سوکڙي ڳالهين جي/ٽيون باب/ڳالھ ٻين
۳-۲ ڳالھ ٻين؛ گلاب جي گلن جي
شخص ھڪڙي، گلاب جا گل بٺيءَ تي ڪڙھندا ڏسي، پڇين؛ ”ڪھڙو ڏوھ ڪيو اٿو، جنھنڪري اوھان کي باھ تي ساڙي ٿا چِڪائين.“
گلن چيو؛ ”ادا! ماٺ ڪر! تون پڻ نه ڳالھاءِ. ڳالھائڻ، اسان جو ھيءُ حال ڪيو آھي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) جاسين چَپَ ڀيڙي ماٺ ۾ ھياسين، تاسين ڪنھن ڪين ٿي چيو. جڏھن چپ پٽياسين تڏھن باغائيءَ ھٿان ھيءُ ڏک ڏٺاسين.“
ڏسو؛ وات پٽڻ جو ڳڻ، جو گلن چيو! وات پٽڻ جي مراد؛ ڳالھائڻ آھي. يعني ڳالھائڻ جو کٽيو جو گلن کاڌو، سو ٻڌءِ.
تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛
”ماٺ، وڏو ٽول آھي.“ جھڙيءَ ريت، داڻو ڌرتيءَ ۾ ماٺ ڪري رھي، نيٺ سنگ ٿو ٿئي.
وري ”بڪ ڏاڍي بڇڙي آھي.“ جھڙي طرح تِڏو بڪ ڪري، پنھنجو ميڄالو ٿو ڦاڙائي.
تنھنڪري تو کي گھرجي؛ ”ماٺ ۾ رھُ. نه رھين ته ٿورو ڳالھاءِ.“
بيت سوال
اڙي گل گلاب جا، ادا اوري اچ!
موڳو آھين منھن ۾، ڳريو آھين ڳچ،
ڇو سڙين ڇا کي ڳرين، صاف ڳڻي سؤ سچ،
مٿئون جَرُ جاري اٿئي، ھيٺان مَتُئي مَچُ،
ڪھڙو ڪيئي ڪَچُ، جو سُھمون سھين سيڪ جون.
بيت جواب
سورھيه ھن سوال جو، سڻ جواب جُڙي،
جاسين ڪڇيم ڪين ٿي، ڏيئي ٻوٿ ٻُڙي،
تاسين ڪنھن نه تات ڪئي، پھتو ڪو نه پُڙي،
جڏھن چوريم چَپَ کي، منجھان ماٺ مُڙي،
تڏھن ڪَري گاج گُڙي، باغائيءَ بَٺِ وڌو.
۳-۳ ڳالھ ٽين؛ ڪانءَ ۽ گدڙ جي
ڪانءَ ھڪڙو، ٽڪر ماس جو چھنب ۾ ڪري، وڻ تي ويٺو ھيو. گدڙ ھڪڙي، ماسُ ڪانءَ جي وات ۾ ڏسي، ارمان ڪيو. دل ۾ ڳڻتي ڪيائين ته، ڪو ڊول (کيڏُ) ڪري ڪانءَ جي وات مان ماس ڇڏائجي ته چڱو.
اھو پھُ ڪري، وڻ ھيٺ اچي، ڪانءَ جي ساراھڻ لاءِ چوڻ لڳو؛ ”ڪھڙو سھڻو پکي، ڌڻيءَ جوڙيو آھي. جنھن جا کنڀ توڙي پير، توڻي چُھنب، سڀ سھڻا آھن. ڄاڻجي ٿو جو (ته) ھن جي ٻولي ته ڪا گھڻو چڱي ھوندي. پر جاسين نه ٻڌبي تاسين ارمان رھندو.“
ڪانءَ اياڻي، گدڙ جي لنڊي خوشامد ٻڌي، ڊُومَ (مڪر) کي نه سمجھي ھامدي (حامي واري) پنھنجي ٻولي ڪان ڪان ڪئي. ٻولي ڪندي، واتُ پٽجي، ماس جو ٽڪر ڪري پيس. گدڙ ڊوڙي ماس کڻي چيو؛ ”ٻولي ٻڌڻ ۾ ايترو ڪم ھئوم.“
ڳالھائڻ جو ڇيئو، ڪانءَ پاتو، سو ڏٺوَ. جي ڪانءُ ان مھل نه ڳالھائي ته ڇا لاءِ پنھنجو قوت ھٿان وڃائي.
تنھنڪري تو کي گھرجي جو ٻين جي للي پتي (ڪوڙي تعريف) ڏي نه نھار. ماٺ ڪري، پنھنجي ڪم ۾ پورو رھ.
بيت
صبر سدائين سَرھو، بري بڪ بلاءِ،
ڳڻي اِنھين ڳالھ کي، مَن کي ماٺ ملاءِ،
صبر سان ۽ سيل سان، جوڙ جُسو ڪر جاءِ،
ڪُڇ پُڇ ڪنھين سان ڪينڪي، ٻولي ٻي نه ٻڌاءِ،
ڪنان بڪ بچاءِ، ڄاڻي پنھنجي ڄڀ (زبان) کي.