سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ٽيون
سڪندر جي وقت کان وٺي پنجين صديءَ تائين سنڌ جي تاريخ جي پوري سڌ ڪانھي. عيسوي پنجين صديءَ جي پڇاڙي ڌاري سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي، جا اٽڪل ڏيڍ سؤ ورھيه ھلي. انھي وقت ۾ اروڙ يا الور سنڌ جو گاديءَ جو ھنڌ ھو، جو روھڙيءَ کي ويجهو ھو. انھي ۾ ھڪڙو وڏو قلعو ھو ۽ گهڻيون عاليشان عمارتون ھيون ۽ مزي مزي جا باغ ۽ ڪارخانا ھئا. ساري سنڌ جا تڏھن چار ڀاڱا ھئا، جي جدا جدا حاڪمن جي ھٿ ھيٺ ھئا. انھي گهراڻي جا مڙئي پنج راجا ٿيا. پھريون ھو راءِ ديوا جِي ۽ پويون ھو راءِ ساھسي. اھو پھريون راجا ڏاڍو عقل ۽ تجويز وارو ھو. پاڻ پنھنجي ملڪ ۾ گشت ڪندو ھو. گهڻن ھنڌن تي مضبوط قلعا ٺھرايائين وٽس ھڪڙو ھوشيار وزير رام راءِ برھمڻ ھوندو ھو، جو ملڪ جي سڌاري ۾ ھن کي گهڻي مدد ڏيندو ھو. انھيءَ وزير پنھنجي مدد لاءِ وري ھڪڙو ٻيو برھمڻ نائب ڪري رکيو، جنھن جو نالو چَچ ھو. اُھو به ڏاڍو ھوشيار ھوندو ھو. راجا جو انھن ٻنھي تي ڏاڍو اعتبار ھوندو ھو. جڏھن وزير رام راءِ مري ويو تڏھن راجا، چچ نائب وزير کي کڻي پنھنجو وڏو وزير ڪيو. سگهو ئي پوءِ راجا ساھسي راءِ بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. راجا جي راڻي، جنھن جو نالو سھندي ھو، تنھن تجويز ڪري چچ کي تخت تي وھاريو، جو راجا کي ٻيو اولاد ڪونه ھو. چچ اڳ ڳڻتي ڪري راجا جي انھن مائٽن کي مارائي ڇڏيو، جي تخت جا دعوادار ٿين ھا. انھيءَ ھوندي به جوڌپور جي راجا مھارت وڏو لشڪر گڏ ڪري چچ تي ڪاھيو، انھي لاءِ ته انھي ظالم کي تخت تان لاھي، پر چچ انھن کي شڪست ڏني ۽ پاڻ پوري طرح ملڪ جو قبضو ڪري راجا ٿي ويھي رھيو ۽ راڻي سھندي سان کڻي شادي ڪيائين، جنھن مان ٻه پٽ ۽ ھڪڙي ڌيءُ ڄايس. پٽن جا نالا ڏاھر ۽ ڏھر سيئن ھئا ۽ ڌيءُ جو نالو ٻائي ھو. چچ ملڪ کي ڏاڍو سڌاريو ۽ ساري سنڌ جو گشت ڪيائين ۽ ڪشمير ۽ ملتان به ھٿ ڪيائين ۽ قنڌار ۾ به آيو ۽ اتي جي حاڪم تي ڍل مقرر ڪري موٽي ويو. چاليھه ورھ برابر چڱي حڪومت ڪيائين. سندس مرڻ تي، سندس ڀاءُ چندو، سندس جاءِ تي ويٺو، جنھن ٻڌ ڌرم گهڻو پکيڙيو، اگرچه پاڻ برھمڻ ھو. اٺن ورھين کان پوءِ اھو به مُئو ۽ پوءِ ڏاھر راجا ٿيو.