڏي هوندي به جڏهن ڪا دوستن ۽ عزيزن جي مجلس ٿيندي هئي ۽ آءُ ايندو هوس تڏهن چوندا هئا ته هاڻي سڀئي کلنداسين يا چوندا هئم ته هاڻي اسان کي کلاءِ.
سنڌي اسڪول ۾ پڙهندي هڪڙي هندستاني ڇوڪري رستم خان نالي سان منهنجي دوستي ٿي، هو منهنجو همعمر ۽ همسبق هو، حسن خان جو پٽ هو، اصل سورت شهر جو هو ۽ محمد فاضل، منصف حيدرآباد واري جو مائٽ هو، اڪثر آچر جي ڏينهن هو اسان جي گهر ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن آءُ به سندس گهر ويندو هوس ۽ هن جي ماءُ مون کي گهڻو پيار ڪندي هئي، تيئن منهنجي ماءُ وري هن کي پيار ڪندي هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪرسين ميزن جو رواج ڪو نه هو، ڪرسين جي بدران اڪثر پٺ جي ٽيڪ واريون مجيون ڪم اينديون هيون، ڪاٺ جي ڪرسي وارڻ سان واڻيل کي گاديل، چوندا هئا، اهڙي هڪڙي ڪرسي ميرن جي صاحبي واري اسان جي گهر ۾ هوندي هئي، اسڪول ۾ ڪرسيون ۽ ميزون ڏسندا هئاسين جڏهن رستم خان مون وٽ ايندو هو تڏهن آءُ ڀانئيندو هوس ته گهر ۾ ڪا به ميز ڪرسي رکي ويهون ۽ انهي تي لکون پڙهون ته چڱو، اسين هڪڙي ننڍڙي ڪوٺي ۾ ڌار ويهندا هئاسين ۽ اها گاديل ۽ ڪا ٻي صندوق رکي ڪرسي ڪري ڪم آڻيندا هئاسين ۽ ميز جي لاءِ گهڙامنجي وچ تي رکي انهي جي مٿان در جو طاق يا ڪو ٻيو تختو رکي معس ڪپڙو وجهي ميز ٺاهي انهي تي ويهي کلندا هئاسين.
اٺن نون ورهين جي عمر ۾ سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ وقت هڪڙي چوري ڪيم، سا اڃا تائين مون کي ياد آهي، نوڪر سان گڏ فقيري جي پڙ مان لنگهي اسڪول ڏي وياسين، هڪڙي هٽ تي بيهي نوڪر ڪا شيءَ ٿي ورتي، اکروٽن جو ٿالهه ڀريو، هٽ جي ڪناري تي رکيو هو، واڻيو نوڪر سان مشغول هو مون کي اکروٽن جي لالچ ٿي، واڻئي نٿي ڏٺو مون ٻه اکروٽ کني پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا، پوءِ نوڪر سان گڏجي بازار ڏيئي اسڪول ڏي هلياسين جڏهن بازار جي اڌ ۾ سرور جي قبي وٽ آياسين تڏهن پٺيان اهو واڻيون به اچي پهتو، شايد ڪنهن ٻئي مون کي اکروٽ کڻندي ڏٺا هئا تنهن کيس ٻڌايس، مون کي چيائين اکروٽ کنيا اٿئي سي ڏي! مون ماٺ ڪري کيسي مان ٻيئي اکروٽ ڪڍي ڏنس ۽ هو هليو ويو، آءُ ڏاڍو ڦڪو ۽ پشيمان ٿيس، اڄ تائين اها چوري ياد ڪري پشيمان ٿيندو آهيان، جڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪي اکروٽ ڏسندو آهيان تڏهن اها ڳالهه ياد پوندي اٿم ۽ انهي ڪري اکروٽ اصل ڪين کائيندو آهيان ۽ وٺندا به نه اٿم، شڪر ڪندو آهيان ته اهي ٻه اکروٽ هڪدم کائي نه ڇڏيم ۽ اها چوري به نه ڦٻيم ۽ حق مالڪ کي مليو.
جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي سنڌي اسڪول جي پهرين ڪلاس يا مٿئين درجي ۾ آياسين تڏهن ادو مرزا صادق علي بيگ جو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، سو اسان ٻنهي کي گهر ۾ انگريزي پڙهائڻ لڳو، سگهوئي پوءِاسين به ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ وڃي ويٺاسين، اسان اڳئي ٻه ڪتاب انگريزي گهر ۾ پڙهيا هئا تنهن ڪري اسان کي هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائون ۽ سگهو ئي پهرين ڪلام ۾ آياسين، هيڊ ماستر مسٽر لڪشمن وشنو مرهٽو هو، انهي اسڪول ۾ اسان چڱو نالو ڪڍيو ۽ چال چلت اهڙي چڱي رکيسين جو ماستر اسان جي تعريف ڪندا هئا، مون کي ياد آهي ته آءُ هميشه پهريون نمبر ويهندو هوس ۽ ساري ڪلاس ۾ بلڪه ساري اسڪول ۾ ۾ سڀني کان زيادهه هوشيار ليکبو هوس، انهي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي عمارت اها آهي جتي هاڻي هاءِ اسڪول آهي، اتان چڙهي پوءِ اسين هاءِ اسڪول ۾ آياسين جا تڏهن ڪلاڪ واري عمارت ۾ هئي، جتي هاڻ ٽريننگ ڪاليج آهي، تڏهن هيڊ ماستر مسٽر وهامن اباجي مووڪ هوندو هو،ڪ پوءِ مسٽر ڪيشوراءِ هيڊ ماستر آيو ۽ مسٽر راما ڪنٺ پهريون اسسٽنٽ هو، گهڻي پنڌ تان ايندا هئاسين ۽ شام جو دير سان موٽر گهر ويندا هئاسين، تنهن ڪري سبقن يا ڪرڻ جو وجهه نه ملندو هو ۽ اسان جي ڪوشش اها هئي ته سبق برابر ياد ڪريون ۽ مٿي وڍون جيئن هيٺئين انگريزي اسڪول ۾ نالو ڪڍيوسين، تئين هاءِ اسڪول ۾ به نالو ڪڍون، تنهن ڪري شام جو چئين پنجين بجي موڪل ملڻ ۽ اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ اسڪول جي در وٽ دڪي تي ويهي ٻئي ڏينهن جي سبق جون معنائون ڪڍي ۽ ياد ڪري گهڻو ڪم لاهي ڇڏيندا هئاسين، جڏهن اونداهه ٿيڻ لڳندي هئي تڏهن اتان هلندا هئاسين ۽ ڏين ٻرڻ مهل گهر ايندا هئاسين، پوءِ ماني کائي ٿڪ ڀڃي وري رات جو ويهي پڙهندا هئاسين، تڏو وڇائي وچ تي شمعدار يا ڏياٽي رکي يا دلو اونڌو ڪري انهي تي ڏيو رکي ويهي پڙهندا هئاسين، تڏهن ڪروسن تيل ڪو نه هو، ڪڙو تيل ٻرندو هو، بتيون ۽ چمنيون به عام نه هيون، اسان جونڀيڻون به اتي ويهي پڙهنديون هيون، بلڪه پاڙي جون ڪي عزيز ڇوڪريون به اتي اچي پڙهنديون هيون، انهن کي امان پڙهائيندي هئي، اڪثر قرآن ۽ سنڌي پڙهنديون هيون، صبح جو وري سياري ۾ اس تي ٿڏو وجهي ويهي پڙهندا هئاسين ۽ جڏهن اسڪول ڏي وڃڻ جو وقت ٿيندو هو تڏهن سنبري هليا ويندا هئاسين، ڪلاڪ گهڙيال ام نه هئا، هڪڙو وڄڻ وارو وڏو ڪلاڪ ناني مرحوم وٽ هوندو هو، جنهن کي اٺين ڏينهن ڪنجي ايندي هئي، پهرين ڏينهن ۾ مون کي ياد آهي