سائو پن يا ڪارو پنو/باب چوٿون
مٿئين بيان مان معلوم ٿيو هوندو ته ڪاليج مان موٽڻ کان پوءِ ٻه ٽي سال ڪم ڪار کان سواءِ هوا کائڻ، گشت ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ دل وندرائڻ ۽ معزز ماڻهن ۽ همخيال دوستن سان صحبت ڪرڻ ۾ گذاريم پر پوءِ منهنجي ڀاءُ مامي ۽ ڪن ٻين دوستن صلاح ڏني ته روينيو کاتي ۾ سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، انهن جي صلاح موجب آءُ قاعدن جا ڪتاب ڏسڻ لڳس ۽ آفيسن ۾ وڃي ڪم ڏسڻ لڳس، انهن ڏينهن ۾ پهرين ڪرنل لامبرٽ ۽ پوءِ ڪرنل والس ڪراچي ۾ ڪليڪٽر هئا، انهن جي لکيل اجازت ورتيم ته مختيار ڪاري يا ڪليڪٽري ۾ وڃي آفيسن جو ڪم ڏسان ۽ واقف ٿيان، لالا گيانچند سيوهڻ وارو، ٿڏهن ڪراچي جو مختيار ڪار هو ۽ مسٽر فرامروز پنٿڪي (پارسي) تعلقي جو هيڊ منشي هو، انهن سان خاص طرح منهنجي دوستي ٿي ۽ اهي مون کي ڪم سيکارڻ لڳا، اڪثر ڏينهن جو گهڻو ڀاگو آفيس ۾ گذاريندو هوس، تنهن ڪري خزاني، فوجداري توڙي روينيو جي ڪم مان واقف ٿيڻ لڳس، ساڳئي وقت قاعدي جا ڪتاب به پئي پڙهيم، آخر مئجسٽريٽي جو امتحان ڏنم، جيتوڻيڪ اهو امتحان انهي سال مشڪل ٿيو هو، پر تڏهن به جيڪي اميدوار آيا هئا تن سڀني مان فقط آءُ هڪڙو پاس ٿيس.
انهي وقت ڌاري منهنجو دوست مسٽر دولت رام ڄيٺل جو ڪراچي هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر هو ۽ سٺ رپيا پگهار ملندو هوس، سو جڊيشل کاتي ۾ سرشتيدار مقرر ٿي شڪارپور ۽ انهي جي جاءِ خالي ٿي ۽ سڀني مون کي انهي جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڪيو، جو پارسي مون کي چڱي ايندي هئي، تنهن ڪري آءُ وڃي پرشن ٽيچر ٿيس، مسٽر ٽلاٽي وڏو، تڏهن هيڊ ماستر هو، ڪي ٿورا مهينا اتي هوس پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر، مسٽر آليونٽ جو ڪن ڏينهن کانپوءِ وري ڪمشنر ٿي آيو، تنهن جي خاص مهرباني سان ۽ سندس صلاح سان مختيار ڪاري جي ڪم سکڻ لاءِ شڪارپور ضلعي جي ڪڪڙ تعلقي جو هيڊ منشي ٿي ويس، اهو تعلقو تڏهن ميهڙ ڊويزن ۾ هو ۽ مسٽر نارومل سيوهاڻي ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو ۽ مسٽر قيمت سنگهه لاڙڪاڻائي سندس هيڊ منشي هو، ۽ ڪرنل راس شڪارپور جو ڪليڪٽر هو ۽ ديوان لالا گيانچند ديوان چانڊومل کانپوءِ اتي جو دفتردار هو، ٻه ٽي مهينا ڪڪڙ ۾ رهيس ۽ هيڊ منشتي ٿي ڪم سکيس، پوءِ مون کي ميهڙ ڊويزن جي ٿرڙي محبت تعلقي جو مختيار ڪار ڪيائون، جتي ٻه ٽي ورهيه گذاريم، اهڙي چڱي هلت ڪرڻ نوڪري جا فرض ادا ڪرڻ لڳس جو جهڙا آفيسر تهڙا زميندا ماڻهون مون منجهنا ڏاڍا خوش ٿيا، ديوان پارومل ته خاص مهربان ۽ دوست ٿيو، جو پڇاڙي تائين نڀائيندو آيو، (انهي وقت جي آفيسرن جي سفارشن جا نقل ٻارهين بابت ۾ ڏنل آهن.)
