سوکڙي ڳالهين جي/ٻيون باب/ڳالھ پنجين
۲-۵ ڳالھ پنجين؛ جان ڪرلينگ صاحب ۽ وڏي ماڻھوءَ جي
جن ڏھاڙن ۾، ھالن جي ڊپٽي صاحب بھادر جي آفيس ۾ ھيڊ منشي ٿي حضرت جان ڪرلينگ صاحب بھادر جي خدمت ۾ گذران ڪيم، تن ڏھاڙن ۾ سنڌ جي وڏن ماڻھن مان ھڪڙو، صاحب جي ملاقات لاءِ آيو. تنھن کي، صاحب گھڻو آدر ڏنو. ڳچ ويرم (جھٽ گھڙيءَ) کان پوءِ ڳالھيون ٻولھيون ڪري، جڏھن موڪلائڻ لڳا تڏھن ھن وڏي ماڻھوءَ آڀارڻ جي ريت سان، صاحب کي چيو؛ ”آ صاحب جو نوڪر آھيان.“
صاحبُ (رب)، مونکي ياد کان نه وساري. تڏھن صاحبَ (آفيسر) پڻ اوترا اکر واري (ورائي) چيس.
پر ھن جي وڃڻ کان پوءِ، صاحب ڏاڍا ارمان کاڌا ۽ فرمايائين؛ ”ڪوڙي جي سنگ لڳي، پنھنجي زبان جو مانُ وڃائي مون پڻ ڪوڙ ڪري چيس؛ ’آ سندس نوڪر آھيان.‘ تنھن ڪري ڀانيان ٿو جو (ته) ھيءَ منھنجي زبان نرڳ (جھنم) ۾ ويندي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) آ سندس نوڪر ڪين آھيان. رڳي ڪوڙي خوشامد ڪري چيو اٿم.“
ڏسو مڙسن جون سچايون. جو ڪوڙ کان ڪھڙي بڇان ٿي لڳين. سچ ته مڙس کي پنھنجي زبان کي مانُ ڏيڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪوڙ پت وڃائيندڙ ۽ ڌڻيءَ جي در ڏوھاري ڪندڙ آھي. تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو ڪوڙ کان پري ڀڄ.
بيت
ڪري ڪم ڪُپت جا، بُرو بُريءَ پَرِ،
ٿڙيو ٿيئي ڪينڪي، سچائيءَ سان سَرِ،
ڇوڙي سندرو سچ جو، ٻڌي ڪوڙُ ڪمر،
سڙيو سڙي سچ کان، ڪري ڪوڙُ ڪُپَرِ،
ڌڻي ڏيھ ڏمر، اچي اھڙي ھاج کان.