ته ماستر وشنو گهنشام آچر جي ڏينهن ايندو هو ۽ اهو انهي کي ڪنجي ڏيئي ڪوڪ ڪندو هو، بابي وٽ هڪڙي سوني واچ هئي، جا بمبئي کان آندي هئائين، ۽ اڪثر رات جو پنهنجي سيراندي رکي سمهندو هو، اسان ٻارن وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڀت تي ڪاٺي کوڙي ان جي پاڇولي جا نشان ڪري ڇڏيا هئا، انهي تي ڪلاڪ شمار ڪندا هئاسين، ڇنڇر جي ڏينهن تمام سويل وڃڻو ٿيندو هو، ۽ آرڙهه ۾ وقت ڦرڻ ڪري هر روز صبح جو سوير اٿڻو ٿيندو هو. دائي گلچمن ويچاري اڌ رات جو اتي اٽو پيهي ماني پچائي ڏيندي هئي، سا انبن سان يا مربي سان يا ڪنهن ٻي شي سان کائي اسڪول روانا ٿيندا هئاسين، چاءِ جو تڏهن رواج عام نه هو، نانو ۽ بانو ڪڏهن ڪڏهن پيئندا هئا ۽ چاءِ بمبئي مان گهرائيندا هئا، جا سوکڙي ٿي ايندي هئي، چاءِ ۾ تڏهن کير ڪين وجهندا هئا، ليڪنکير کان سواءِ ئي لذت جهڙي ٿيندي هئي، اهڙي لذت هينئر جي چاءِ مان نٿي اچي.
گهر ۾ اسين سڀ گڏجي ماني کائيندا هئاسين، ماني هيٺ گلم يا تڏي تي کائيندا هئاسين، بابو، امان، ڀائر ۽ ڀيڻون سڀ گڏجي ويهندا هئاسين، بابي کي ڀاڄي گهڻي وڻندي هئي ۽ ليمو يا ٻي کٽاڻ به گهڻي وڻندي هئي، گوبي ۽ سالڊ عام نه هئا، پر بابو سرڪاري باغن مان گهرائيندو هو ۽ ”سالڊ“ جنهن کي ”ڪاهو“ سڏيندا هئا، سو بابو شڪنجبين سان گڏي کائيندو هو، آچار ۽ مربا بابو تمام چڱا گهڻا جوڙيندو هو، جي ماني وقت ڪم ايندا هئا، بلڪه سرڪو به پنهنجن هٿن سان پاڻ جوڙيندو هو، مٽن ۾ ٺاهي زمين ۾ پوري ڇڏيندو هو ۽ چاليهن ڏينهن کانپوءِ ڪڍي آچار يا کائڻ جي ڪم آڻيندو هو.
آءُ اسڪول ۾ انگريزي پڙهندو هوس، مگر گهر ۾ مون کي بابو فارسي ۽ عربي پڙهائيندو هو، شعر جا ڪتاب خاص طرح حافظ، صائب، بيدل جا ۽ شاهنامو وغيره پاڻ پڙهندو هو ۽ ‎آءُ ٻڌندو هوس، ڪٿي ڪٿي وري مون کي سمجهائيندو هو، انهي ڪري گهر ۾ فارسي لکڻ پڙهڻ جي مون کي استعمالي چڱي ٿيندي هئي، آءُ وري گهر ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ کي فارسي پڙهائيندو هوس، هوءَ گلستان، بوستان ۽ ٻيا ڪتاب پڙهي ۽ سنڌي چڱي طرح لکي پڙهي ويندي هئي، وري جيئن ادو مرزا صادق علي بيگ گهر ۾ پهرين اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو، تيئن آءُ وري ادي جعفر قلي ۽ نجف قلي کي گهر ۾ اڳواٽ انگريزي پيو پڙهائيندو هوس، جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي سنڌي اسڪول مان نڪري انگريزي اسڪول ۾ وياسين، تڏهن ادو جعفر قلي ۽ نجف قلي وري جوڙي ٿي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لڳا، جن سان خميسو يا يوسف يا ٻيو نوڪر ايندو ويندو هو.