ٿرڙي محبت جي ويجهو راڌڻ اسٽيشن ٿڏهن وڏي اسٽيشن هئي ۽ اتيت انجن شيڊ هوندو هو ۽ گهڻا يورپين رهندا هئا، اسٽيشن ماستر ۽ فورمئن ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ۽ ٻيا ڪيترائي يورپين مون وٽ ٿرڙي ۾ ايندا هئا ۽ ماني ٽڪر کائيندا هئا ۽ آءُ به وٽن وڃي ڏينهن گذاريندو هوس، انهن جي صحبت لاءِ اڪٽر آءُ راڌڻ ۾ وڃي رهندو هوس، جو ٿرڙي کان ڪوهه ڏيڍ پنڌ تي آهي، ڪراچي کان تازو آيل هوس، جتي جوان منڊمن جي صحبت ۾ رهيو هوس ۽ جواني جي عمر هئي، ڇا لاءِ جو پنجويهن ورهين جي عمر ۾ نوڪري شروع ڪئي هيم ۽ شادي جو خيال به اڳئي پيدا ٿيو هو، تنهن ڪري راڌڻ جي اسٽيشن ماستر مسڙي مري جي وڏي ڌي سان منهنجي گهڻي محبت ٿي وئي انهي جو نالو ”ائلس“ هو ۽ مون کان ننڍي هئي، آخر انهي سان شادي ڪرڻ جو خيال ڪري انهي جي ماءُ پيءُ تائين ڳالهه پهچايم، هو منهنجي هلت چلت کان چڱو واقف هئا، اهو مسٽر مري ڪراچي واري فريئر هال لئبرري جي لئبررين مسٽر مري جو ننڍو ڀاءُ هو، جنهن سان آءُ اڳيئي واقف هوس، ڇوڪري جي پيءُ ماءُ منهنجي بابت حيدرآباد واري پادري مسٽر شرٽ کان به پڇا ڳاڇا ڪئي، انهي به منهنجي گهڻي تعريف ڪئي بلڪه هنن کي صلاح به ڏنائين ته ڀلي سندس ڇوڪري مون سان شادي ڪري ۽ مسٽر مري جي ڀاءُ به کيس اجازت ڏني، هنن کي اها ڳالهه ويچار ۾ هئي ته اسين اصل سنڌ جا نه آهيون، پر ولايت جا آهيون ۽ اصل اسان جو پيءُ ڪرسچن هو ۽ آءُ کٽڻ ڪمائڻ جهڙو هوس ۽ آبرو جهڙي سرڪاري نوڪري ملي هيم، انهي وقت ڌاري مير عبدالحسين خان به ڊاڪٽر، رائيٽ ٽنڊي الهيار واري ڊاڪٽر جي ڌي سان شادي ڪئي هئي تنهن ڪري مسٽر ۽ مسز مري ٻنهي خوشي سان شادي جي موڪل ڏني، منهنجن ڀائرن به مون کي اجازت ڏني، تنهن ڪري شادي جي تياري ڪرڻ لڳس، نڪاح جو عقيدو پيش آيو ته ديول ۾ ڪجي يا مسلماني نموني قاضي جي معرفت تنهن تي البت لکپڙهه هلي، پر آخر اهو ٺهراءُ ٿيو ته ٻنهي هنڌ نموني نڪاح ٿئي، يعني ڪرسچنن جي رسم موجب به ۽ مسلماني رسم جوب به لاهور جي بشت وٽ اجاز لاءِ درخواست ويئي تنهن حڪم ڪڍيو ته اها شادي روا رکي نه سگهبي، جيسين گهوٽ يعني آءُ ظاهر طرح ڪرسچن نه ٿيان، پوءِ ٻنهي طرفن گهڻي ڪوشش هئي ته مير عبدالحسين جي شادي يا ٻين ڪن اهڙين شادين جي مثالي تي بشت پنهنجو حڪم ڦيرائي پر هن نه ڦيرايو ۽ مون کي ظاهر ڪرسچن ٿيڻ جي مرضي نه هئي، تنهن ڪري اسان ٻنهي کي گهڻو درد ٿيو، آخر ماٺ ڪري ويهي رهياسين، سگهو ئي پوءِ مسٽر مري به سکر جي پاسي بدلي ٿي ويو ۽ منهنجي به پوءِ بدلي ٿي، انهي کانپوءِ وري به مون شادي جي لاءِ منهوڙي واري مسٽر مائلس جي هڪڙي ڌي سان لکپڙه ڪئي جو انهي سان ڪراچي ۾ رهندي گهرائي پيدا ڪئي هيم، انهي ۾ پوءِ ڪي اعتراض اٿيا، جنهن ڪري نا اميد ٿيم ته اها خدا جي خاص مهرباني هئي، جنهن ڪري اهڙي ڌارئين مذهب واري يورپين قوم مان شادي جو بندوست نه ٿيو ۽ انهي لاءِ پوءِ هميشه خدا جو شڪرانو پئي ڪيم ۽ اڃا پيو ڪريان، مٿين ڳالهه جي تصديق لاءِ باب ٻارهين ۾ پادرين ۽ ٻين جا ڪي خط ڏجن ٿا، پر انهي شادي جي نه ٿيڻ ڪري في الحال مون کي ڏاڍو صدمو پهتو، جو منهجي ۽ هن ڇوڪري جي پاڻ ۾ گهڻي محبت هئي گهڻا ماڻهو ته اهڙي وقت بدلجي ڪرستان به ٿي سگهن ها پر مون کي فخر آهي ته اهڙي وقت به مون پنهنجي نفس کي روڪيو ۽ مٿس غالب آيس، انهي هوندي به مون کي انهن ڪرسچن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، آخر منهنجو وير انهي قوم کان منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مرزا ورتو، جنهن منجهانئن ٻه شاديون ڪيون ۽ اجھ تائين ٻيا به گهڻا پيا وٺن.
مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته پهرين مون کي سنڌي ديسي شادي پسند نه هوندي هئي، نه ته منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ کان اڳي منهنجا مائٽ منهنجي شادي ڪن ها، بمبئي ۽ ڪراچي ۾ گهڻي وقت گذارڻ مان اهڙا خيال پيدا ٿيا ته جواني جي مستي انهن خيالن جي پٺڀرائي ڪئي، بمبئي ۾ مرزا حيرت مرحوم جي صبحت ۾ به چڙهائي زياده پسند اچڻ لڳي هئي، ڪراڍي ۾ ۽ راڌڻ ۾ منڊمن جي صحبت به شادي جو خيال پيدا ٿيو هو، سو به فقط يورپين سان، پر خدا جي مرضي نه هئي، تنهن ڪري اهو بندوبست نه هميشه لاءِ بگڙي ويو، پر پوءِ معلوم ٿيو ته اهو خيال غلط ۽ خراب هو، جو ٻن مذهبن ۽ قومن وارن جي صحبت شايد گهني تائين جٽا ڪري نه سگهي ها ۽ هنن جي رواج موجب منهنجو پگهار به پورو نه ٿئي ها، تنهن کانسواءِ انهن ڏينهن ۾ يورپين آفيسرن کي اها ڳالهه پسند نه اچي ها ته هو مون کي ڄاڻي ٻجهي تڪليف ڏين ها ۽ رنج رهن ها ۽ منهنجي چال جي نسبت ۾ خراب راءِ رهين ها تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته خدا جي مرضي چڱي هئي ۽ منهنجي فائدي ۾ هئي.
