سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/14

سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
14. مرزا غلام رضا بيگ ولد مرزا فريدون بيگ
329008سنڌ جي ادبي تاريخ — 14. مرزا غلام رضا بيگ ولد مرزا فريدون بيگ1954محمد صديق ميمڻ

مفتاح القلب
مرزا غلام رضا بيگ حيدرآباد سنڌ جي مشهور معروف مرزا خاندان مان ٿي گذريو آهي. انهيءَ ساڳئي خاندان مان شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هو. مرزا غلام رضا بيگ سنڌ جي تعليم کاتي سان ڪجهه وقت وابسته رهيو، تنهن ڪري ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکيائين. سنڌ ۾ اهو ئي پهريون منطق جو ڪتاب آهي، جنهن جهڙو اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪتاب ڪونه نڪتو آهي. ساڳئي مرزا خاندان مان خانبهادر مرزا صادق علي بيگ هو جنهن علم معاشيات تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو.
ڪتاب جي حقيقت: هن ڪتاب ۾ علم منطق جا قاعدا ۽ اصول سمجهايل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ علم منطق بابت هي هڪڙو ئي ڪتاب لکيل آهي. هي ڪتاب سنه 1871ع ۾ لکيو ويو هو، انهيءَ وچ ۾ ٻين علمن تي ڪيترن ئي مصنفن جدا جدا نمونن جا ڪتاب لکيا آهن؛ مگر علم منطق تي ڪتابن لکڻ جي جرئت ڪنهن بہ مصنف نہ ڪئي آهي.
مرزا غلام رضا بيگ مرحوم عربي، پارسي ۽ انگريزي ۾ لکيل منطق جي ڍنگ ۾ هي ڪتاب لکيو آهي ۽ اهڙيءَ چٽائيءَ ۽ صفائيءَ سان منطق جا قاعدا ۽ اصول سمجهايا اٿس. جو عربي ۽ پارسي ۾ لکيل منطق جو ڪتاب مشڪل هٿ اچي سگهندو. هي ڪنهن خاص ڪتاب جو ترجمو نہ آهي، پر علم منطق ۾ مرزا صاحب مرحوم کي اونهي واقفيت ۽ قابليت هئي، تنهنجو نتيجو آهي.

مضمون:
جئن اڻ پڙهيل ۾ اڻ پڙهيل مرد، زالون ۽ ٻار پنهنجي روز مره جي گفتگو ۾ ”صرف و نحو“ ، ”علم معاني“ ۽ ”علم بيان“ جا متا ۽ اصول ڪم پيا آڻين، مگر انهن جي صحيح يا غلط هئڻ جي پروڙ ڪانه اٿن، تئن اهي پنهنجي ڳالهه ٻول ۽ سوال جواب ۾ ”علم منطق“ جا متا ۽ اصول پيا ڪم آڻين، مگر انهن متن ۽ اصولن جي صحيح يا غلط هئن جي معلومات کين نہ آهي. هن ڪتاب ۾ اول مصنف سمجهايو آهي، ته علم منطق ڇا آهي ۽ ٻوليءَ سان ان جو ڪهڙو لاڳاپو آهي. تنهن کان پوءِ علم منطق جون اوائلي وصفون نهايت سليس نموني ۾ جدولن ۽ شڪلين جي وسيلي سمجهايون اٿس ۽ پوءِ ”ڪلام“،”مقدمه“.”دليل“،”نتيجه“۽”قياس“ بابت مثالن سان ڪشاديون سمجهاڻيون ڏنيون اٿس، جي علم منطق جا آخرين مقصد آهن. تنهن کان پوءِ سڄي ڪتاب ۾ ڏنلن سمجهاڻين جي استعمال لاءِ 48”فقرا“”مقدما“ ڏنا اٿس. پڇاڙيءَ ۾ انهن ذومعنى لفظن جي ياداشت ڏيئي ڪتاب پورو ڪيو اٿس، جن جي ڪم آڻڻ ڪري ”نتيجه“ ۽ ”قياس“ تي اثر پوي ٿو.
ڪتاب جي مضمون جا ڪي جنسي ٽڪرا ساڳي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ لکجن ٿا.
