سوکڙي ڳالهين جي/ستون باب/ڳالھ پنجين
۷-۵ ڳالھ پنجين؛ نواب غازي خان جي
پنجاب جي ملڪ ۾، ھڪڙو شھر غازي خان جو ديرو، پڌرو آھي. ان شھر جو نواب، غازي خان سياڻو مڙس ھيو. تنھن جي حياتيءَ وارن ڏھاڙن ۾ ھڪڙو ٺڳ، ڳچ جيترا ھيرا دٻليءَ ۾ پائي، ڳھُ رکڻ لاءِ، ھڪڙي شاھوڪار وٽ کڻي آيو. شاھوڪار، ان ٺڳ کي شاھوڪار ڄاڻي، اھي ھيرا ڏسي ڀالي، دل جاءِ ڪري، ڳَھُ رکڻ باسيو. پر پيسن جي وياج تي چؤٻولو ڪيائين. ايتري ۾ ٺڳ اھا دٻلي کڻي، پنھنجي کيسي ۾ وڌي. ڳچ کان پوءِ ٺڳ، ان شاھوڪار جي چوڻ موجب، وياج باسيو. تڏھن شاھوڪار، ھيرا ڏيڍ ھزار جو مالُ ڄاڻي، تن جي ڳھَ جو ھڪ ھزار رپيا، ٺڳ کي ڏنو. ۽ ٺڳ دٻلي ھڪڙي، ان جھڙي جنھن ۾ اصلي ٺڳيءَ لاءِ، ان ھيرن جي نموني، ڪوڙا داڻا وجھي آيو ھيو، ڪڍي شاھوڪار کي ڏيندي، رپيا کڻي ھلندو رھيو.
ويچاري شاھوڪار وسوڙل، اھا دٻلي ساڳي ڄاڻي، رکي. ڳچ ويرم کان پوءِ دٻلي پٽي منجھس ھيرا ڪوڙا ڏسي، ارمانُ کاڌائين. پر ٺڳ جو ڏسُ کُرُ ڪو نه ھيس. تنھن ڪري ناڻي (موٽي) ملڻ جو سوس پلي (آسرو لاھي) (ويھي) رھيو.
ايتري گھاٽي جو سور، پڻ دل ۾ سانڍي نه سگھيو.
نيٺ اھا ڳالھ، واندڪائيءَ ويلي، شھر جي نواب کي سڻايائين. نواب اھا ڳالھ ٻڌي، ڳڻتي (سوچ) ڪري، شاھوڪار کي پھُ (رستو) ڏسيو.
تنھن موجب شاھوڪار، ٻه ٽي ڏھاڙا وٿي وجھي، ھڪڙيءَ رات پنھنجي گھر کي کاٽُ ھڻي، گھر جي شيءِ ٻيءِ ھيٺ مٿي ڪري ڇڏي ۽ صبح جو چورن کان ڦرجڻ جو بھانو ڪري، پڪاريائين.
سا ڳالھ ٻڌي، ماڻھو گھڻا اچي مڙيا. تنھن مھل شين ٻين جون سارون ڪري، چوڻ لڳو؛ جيڪا گھر جي وَٿُ سَٿُ ويئي، تنھن جو سانگو ڪو نه آھي. پر ھڪڙي دٻلي ھيرن جي پرائي، ڳَھَ ۾ ھئي، جا چوري ٿي ويئي آھي. تنھن جي ڌڻيءَ کي ڪھڙو جواب ڏبو.
ڳچ ويرم ۾ اھا ڳالھ، سڄي شھر ۾ پکڙي سُڄي رھي (سُئي/ ٻڌي وئي).
ٺڳ اھا ڳالھ ٻڌي، پنھنجو مڪو متو ڏٺو. جھڙيءَ ريت پھاڪو آھي؛ ”ڪنگ کي لڙ ۾ مزو.“ دل ۾ وَڳڙو سِٽي، اھا ساڳي ڳوٿري ناڻي جي ۽ ٻه ٽي رپيا وياج جا ساڻُ ڪري، شاھوڪار وٽ آيو، ۽ اچي پنھنجا ھيرا گھريائين. شاھوڪار ناڻو ھٿ ڪري اھا دٻلي، جا ھٿ سان پاسي ڪئي ھيائين، ڪڍي ٺڳ کي ڏني. ايتري ۾ نواب جي ماڻھن، جي (جيڪي) ماڻھن جي سَمَنَ تي بيٺا ھيا، ٺڳ کي جھلي ھٿيڪو ڪيو.
ڏسو سياڻپ جا ڪم! جو نواب ڪھڙي کيڏ ڪري، ٺڳُ ھٿ ڪيو. ۽ شاھوڪار جو مالُ ھٿ ڪري، پنھنجو ناماچار وڌايائين. پھاڪو آھي؛ ”ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي.“ تنھن ڪري ڄاڻجي ٿو؛ سياڻپ، سڀ کان چڱي آھي. ۽ عقل کان سواءِ ماڻھو اھڙو آھي جھڙو اکين کان سواءِ انڌو. سياڻا چوندا آھن؛ ”بخت پڻ، عقل جو محتاج آھي.“ پر سياڻن جي سنگ کان سواءِ، سياڻپ ھٿ نه اچي. تنھن ۾ تو کي پڻ گھرجي جو سياڻن سان سنگ ڪر ته سياڻو ٿين.
بيت
پارِسَ جھڙا پارَ، سياڻن جي سنگ جا،
سِيھي منجھان سونُ ڪن، لائي پنھنجي لارَ،
ڏيکارين ڏڏن کي، عقل جا اسرارَ،
موڳن کي مت ڏين، موچارا مھندارَ،
سمجھي وٺ سنڀارَ، تون پڻ سندن سنگ مان.