ٿرڙي محبت کانپوءِ آءُ ميهڙ تعلقي ۾ ٿورا ڏينهن ويس، پر پوءِ سگهوئي وري جوهي ۾ پوءِ وارهه يا نصير آباد تعلقن ۾ منهنجي بدلي ٿي، اتي به ٽي ورهيه رهيس، راڳ جو شوق زياده ٿيڻ لڳو، ٻه ڇوڪرا ڳائڻ وارا رکيم جي ڪافيون ڳائيندا هئا، گشت ۾ به اهي ساڻ کنيو وتندو هوس، اتي مون کي ڪافين ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ گهڻيون ڪافيون ٻڌي شڪارپور ضلعي ۾ منهنجن ڪافيون ۽ غزل پکڙجڻ لڳا ۽ ڳائبا هئا، ٻيا ڳائڻ وارا استاد به گهڻا مون وٽ ايندا هئا ۽ ڳائيندا هئا اهي ڪافيون وغيره سڀ منهنجي ڪتاب ”سوداي خام“ ۾ موجود آهن، حقيقيت ڪري انهي وقت جواني جي مسٽي ۾ خام خيال پيدا ٿيڻ لڳا هئا ۽ شادي جو گهڻو خيال ٿيڻ لڳو هو، خدا جي مهربان سين ۽ ننڍي هوندي جي تعليم مان اهو فائدو ٿيو جو بدچالي کان گهڻي روڪ رهي ۽ حيا ۽ شرم ۾ خانداني عزت جو گهڻو خيال رهيو، چڱي هلت جي ڪري اهڙو نالو ڪڍيو هوم، جو سڀ ماڻهو مون کي پسند ڪندا هئا ۽ ساراهيندا هئا، جيتوڻيڪ پنهنجي تعريف ڪرڻ بيوقوفي ۽ وڏائي آهي ته به اهڙي وقت ۽ حالت ۾ پنهنجي نفس کي پلڻ ۽ عزت ۽ حيا جو زياده خيال کرڻ جو مثال پنهنجي اولاد جي هدايت ۽ فائدي لاءِ ڏيڻ مون کي مناسب نظر ٿو اچي.
انهيءَ نوڪري جي شروع ۾ ۽ جواني ۽ ڇڙهائي جي حالت ۾ ۽ سرڪاري حڪم ۽ چڱي پگهار ۽ وسعت هوندي به پرهيزگار ۽ پاڪدامن رهڻ جي سخت ڪوشش ڪيم، جا شايد هاڻوڪي وقت جي ماڻهن کي آساني سان ويساهه ۾ نه اچي سگهي، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته انهي وقت ڪيترين خوبصورت ۽ سکر ڇوڪرين جا پيغام نوڪري جي معرفت مون کي پهتا هوندا، جي مون رد ڪيا هوندا ۽ نوڪرن کي آئينده لاءِ ڌمڪايو هونديم.
هڪڙي ڀيري ته هڪڙي هنڌ ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ جنهن جو نالو نه وٺندس منهنجي منزل هئي، آءُ تنبوءَ ۾ ستل هوس، اڌ رات ڌاري پيرن کي ڪنهن شيءَ لڳڻ ڪري آءُ جاڳي پيس، ڏسان ته منهنجي کٽولي تي پيراندي کان هڪڙي جوان زال ويٺي آهي، وچ سيرو هو ۽ سخت سيءَ هو، آءُ ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ پڇيو مانس معلوم ٿيو ته اتي جي زميندار جي ڌي هئي ۽ منهنجي تعريف ٻڌي پرپٽ ملاقات جو خيال پيدا ٿيو هوس ۽ اتي منزل هئڻ ڪري چڱو وجهه ڄاڻي نڪرڪي پيئي هئي، شايد انهي لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو مدد گار نه هوس ۽ اڪيلي سر نڪري پئي هئي، جو تنبو بنهه ويجهو هو، انهي زميندا سان منهنجو چڱو رستو هو، هو عزت آبرو وارو ماڻهو هو ۽ آءُ گهڻو پسند ڪندو هو سانس، تنهن ڪري هن جي ڌي اتي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
جيتوڻيڪ انهي مهل جواني جي مستي سببان ٻن باهين جي وچ ۾ هوس، ته به مون کي ڏاڍو ڏک ۽ حيا ٿيو، مون ڇوڪري کي سمجهايو ۽ گهني نصيحت ڪئي مانس، سندس پيءُ جو درجو ۽ عزت ياد ڏياري مانس، جا هن ماٺ ڪيو ويٺي ٻڌي ۽ ذرو به نه ڪڇيائين، آخر موٽايو مانس، سخت سيءُ هو، تنهن ڪري مون پنهنجو اوور ڪوٽ هن تي وڌو ۽ تنبو جي در وٽ منهنجو خانگي ڇوڪر سمهندو هو تنهن کي جاڳائي چيم ته هن کي وٺي سندس گهر جي در تائين اماڻي اچ ۽ ٻئي ڪنهن سان ڳالهه ڪرڻ کان سخت منع ڪئي مانس، ٻئي ڏينهن اهو زميندا هميشه وانگر مون وٽ آيو انهي کي ڏسي مون کي پاڻ زياده ڏک ٿيو، پڪ ٿيم ته انهي ڇوڪري جي خيال بڱڙيل هوندو، يا شايد چڱي چال جي نه هوندي، تنهن ڪري پهرين خيالم آيم ته پڻس کي راتوڪي ڳالهه ٻڌايان، يا ڪنهن اشاري سان چوانس ته اڳتي لاءِ سنڀال ڪري، متان ڪنهن وقت سندس خواري ٿئي پر ائين ڪرڻ به مون کي ڏکيو لڳو ۽ چئي نه سگهيو مانس، ليڪن ڏک ۽ ڊپ دل ۾ رهيم ۽ اهو به خيال آيم ته متان اهڙي ڳالهه ٻڌي هو ويچارو شرمندو ٿئي يا متان ويساهه نه اچيس ته سندس ڌي سلامت رهي هوندي، تنهن ڪري لاچار صبر ۾ گذاريم، اتان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ ورهيه ٻن جي عرصي ۾ ٻڌم ته اها ڇوڪري پاسي واري ڳوٺ جي هڪڙي جوان زميندار سان نڪري وڃي شادي ڪيائين ۽ سندس پيءُ مٿس مقدمو ڪيو ۽ اڳيئي ٿيل نڪاح جا جڙتو شاهد ڏنا، جيئن راڄن ۾ ڪندا آهن پر آخر اهو نڪاح ثابت نه ٿيو ۽ اها ڇوڪري انهي زميندار وٽ رهي ۽ انهي مان اولاد ٿيس.