1- ڪتاب جي ديباچي ۾ مصنف پنهنجو ذڪر ”ضمير غائب“ ۾ ڪيو آهي ۽ ديباچو لکندي چوي ٿو:
”سڀڪنهن ٻوليءَ کي جيترو گرامر يعني صرف و نحو جو ضرور آهي اوترو بلڪ انهين کان بہ واڌو منطق جو ضرور آهي، تنهن ڪري ڄاتائين ته اِنهين ٺهراءَ ڪرڻ مان بلڪل فائدو ٿيندو ۽ پنهنجي دل ۾ انهين ٺهراءَ ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ڪتاب جي مضمون تي فراغت جي وقت ۾ خيال ڪندو هو ۽ جيڪا لکڻ جهڙي ڳالهه دل تي چڙهي ايندي هيس ته انهين کي وري ياد آڻن لاءِ مختصر لفظن ۾ لکي ڇڏيندو هو پر ايترو فراغت جو وقت ڪين ميسر ٿيندو هوس جو هي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيلن ڳالهين کي سڌاري صفا عبارت ۾ وجهي رٿي اڳپوءِ ڪري لکي ۽ ٻيو بہ جيڪي واجب ڄاڻي اهو منجهنس ملائي سڄو ڪتاب تيار ڪري. پوءِ هڪڙو اهڙو افسوس جهڙو اتفاق ٿي پيو جنهن ڪري سندس بمبئي ۾ وڃي الفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ موقوف ٿيو. نيٺ اهو پور ڪيائين ته خانه نشينيءَ ۾ اجايو وقت ضايع ڪرڻ صلاح ناهي، جيئن ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته بيڪار کان بيگار چڱي آهي پر هي ته بيگر جهڙو ڪم ناهي بلڪ ٻئن کي توڙي پاڻ کي گهڻو فائدي جهڙو آهي، تنهنڪري منطق جو ڪتاب جنهن جي جوڙڻ جو گهڻو شوق هوس انهين جي جوڙڻ ۾ مشغول ٿيو ۽ گهڻي ڪشالي ۽ ڪوشش ڪرڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ سنه 1871ع جي مئي مهيني جي 8 تاريخ يا سنه 1288هه جي صفر جي مهيني جي 17 تاريخ انگريزي منطق جي ڪتابن جي نموني تي جوڙي تمام ڪيو ۽ مٿس مفتاح 1القلب نالو رکيو..“
2- ”لاجڪ لفظ يوناني زبان جي لوگاس لفظ مان نڪتل آهي. جنهن لوگاس لفظ جي معنى لفظ يا سبب آهي، تنهنڪري لاجڪ لفظ جي معنى ٻولي ڳالهائڻ يا سبب ڏيڻ جو هنر يا علم آهي.“
”منطق عربي لفظ نطق منجهان نڪتل آهي، هن نطق لفظ جي معنى يوناني زبان جي لوگاس لفظ جهڙي آهي.“
”علم اصلن ۽ دليلن جو جوڙ آهي جنهن جي واهر سان اسين ڪو مضمون بيان ڪريون ٿا. هنر قاعدن جو جوڙ آهي جن موجب ڪو ڪم ٿي سگهندو. علم مان ڄاڻپ خاص ٿئي ٿي ۽ هنر مان ڪم ڪرڻ جي واٽ سکجي ٿي. علم ڏيکاري ٿو ته ڪا شيءَ هستي ۾ آهي ۽ سندس هستيءَ جا قاعدا ۽ سبب آهن. هنر سيکاري ٿو ته ڪا بہ شيءَ پيدا ڪرڻ گهرجي.“
4- ”منطق جا ٽي ڀاڱا آهن پهريون ڪلمه2 ٻيو ڪلام3 ۽ ٽيون دليل4 اهي ٽيئي دل جي ٽن سگهن سان مشابهت ٿا رکن.
اهي ٽي سگهون هي آهن. هڪڙي سمجهڻ جي سگهه ٻي فتوا ڏيڻ جي سگهه ۽ ٽي سبب ڏيڻ جي سگهه، سمجهڻ جي سگهه ڪلمه سان موافقت آهي. فتوا ڏيڻ جي سگهه جي ڪلام سان ۽ سبب ڏيڻ جي سگهه جي دليل سان.
ڪلمه جا مثال: سڪندر، ماڻهون، _ نيڪ گهوڙي جو لغام، جماعت ۽ ٻيا.
ڪلام جا مثال: سخيءَ جو هٿ منجهيئي ڪين. هي دنيا فاني آهي، ”تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي“.”سهڻا ٽوهه پٽن تي پئا آهن.“
دليل جا مثال: ”جيڪو بادشاه پنهنجي رعيت جو خير خواه نہ هو انهيءَ حڪومت وڃائي آهي: نيپولين حڪومت وڃائي آهي“. تنهن ڪري ”سڀ ماڻهو مرڻان آهن. يعقوب ماڻهو آهي. يعقوب مرڻُون آهي.“
”چنگل گير پکي حلال نہ آهي_ باز چنگل گير پکي آهي تنهن ڪري چنگل پکي حلال نہ آهي.“
”نيڪ ماڻهونءَ تي خدا هميشه راضي آهي، احمد نيڪ ماڻهو آهي تنهن ڪري احمد تي خدا هميشہ راضي آهي.“ (صفحه 5-6)
5- ”جي هڪڙي يا هڪڙي واڌو ڏنلن ڪلامن مان ڪو ٻيو علحده ڪلام ڪڍبو ته ان ڏنلن ڪلامن جي ميلاپ کي قياس چئبو.
