سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق پھريون

سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق پھريون: سنڌ جا قديم رھاڪو

قديم وقت ۾ سنڌ ھڪڙو تمام وڏو پرڳڻو ھو. ھاڻوڪي سنڌ کان ٻيڻو ٽيڻو ھو. ڊگھائيءَ ۾ ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين ھو ۽ ويڪرائيءَ ۾ ايران کان وٺي راجپوتانا تائين ھو. يعني پنجاب ۽ افغانستان، بلوچستان ۽ راجپوتانا جا ڀاڱا به منجھس داخل ھئا. ۽ ايترو سارو ملڪ ھڪڙي حاڪم جي ھٿ ھيٺ رھي سگهڻ جھڙو نه ھو. جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا حاڪم حڪم ھلائيندا ھئا، جيئن ته ملتان ۾ ھڪڙو، شڪارپور ۾ ٻيو، سيوھڻ ۾ ٽيون، حيدرآباد ۾ چوٿون، ٺٽي ۾ پنجون، انھي طرح. انھن شھرن جا به انھي وقت ٻيا نالا ھئا، اِھي نه ھئا.
سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو آرين قوم جا ھئا، جي وچ ايشيا کان ھماليه جبل لنگهي سنڌ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنارن تي اچي رھيا ھئا. اھي ھندي آرين ھاڻوڪن ھندن کان بلڪل ٻيءَ طرح جا ھئا. ھو بت نه پوڄيندا ھئا، نه مندر ۽ مڙھيون ھئن. باھ ۽ سج، ھوا ۽ مينھن جي پوڄا ڪندا ھئا ۽ ماس به کائيندا ھئا. ھو شڪل جا سھڻا ۽ قداور ۽ بھادر ھئا. منجھن ذات جو ڪو به تفاوت ڪو نه ھو.
جڏھن سنڌ ۽ پنجاب مان نڪري اُتر ھندستان ۾گنگا نديءَ جي ڪنارن تي پکڙڻ لڳا تڏھن ھنن کي اُتي جي ڊراوڊ (دراوڙ) ۽ تاتاري رھاڪن سان وڙھڻو پيو. تنھنڪري منجھن جيڪي زور ڀريا ۽ بھادر ھئا تن کي جنگ جي ڪم لاءِ مقرر ڪيائون. انھن کي کتري سڏيائون ۽ انھن جي مھندار کي راجا سڏيائون. ٻيا جيڪي مکيه ديوتا برھم جي شيوا ۽ پوڄا ڪندا ھوا تن کي برھمڻ سڏيائون. جيڪي خاص پوک جي ڪم ۾ رھيا تن کي ويش جو نالو ڏنائون ۽ جيڪي وري اصلوڪن رھاڪن مان ھنن سان گڏجي ويا ھئا ۽ جن جو اولاد نج آرين نه ھو، تن کي شدر (شودر) جو نالو ڏنائون. تنھنڪري ھندو آرين جا اھي چار مکيه ڀاڱا ٿيا. اڃا به ٻيا جيتيلن (هارايل) قومن مان جي ھنن جا غلام ٿي رھيا، سي ڪنھن به ذات ۾ داخل نه ٿيا ۽ ڪَمذات ۽ نيچ شمار ۾ آيا ۽ ٻين کان ڌار رھڻ لڳا.
پوءِ ٿورو ٿورو ٿي وڏا شھر ٻڌا ۽ مندر به جڙيا ۽ ڌنڌا به جاري ٿيا. اھي سڀ سنسڪرت ٻولي ڳالھائيندا ھئا. نيٺ آھستو (هوري هوري) ٿي اھي چار ئي ذاتيون ڌار ڌار ٿيڻ لڳيون. انھن قديم قومن مان ٻه مشھور قومون پانڊون ۽ ڪورن جون ھيون، جي اُتر ھندستان جي ھستناپور ملڪ جي بادشاھيءَ لاءِ پاڻ ۾ وڙھيون. انھن مان نيٺ پانڊؤ فتحمند ٿيا ۽ ڪورو مارجي ويا. انھن جو بيان مھا ڀارت ۾ آھي. انھن ڏينھن ۾ ڪرشنا گجرات جو راجا ھو جنھن پانڊون کي مدد ڏني ھئي ۽ جئدراٿ سنڌ جو راجا ھو، جنھن ڪورن کي مدد ڏني ھئي. انھيءَ ڳالھه کي عيسوي سن کان اڳي ٻارھن تيرھن سؤ ورھيه گذري ويا ھئا.