ٿرڙي، ميهڙ ۽ وارهه تعلقن ۾ نوڪري ڪندي ميهڙ جي ڊاڪٽر بينجمن سان منهنجي گهڻي واقفيت بلڪه دوستي ٿي، جتي ڪٿي هو مون وٽ ايندو هو مون کي شادي جي خيال ۾ ڏسي مون کي صلاح ڏنائين ته ميجر صوبيدار پينشنر، سردار بهادر شيخ اسماعيل جي ڌي خوبصورت به آهي ۽ پڙهيل به آهي انهي جي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪر، اهو ميجر صوبيدار اصل بني اسرائيل يا يهودي قوم جو هو، هو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽ دهلي ۾ هڪڙي مغل خاندان مان شادي ڪئي هئائين ۽ انهي مان اولاد هوس، محمد يعقوب سندس وڏو پٽ هو، جو پوءَ سردار ٿيو ۽ وڏي درجي کي پهتو ۽ نالو ڪڍيائين، ڊاڪٽر بينجمن پاڻ به يهودي هو ۽ ميجر صوبيدار سان اصل ڪا مائٽي به شايد هيس، هو هنن سان چڱي طرح واقف هو ۽ وٽن ايندڙ ويندڙ هو ۽ محمد يعقوب سان دوستي هيس، جو تڏهن ٺٽي جو مختيار ڪار هو ۽ پهرين ڪوٽڙي ۾ هو، مولوي محمود، ڪراچي وارو جو انهي ڇوڪري کي پڙهائيندو هو تنهن کان به مون هن جي تعريف ٻڌي، منهنجي چوڻ تي ڊاڪٽر بينجمن منهنجي نسبت ميجر صوبيدار ۽ سندس پٽ سان ڳالهه چوري هنن جو رضامندو معلوم ڪري مون کي ٻڌايائين، جنهن تي مون کي پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ کي لکيو، جنهن روبرو وڃي سردار ميجر کي چيو، ڳالهيون هليون ۽ هن اها ٻانهن ڏيڻ قبول ڪئي، ميجر صوبيدار تمام ٻڍو هو، هن جي گهڻي خوشي هئي ته سندس حياتي ۾ سندس ڌي جي شادي ٿئي، پر قسمت ۾ ائين لکيل نه هو، سگهوئي هن وفات ڪئي، پوءِ ميان محمد يعقوب به مون سان واقف ٿيڻ لڳو ۽ انهي سان گڏ ڊاڪٽر بينجمن به ايندو آءُ تڏهن جوهي تعلقي ۾ هوس، ۽ محمد يعقوب ڪراچي ضلعي جو ائڪٽنگ دفتردار هو، منڇر تي ٽئي گڌ شڪار ڪندا هئاسين، تنهن ڪري زياده واقف ٿياسين، روبرو ڳالهيون ڪرڻ شادي جو پڪو بندوبست ڪيوسين، آءُ البت بيمار هوس، تنهن ڪري ٽن مهينن جي موڪل وٺي هوا بدلائڻ لاءِ بمبئي ويس، منهنجو ماروٽ مرزا قلب علي بيگ جو تڏهن موڪل تي هو سو به مون سان گڏجي هليو، آگبوٽ جي رستي وياسين، ۽ آياسين، اچڻ سان آءُ شادي جي تياري ڪرڻ لڳس، محمد يعقوب جن به تڏهن ڪراچي ۾ رهندا هئا، ڊاڪٽر مرزا ۽ سندس مڊم به اتي رهندا هئا، منهنجون ڀيڻيون ۽ ادي مرزا صادق علي جا ٻار ٻچا ۽ ٻيا ڪي ويجها مائٽ به سڀ ڪراچي آيا اتي ڊسمبر مهيني جي 25 تاريخ 1888ع ۾ منهنجي شادي ٿي، منهنجي مرضي موجب ٻنهي ڌرين دهل ۽ باجا وغيره اصل نه ڪيا، نڪو سرڪس ڪيو ويو، فقط ماني جي مجلس ڪئي وئي ۽ نڪاح پڙهيو ويو، مولوي تاج محمد ڪراچي واري نڪاح پڙهيو، ڪن ڏينهن تائين اتي هڪڙي ڪرايي واري گهر ۾ رهياسين ۽ پوءَ موڪل پوري ٿيڻ تي منهنجي بدلي گهوٽڪي ٿي تنهن ڪري في الحال زال کي سندس مائٽن ۾ ڇڏي آءُ نوڪري تي ويس، منهنجي انهي زال جي نسبت ۾ ميجر بيول جو خط ۽ انهي جو جواب جنهن ۾ مون پنهنجي انهي زال جي نسبت ۾ راءِ ڏني آهي، سو ٻارهين باب ۾ ڄاڻايل آهي.
جيتوڻيڪ اها پهرين شادي هئي ۽ ڏاڍي خوشي ۽ سهج مان ڪئي وئي هئي ته به منجهس هڪڙي بدشگوني ٿي پئي، بلڪل شادي واري ڏينهن ادي ڊاڪٽر مرزا جي منڊم جو ويم ٿيو ۽ ٻار ڄڻي مري وئي، جنهن ڪري شادي مان ڦري غمي ٿي پئي، ڄڻ ته سڀ مائٽ حيدرآباد کان نه فقط شادي لاءِ آيا هئا پر مائي منڊم جي مرڻي تي آيا هئا، ڊاڪٽر مرزا کي انهي مڊم مان هڪڙو ئي پٽ ٿيو جنهن جو نالو ”سڊني“ رکيو ويو، يعني اسان جي پيءُ جي اصل نالي تي اهو نيٺ پلجي وڏو ٿيو، پڙهي ۽ هاڻي ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي گريڊ ۾ آهي ۽ انڪم ٽيڪس آفيسر آهي، بي، اي، ۽ ايل ايل بي پاس ڪيل اٿس.