قياس 1ٻن پرين جا آهن. قياس باآزمودي ۽ قياس بي آزمودي.
قياس با آزمودي جو مثال: اسين هڪڙو پهڻ پاڻي ۾ اڇليون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته وڃيو ٿو تر وٺي. هن آزمودي مان اسين قياس ڪري معلوم ڪريون ٿا ته جڏهن ڪڏهن ڪو پهڻ پاڻيءَ ۾ اڇلائبو ته وڃي تر وٺندو.
هاڻي پهرين 2 قاعدي موجب پاڻيءَ ۾ پهڻ جي ٻڏڻ جو ڪو سبب ڪو ضرور هوندو ۽ اهو سبب هي آهي ته پهڻ 3پاڻ جيڏي پاڻيءَ جي انداز کان باري آهي. ۽ ٻئي قاعدي موجب جڏهن ڪڏهين اسين پاڻيءَ ۾ پهڻ ڏسون ٿا تڏهن اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته پهڻ پاڻيءَ ۾ اڇلبو ته جهڙو پهرين دفع حال ٿئو هو اهڙو هينئر پڻ ٿيندو.“
(صفحه41-42)
6- ”جو ڪلام ٻئن ٻن ڪلامن مان نڪري ٿو ان کي نتيجو يا حاصل ڪلام ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ جن ڪلامن مان نتيجو ٿو نڪري انهن مان هڪڙي هڪڙي کي مقدمو ڪري سڏيندا آهن.
مثال: ”سڀني شومن جو مال ڪانگين ڪتين ٿيندو آهي: هوت خان شوم آهي: تنهنڪري سندس مال ڪانگين ڪتين ٿيندو.“
(صفحه 53)
جيتوڻيڪ هي ڪتاب 1871ع ۾ چاپيو آهي؛ ته بہ صورت خطي هن وقت جي ڪتابن جهڙي آهي. ڪن ٿورڙن لفظن ڌاران ڪٿي بہ اعراب ڪم آيل ڪانهي. تيئن مقرر ٿيل آئيويٽا موجب سڀيئي حرف صحيح صورتن ۾ ڪم آيل آهن. ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي جن جن لفطن جون صورتون 15-1914ع ۾ درست طرح مقرر ڪيون آهن: سي لفظ اصلوڪي نموني ۾ لکيل آهن.
مرزا صاحب مرحوم هن ڪتاب جي شروع ۾ پنهنجا ٺاهيل ست ڏوهيڙا لکيا آهن، جن مان پهريون ڏوهيڙو ته ساروئي فاتحہ سوره جي لفظن سان ٽمٽار ڪيو اٿس؛ ٻئي ۾ اخلاص سوره جو مضمون سمايو اٿس ۽ باقي پنجن ۾ خدا تعالى جي تعريف ڪئي اٿس. پڇاڙيءَ واري ڏوهيڙي ۾ پنهنجو تخلص قانع ڪم آندو اٿس.
انهن ستن ڏوهيڙن مان چار هت لکجن ٿا:
1- ”الحمد تنهن الله جو جو رب العالمين،
سو رحمان سو رحيم سو مالڪ يوم الدين،
اياڪ نعبد بالصدق و اياڪ نستعين،
اهد ناالصراط المستقيم صراط الذين،
انعمت عليهم غيرالمغضوب عليهم والاالضالين،
آگا ڪر آمين، عرض هن اڄاڻ جا.“
2- ”صفتون صانع جون بيشڪ بيعدد،
احد الله اهو جو لم يلد ولم يولد،
هرجا حاضر هر زمان ساڳيو ئي صمد،
آهي سڀ احد، سوين صورتن ۾”.
3- ”صفت ڪر صانع جي، جو بيچون بيچگون،
جوڙيو جنهن جڳت کي چئي ڪن فيڪون،
سي ٿيا سرنگون، جن منهن مٽيو محبوب کان“
4- ”قادر تنهنجي ڪرمن جا ڪري ڪير بيان،
جوڙيئي هن جڳت ۾ آب منجهان انسان،
فهم ڏيئي فائقن ڪيئي سرت سبحان،
اشرف مخلوقن ۾ هي ناطق ڪيئي نندان،
آغا ڪر احسان، قانع تي ڪريم تون.“
مثالن مان ثابت آهي ته مرزا صاحب ڏوهيڙا نهايت پختا ۽ رسيلا ٺاهيو ڄاڻندو هو. ڏوهيڙن ۾ شايد سندس ٻيو ڪو بہ گهڻوئي ڪلام هجي. جو اڃا ظاهر نہ ٿيو آهي.