انگريزي هاءِ اسڪول ۾ جيئن ادي مرزا صادق علي بيگ پڙهڻ ۽ چڱي چال ۾ نالو ڪڍيو ۽ پوءِ بمبئي ڪاليج ۾ ويو، تيئن وري مون پنهنجي واري اسڪول ۾ نالو ڪڍيو ۽ هن وانگي امتحانن ۾ مٿي آيس ۽ وڏا وڏا انعام کٽيم، ماستر ڪيشوراءِ هيڊ ماستر مون کي گهڻو ڀائيندو هو، اسين ٻيئي ڀائر صبح جو سويل گهران هلي ماستر جي گهر ايندا هئاسين، اتي هو اسن کي خانگي طور پڙهائيندو هو، ڏهين بجي ڌاري ساڻس گڏجي اسڪول ۾ ايندا هئاسين، سڀ ڪنهن ڪلاس ۾ هميشه مٿي نمبر رکندو هوس ۽ اڪثري پهرين رهندو هوس، جڏهن ڪو صاحبلوڪ يا ڪو وڏو ماڻهو اسڪول ڏسڻ ايندو هو تڏهن ماستر انهن سان منهنجي بابت ذڪر ڪندو هو ۽ جيڪي مضمون منهنجا انگريزي ۾ لکيل هوندا هئا، سي هنن کي ڏيکاريندو هو، اسڪول ۾ پڙهندي پادر مسٽر شرٽ جي مڊم وٽ انگريزي ميوزڪ يا راڳ پيو سکندو هوس، مسٽر ۽ مسز شرٽ مون تي نهايت مهربان هوند هئا ۽ پڇاڙي تائين اهڙا هليا آيا.
پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ يعني سن 1887ع ڌاري ادو مرزا غلام رضا بيگ هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر ٿيو هو ۽ فارسي پڙهائيندو هو، اسي رپيا پگهار ملندو هوس، مون کي فارسي اڳ ئي ايندي هئي، تنهن ڪري مئٽريڪيوليشن ۾ عربي جو ارادو ڪيم ۽ پنهنجي منهن پيو پڙهندو هوس ۽ مشڪلاتون حآجي قاضي احمد سنڌي اسڪول جي هيڊ ماستر کان حل ڪرائيندو هوس، پر پوءِ سگهوئي ادو مرزا غلام رضا بيگ ميرپور خاص جي ميرن جو ماستر مقرر ٿيو ۽ سندس جاءِ تي اڌ پگهار تي يعني چالهن رپين تي مسٽر فلٽن ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر مون کي پرشن ٽيچر ڪري رکيو، آءُ پاڻ پهرئين ڪلاس ۾ هوس ۽ ٻئين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو هوس، پر انهي سال مئٽريڪيوليشن امتحان ۾ ”ايلس پرائز“ سٺ روپئي جي سنڌي ٻولي تي ٺهرائي ويئي هئي، انهي جي لالچ تي عربي يا فارسي جي بدران سنڌي ورتيم ۽ اها پرائز کٽيم جا بمبئي جي يونيورسٽي مان مون کي ملي ۽ انهي جا ڪتاب اڃان مون وٽ آهن ۽ ڪم پيا اچن.
آءُ اڃا مئٽريڪيوليشن جي لاءِ بمبئي نه ويو هوس، جو اڳي اهو امتحان اتي ٿيندو هو ته بابي وفات ڪئي يعني 1288ع هجري 1871ع ۾ بابي کي پيڇش جي بيماري هئي جنهن کي ڊسنٽري ٿا چون، دادا ڀائي سامسن ۽ رحمان خان ڊاڪٽر بابي جي دوا ڪرڻ ايندا هئا، ۽ آءَ هر روز اسپتال مان پاڻ وڃي دوا وٺي ايندو هوس، پر آخر شفايابي نه ٿي ۽ بابي وفات ڪئي، جيئن مٿي به چيو ويو آهي ته بيماريءَ يا وفاتي جي خرچ لاءِ اسان کي بابي جي سوني واچ نيڪال ڪرڻ جي ضرور ٿيو ۽ اها ڊاڪٽر سامسن پاڻ ورتي، مون کي ياد آهي ته آءُ واچ کيس گهر ڏيئي آيس ۽ هن مون کي سئو رپيا ڏنا، واچ عمدي ميڪيب جي ڪارخاني جي هئي، جا زياده قيمتي ۽ ڪامياب ٿيندي هئي.