منهنجي شادي جي ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي خانگي ڊائري شروع ڪئي جا اڃا هلي اچي، ۽ جنهن ۾ لکڻ جهڙيون ڳالهيون داخل ڪندو اچان، جڏهن گهوٽڪي ۾ رهڻ جهڙي جاءِ هٿ ڪيم تڏهن منهنجي زال به اتي آئي ۽ اتان وري روهڙي بدلي ٿي اتي به ڪي مهينا گڏ رهياسين انهي وچ ۾ ڪراچي منجهه منهنجي زال کي نياڻي ڄاڻي جا هو پوءِ پاڻ سان وٺي آئي اهو سال 1889ع هو انهي سال ۾ مون ڊپارٽمينٽل امتحان ڏنو ۽ پاس ٿيس، ڪرنل ميهو، تڏهن شڪارپور جو ڪليڪٽر هو، اهو خاص طرح مهربان هو ۽ مسٽر ميولس اسسٽنٽ ڪمشنر هو، اهو به خاص طرح مهربان هو ٽن مهينن تائين ائڪٽنگ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي شڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيس، زال ۽ ٻار به مون سان رهندا هئا، اتان موٽي روهڙي آيس، انهي سال منهنجا ننڍا ٻه ڀائر نجف قلي ۽ حيدر قلي وفات ڪري ويا، جيئن مٿس چيو ويو انهي جي وفات جي ڪري مون کي نهايت گهڻو ڏک ٿيو، جو هو جوان هئا ۽ اڃا شادي به نه ڪئي هئائون ۽ حياتي جو ڦل پورو حاصل نه ڪيو هئائون، انهن جي يادگيريءَ ۾ مون هڪڙي ڪافي چئي، جا يارهين باب ۾ ڏنل آهي. ( ڏسو شعر نمبر 5 ).
شادي ڪرڻ کانپوءِ اسين زال مڙس پاڻ ۾ ڪيئن رهياسين تنهن جي نسبت ۾ ٻه ٽي اکر لکڻ ضروري آهن، خاص طرح پنهنجي اولاد جي واقفيعت ۽ هدايت لاءِ شادي ٿيڻ کان وٺي ٻا ٿيڻ تائين آءُ ۽ زال پاڻ ۾ سنگتي ٿي رهڻ لڳاسين، جيتوڻيڪ هوءَ مون کان ننڍي هئي، ڪتابن پڙهڻ کان جيڪي سڌاري جون ڳالهيون پئي ڪيوسين تن تي تعميل ڪرڻ جو ارادو ڪيوسين، پهرين ته خود پنهنجي شادي ۾ جيڪي اجايا ۽ بيمعنيٰ سڳڻ ساٺ ۽ خرچ ڪرڻ ۾ ايندا هئا سي نه ڪياسين، ٻه ڄڻا اڪيلا هئاسين، تنهن ڪري پڙهڻ لکڻ ۽ جدا جدا مضمونن تي ڳالهائڻ جي مشغولي رهيسين، هوءِ هندستاني ڳالهائيندي هئي تنهن ڪري چڱا چڱا اردو ڪتاب ۽ اخبارون هن کي گهرائي ڏنم ۽ انگريزي ۽ فارسي به هن کي سيکارڻ لڳس، انهي وقت کان وٺي اڄ تائين اسان جي گهر ۾ هندستان ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي، ٻار ٻچا به اها ٻولي ڳالهائين ۽ زناني پوشاڪ به اڃا اها ڪندا اچون، يعني گون ۽ ساڙهي، نه سٿن ۽ چادر وغيره سئي جو ڪم هو چڱو ڄاڻندي هئي سو به پئ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص شي جي رڌڻ پچائڻ جي مشغولي به ڪندي هئي، هڪ ٻئي ڏي خط پٽ لکندا هئاسين، سو اڃا موجود آهن، خرچ جي سنڀال به چڱي طرح ڪئيسين، جنهن ڪري پئسو به بچت ڪرڻ لڳاسين.
نوڪري شروع ڪرڻ کانپوءِ ادو جعفر قلي ولايت پڙهڻ لاءِ ويو هو تنهن کي مون ۽ ادي صادق علي بيگ پنهنجي پگهار مان درما هو خرچ پئي موڪليو جيسين ڪو هڪ امتحان پاس ڪري آيو، پوءِ شادي جي خيال ڪرڻ بعد آءُ پئسو بچائڻ لڳس، جنهن مان شادي جو سامان ڪپڙو، گندي ۽ زيور خريد ڪيم ۽ شادي ڪيم، شادي کان پوءِ البت خرچ وڌندو ويو ته به ڪوشش ڪري پئسو بچايوسين ٿي، روهڙي ۾ رهندي مون ۽ زال گڏجي صلاح ڪري ٻه سنڌي ڪتاب لکيا ”زينت“ جنهن ۾ گهرو سڌارن بابت خيال ڏنل آهن ۽ خود پنهنجي خاندان جا به اشارا ڏنل آهن ۽ ٻيو ” صحت النساءِ“ جنهن ۾ ٻارن جي ڄمڻ انهن جي پرورش ۽ تعليم جو ذڪر آهي، جڏهن اسان کي پهريون ٻار ٿيو يعني ڌي ڄائي تڏهن انهي جي به اسين سڌريل دستور ۽ رسمن موجب پرورش ڪرڻ لڳاسين، سن 1891ع ۾ وري پٽ ڄائو يعني نادر بيگ جو ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيو، جتي منهنجي زال جا مائٽ يعني ميان محمد يعقوب ۽ سندس ڪٽنب تڏهن رهندا هئا، سگهو ئي پوءَ آءُ پڪو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي لاڙڪاڻي آيس ۽ مسٽر ميولس جي هيٺان ڪم ڪرڻ لڳس، ٻار ٻچا به مون سان هئا، اتي اسان جي ٻي ڌي جا پوءِ ڄائي هئي، سا مري وئي ۽ اتي دفن ڪئي وئي پوءِ وري سيوهڻ ڊويزن ۾ آيس ۽ مسٽر ليوڪس اسسٽنٽ ڪليڪٽر کان اچي چارج ورتيم ۽ ڪوٽڙي واري بنگي ۾ رهڻ لڳاسين، اتان وري منهنجي بدلي جيڪب آباد ٿي جتي ٽي ورهيه برابر هيس ۽ سڀ ٻار ٻچا به ساڻ هئن، پوءِ وري نوشهري فيروز ۾ بدلي ٿي، جتي مسٽر قادر داد خان کان چارج اچي ورتم ۽ هو پوءِ رياست خيرپور جو وزير ٿي ويو، جيڪب آباد ۾ ٽن ورهين تائين رهڻ ڪري بلوچن جي صحبت ۾ بلوچي ٻولي به سکيس، ۽ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو استعمال ڪرڻ لڳس، انهي وچ ۾ منهنجي ٻين ٻن ڀائرن جا قضيا ٿيا، ٻئي ڪراچي ۾ هڪڙو وڏي ڀاءُ مرزا غلام رضا جو سن 1890ع ۾ ۽ ٻيو ڊاڪٽر مرزا جعفر قلي جو سن 1898ع ۾ انهن جو لاشون ڪراچي مان حيدرآباد آنديون ويون ۽ اسان جي پنهنجي ڳوٺ واري مقام ۾ دفن ٿيون، جتي اسان جي پيءُ ۽ ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن جون قبرون هيون، انهن ٻين ٻن ڀائرن جي وفات جو به اسان کي ڏاڍو صدمو پهتو، جو اهي ٻئي پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي وفات ڪري ويا هئا.
ادي مرزا غلام رضا بيگ جي گهر ۾ مرزا قربان علي گرجي جي نياڻي هئي جنهن مان هن لي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي ٿيا جي ٻئي حيات آهن، پٽ جو نالو مرزا منو چهر بيگ آهي، جو ولايت ۾ وڃي بئرسٽر به ٿيو ۽ نوڪري ۾ گهڙي ڊيپوٽي ڪليڪٽر به ٿيو آهي، ادي ٻي شآدي به ڪئي هئي پر زياده اولاد ڪو نه ٿيس، ادي مرزا جعفر قلي جو پٽ مرزا سڊنيآهي، جنهن جو مٿي ذڪر آيو آهي پهرين مڊم جي مرڻ کانپوءِ هو وري ولايت ويو ۽ ٻي مڊم سان شادي ڪيائين، جنهن مان ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿيس، سندس زال ۽ اهي ٽئي ٻار حيات آهن، سندس نياڻي جي شادي منهنجي پٽ نادر بيگ سان ٿي، جو ڪراچي ۾ بئرسٽر آهي، ۽ منهنجي پهرين نياڻي جي شآدي وري مرزا سڊني سان ٿي انهن ٻنهي کي اولاد آهي جو هن ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ڪٽنب جي شجري مان معلوم ٿيندو.
هيستائين مون کي پنهنجو خلاصو گهر رهڻ لاءِ ڪو نه هو، ٺوڙهي جي ٽنڊي واري پيءُ ماءُ وارو گهرو منهنجن ٽن ڀائرن ادي مرزا غلام رضا بيگ، ادي مرزا صادق علي بيگ، ادي مرزا علي قلي بيگ ۽ سندن ٻارن ٻچن جي لاءِ مس پورو هو، جڏهن آءُ زال ۽ ٻارن سان ڳوٺ ويندو هوس تڏهن انهن سان گڏ رهندا هئاسين، مگر هاڻ خيال ڪيوسين ته پنهنجو گهر ٺهرائجي، هڪڙو ڪراچي ۾ ۽ ٻيو حيدرآباد ۾ انهي ارادي سان پگهار مان سئو ٻه يا وڌيڪ هر مهيني بچائيندا وياسين، ڪراچي ۾ عيدگاهه جي ڀرسان سردار محمد يعقوب جن جو گهر هو انهي کي ويجهو زمين ٽڪر خري ڪري بنگلو جوڙايوسين، سيٺ واحد ڏنو ميمڻ محمد يعقوب جو دوست هو، تنهن کي اهو ڪم ڏنوسين هو پنهنجي خرچ سان بنگلو جوڙائيندو ويو. ۽ اسين هر مهيني هن کي جيڪي پگهار مان بچائي ڏهه هزار رپيا لڳا، ۽ اهو في الحال پنجاهه رپئي ڪرايي تي ڏنو ويو، حيدرآباد ۾ وري پنهنجي اصلوڪي گهر جي اتر ۾ ٻه خانگي گهر جي اصل ميان ابراهيم ۽ سندس پٽن جا هئا تن کان زمين وٺي انهي تي هڪڙو پڪو گهر پنهنجي ننڍي ڀاءُ ادي مرزا علي قلي بيگ جي معرفت جوڙايوسين، جنهن تي پنج هزار رپيا لڳا جنهن ۾ پوءِ وقت بوقت اچي رهڻ لڳاسين ۽ اڃا تائين اسين انهي ۾ رهندا اچون، انهي کان ٻاهر وري هڪڙي اوطاق جوڙائيسين جا اڃا ڪم ۾ پئي اچي.
انهي وچ ۾ سن 1900ع منهنجي پٽ نادر بيگ ۽ ننڍي ڌي کي اوچتو ڪالرا يا وبا جو اثر ٿي ويو، هنن جي بچڻ جي بلڪل اميد ڪا نه هئي، آخر ڌي مري وئي ۽ نادر بيگ بچيو، انهي ڌي جو اسان زال مڙس کي نهايت گهڻو غم ٿيو ۽ گهڻي مدت تائين هليو جو هوءَ ڏاڍي هوشيار ۽ ڳالهائڻ جي چالاڪ هئي ٻيو پٽ بابر بيگ ڄائو هو، سو به وڏيرڙو ٿي مري ويو، وري ٻي ڌي ڄائي سا به مري ويئي، پوءِ وري اختر بيگ ڄائو جو اڃا حيات آهي، ڌي جي مرڻ جي ڏک ۽ بي آرامي کان مون فرلو موڪل ورتي ۽ آرام ورتم، اها فرلو موڪل مارچ 1904ع کان ورتيم.
انهي وقت حيدرآباد ۾ ۽ آسپاس پليگ هئي، اها پهريون دفعو پيئي هئي، تنهن ڪري شهر ۾ لڏ پلاڻ گهڻي هئي، ادو مرزا علي قلي بيگ اڳيئي بيمار هو، سوري جي بيماري کان ڪراچي کان موڪل وٺي آيو هو، پر پوءِ زياده بيمار ٿي پيو ۽ آّخر سن 1904ع ۾ وفات ڪيائين. اسان جن گهرن ۾ ڪئا مرڻ لڳا تنهن ڪري اسين پنهنجا گهر ڇڏي پنهنجي باغ ۾ وڃي ويٺاسين، اتي منهنجي زل کي پليگ جي بيمار ٿي پئي، پيٽ سان هئي تنهن ڪري ويامي پئي، ڌي ڄڻيائين، پر اها به ترت مري وئي، ۽ پاڻ وفات ڪيائين، جيتوڻيڪ دوا لاءِ گهڻا طبيب ۽ ڊاڪٽر اچي گڏ ٿيا هئا پر آخر 19 تاريخ مهيني مارچ 1904ع ۾ وفات ڪيائين، اها محرم جي پهرين تاريخ هئي، هن کي پنهنجي مقام ۾ دفن ڪيو ويو، سندس وفات جي تاريخ فارسي شعر ۾ جوڙي، سندس قبر جي سيراندي پهڻ تي اڪرائي وئي، جا اڃا ڏسڻ ۾ پئي اچئي،
هن سان شادي ڪئي پندرهن ورهيه ۽ اڍائي مهينا ٿيا هئا، ۽ 33 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين، انهي عرصي ۾ هن مون کي هر طرح خوش ۽ راضي رکيو، ۽ منهنجي چڱي خدمت ۽ مون سان گهڻي همدردير ڪيائين ۽ فرمانبردار رهي، مون سان ٿوري منهنجي اولاد سان تمام گهني محبت هوندي هيس، پوئين بيماري ۾ به مون کي يا ٻار کي ويجهو اچڻ نٿي ڏنائين ته متان پليگ وچڙي وڃي، پر مون کي جيترو ٿي سگهيو اوترو سندس خدمت ۽ علاج ڪيم، انهي قضيي جي ڪري مون کي ڏاڍو صدمو پهتو، سندس فوٽو اڳيئي ورتل هو، بلڪه سندس آواز به فونوگرام ۾ ورتل هو، جو اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن ٻڌي هن کي ياد ڪندو آهيان، هن مان مون کي ٽي ٻار رهيا آهن، نادر بيگ، اختر بيگ ۽ هڪڙي نياڻي جا مرزا سڊني بيگ جي گهر ۾ آهي، جيئن مٿي به چيو ويو آهي.
انهن خانگي افاقن ڪري منهنجي فرلو موڪل عذابن ۽ ڏکن ۾ گذري، زال جي وفات کانپوءِ غمگيني ۽ اڪيلائي ۾ گذارڻو پيو، جڏهن موڪل اچي پوري ٿي تڏهن نوڪري تي وڃڻ لاءِ دل نه پئي چيو، ڪوشش ڪئي ويئي ته ڊاڪٽر سرٽيفڪيٽ تي بيماري جي وڌيڪ موڪل وٺان پر اهو به بندوبست نه ٿي سگهيو، سڀني عزيزن ۽ دوستن صلاح ڏني بلڪه زور ڪيو ته دل جي وندر لاءِ نوڪري جي مشغولي چڱي آهي ۽ موڪل ۾ به مفت اڌ پگهار ضايع ٿو ٿئي، تنهن ڪري آخر مهني مئي سن 1905ع ۾ وري نوڪري ۾ پنهنجي اڳوڻي جاءِ ڪوٽڙي واري تي آيس، جتي ڳوٺ جي ويجهڙائي به هئي ۽ ڪم جي هلڪائي به هئي، پر انهي هوندي به گهر جي اڪيلائي جي ڳڻتي هوندي هئي، اگرچ انهي وچ ۾ ادي مرزا صادق علي بيگ پينشن ورتي هئي ۽ گهر رهندو هو ۽ منجهن ٻارن ٻچن جي به سنڀال پئي ڪيائين، نادر بيگ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ اختر بيگ ننڍڙو هو ۽ منهنجي ڌي اچي وڏي ٿي هئي گهر ۾ فقط نوڪرياڻي هيون، تنهن ڪري مون ارادو ڪيو ته ڌي جي شادي مرزا سڊني سان ڪريان، جو ڪراچي ۾ پڙهندو هو ۽ جنهن جي سنڀال پڻس ڊاڪٽر مرزا جي مرڻ کانپوءِ آءُ ڪندو هوس، انهي پاڻ به مون کي سردار محمد يعقوب جي معرفت شادي لاءِ عرض ڪيو هو، تنهن ڪري مشڪلات گهٽائڻ جي ارادي سان مون اها شادي ڪرائي پنهنجي وانگي مون اها شادي به سواءِ سڳڻن ساٺڻ، هل هنگامي ۽ دهل دمامن جي ڪئي، فقط ماني جي مجلس ڪئي وئي، تنهن کانپوءِ سڊني ڪراچي ويو ۽ زال کي به وٺي ويو ۽ اختر بيگ کي به ساڻس وٺي ويو، باقي نادر بيگ کي مسٽر محمد يعقوب جي گهر ۾ حيدرآباد شهر ۾ رهڻ لاءِ آيو، جو اتان اسڪول به ويجهو هوس ۽ خانگي ماستر جي پڙهائڻ جو بن بندوبست ڪيو ويو ، ڪڏهن ڪڏهن آئون پاڻ به ٻار وٺي ڪراچي وڃي رهندو هئس ۽ آفيس به اتي ڪندو هئس، جو اهو اسان جو هيڊ ڪواٽر هو، انهيءَ سال جي پڇاڙي ۾ سڊني ايل ايل بي جي لاءِ ممبئي ويو ۽ آئون سڀئي ٻار وٺي حيدرآباد آيس، انهن کي ڇڏي آئون گشت تي ويس ۽ ڪڏهن ڪڏهن وٽن ويندو هئس.
سن 1906ع جي شروع ۾ ڊاڪٽر مرزا جي ٻي مڊم ۽ سندس ٽي ٻار يعني ٻه پٽ ۽ هڪ ڌي جي ڊاڪٽر مرزا جي وفات کانپوءِ ولايت ويا هئا ۽ اتي تعليم وٺندا هئا سي موٽي آيا ۽ اسان وٽ رهڻ لڳا، هو پوءِ سگهو ئي وري ولايت ويا انهن سان گڏ مون نادر بيگ کي به موڪلي ڏنو ته اتي تعليم وٺي ۽ بئرسٽري جو امتحان ڏئي، سولائي اها هئي ته مائي مڊم سان ۽ سندس ٻارن سان اتي گ وڃي رهندو هو ۽ سندس سنڀال چڱي ٿيندي، انهي کان پوءِ هر مهيني آءُ انهن کي خرچ پهچائيندو رهيس، باقي اختر بيگ هتي رهيو، هو سردار محمد يعقوب جن سان گڏ رهندو هو.
جيتوڻيڪ پنهنجن ٻارن جو انهي طرح بندوبست ڪري ڇڏيم پر مون کي اڪليو رهڻو ٿي پيو، منهنجي زال مون سان اهڙو چڱو گذاريو هو جو اهڙي خانگي صحبت کان سواءِ گذارڻ مون کي مشڪل نظر آيو ۽ هر دم زال کي ياد پئي ڪيم ۽ هميشه اٻاڻڪو پئي گذاريم، خاص ڪري جڏهن پنهنجي گهر ايندو هوس تڏهن پاڻ کي اڪيلو ڏسي ڏاڍو درد ٿيندو هوم، آخر منهنجي اها حالت ڏسي ادي مرزا صادق علي بيگ ۽ سردار محمد يعقوب وري شادي ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني، ڪراچي ۾ بمبئي ۾ هڪڙي ٻن هنڌ تي شادي جو چڱو بندوبست ٿي ٿي سگهيو، جو اهي سڌريل ۽ خانداني گهر به هئا ۽ پئسي وارا به هئا جيتوڻيڪ منهنجي پهرين زال به ڌارين مان هئي پر تڏهن به وڏي عمر جي ڪري ۽ پهرين زال جي ٻارن موجود هئڻ جي ڪري مون خيال ڪري مناس سمجهيو ته هاڻي ڌارين مان شادي ڪرڻ غلط آهي، متان منهنجي مرڻ کانپوءِ هو وري پنهجن مائٽن ۾ هلي وڃي يا اڳين ٻارن سان ناسازي ڪري ۽ پنهنجي خاندان مان ڪا زال مون سان يا منهنجي ٻارن سان زياده همدردي ڪرڻ واري ٿيندي، تنهن ڪري پڪ ڪيم ته پنهنجن مان شادي ڪجي، آخر پنهنجي ماروٽ مرزا قزلباش جي نياڻي جو ٺهراءُ ٿيو ۽ شادي جي تياري ڪئي وئي، پر سگهو ئي مرزا مٿين بيماري ۾ بيمار ٿي اوچتو وفات ڪئي ۽ ٻيا به ڪي عزيزن جا قضيا ٿيا، سردار محمد يعقوب جو رياست خيرپور جو وزير هو، تنهن به اوچتو وفات ڪئي، تنهن ڪري شادي مهمل رهي، آخر سن 1907ع جي مئي مهيني ۾ منهنجي شادي ٿي ۽ اسين ٻئي وري به هڪ ٻئي جي صحبت ۽ سنگت ۾ خوش رهڻ لڳاسين ته اوچتو ٻئي سال سن 1908ع جي مئي مهيني ۾ اها زال به هڪڙو پٽ ڄڻي ويم ۾ مري وئي، انهي زال سان به منهنجي گهني محبت هئي ۽ انهي ڪري ٻيو تازو صدمو پهتو، ٻآر پلجي وڏو ٿيو جنهن جو نالو همايون بيگ آهي، جو هاڻي هاءِ اسڪول ۾ ٿو پڙهي، انهي زال جي نسبت ۾ به منهنجي ڪتاب ”سودائي خام“ ۾ ڪي شعر آهن هن زال جي مرڻ کانپوءِ وري به منهنجو خيال خراب ٿيڻ لڳو ۽ آءُ بيمار ٿي پيس ۽ ڪم ڪرڻ تي دل نه پئي چيو، تنهن ڪري سن 1909ع ۾ ٽن مهينن جي حقي موڪل ورتيم، جنهن جي پوري ٿيڻ تي به طبيعت برابر نه رهي، ٽيهه وريه نوڪري به پوري ٿي هئي، تنهن ڪري اڌ پگهار تي پينشن ورتيم، انهي وچ ۾ سن 1909ع جي نومبر مهيني ۾ وري به مرزا ڪلب علي مرحوم جي نياڻي سان شادي ڪيم جا اڃا هلي اچي، انهي مان اڄ تائين مون کي پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون آهن جي سڀ ننڍا آهن انهي کانپوءِ اڄ تائين وقت خير جو گذرندو اچي.
منهنجو وڏو پٽ نادر بيگ بئرسٽر ٿي آيو تنهن کانپوءِ هو لاڙڪاڻي بئريسٽري ڪرڻ لڳو سگهو ئي پوءِ هو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، ۽ ٻن ٽن هنڌن تي رهيو پر پوءِ جڏهن منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مرزا جي نياڻي سان شادي ڪيائين تڏهن نوڪري ڇڏي وڃي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو ۽ بئرسٽري ڪرڻ لڳو ۽ اڃا تائين اتي آهي، هو ٿيا سافيڪل سوسائٽي جو ميمبر آهي ۽ ڪتاب لکڻ پڙهڻ جو شوق اٿس، ڊرائنگ، نقاشي، ميوزڪ ۽ راڳ چڱو ڄاڻي، ۽ واڍڪو ۽ اڪر جو ڪم به اچيس، انگريزي شعر به چوندو آهي، ٻيو پٽ اختر بيگ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، ميٽريڪيوليشن جي ڪلاس مان نڪري ميڊيڪل اسڪول ۾ ويو پوءِ ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ ويو ۽ پوءِ نيٺ وڃي پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو، سال کن کانپوءِ اها جاءِ ڇڏي ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو، آخر هاڻي ڪليڪٽر صاحب حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪلاڪر آهي، انهي کان ننڍا انگريزي ۽ سنڌي اسڪولن ۾ پيا پڙهن، منهنجيون نياڻيون به چڱي طرح پڙهي لکي ڄاڻن، ٿوري انگريزي به ڄاڻن ۽ سئي جو ڪم ۽ ٻيا زنانا هنر به ڄاڻن، منهنجون پٽن ۽ ڌيئرن جي اولاد جي چٽائي هيٺ ڏنل شجري مان معلوم ٿيندي.