سوکڙي ڳالهين جي/پنجون باب/ڳالھ پنجين
۵-۵ ڳالھ پنجين؛ ڄٽ طبيب کان شھزادي مرڻ جي
ڄٽ ھڪڙو، ٿورا ڏھاڙا، طبيب ھڪڙي وٽ، ٻيلي (نوڪر) ھيو. طبيب جي حال چال ڏسي، پاڻ کي به طبيب ڄاتائين. جيڪي پنج ڏھ رپيا، پورھيي ڪارھيي جا گڏ ڪيا ھيائين، تن جا لٽا ليڙا ڪري، طبيب جو ٻيلپو ڇڏي، ھڪڙي شھر ۾ وڃي طبيب جُڙي ويٺو. ٻن ٽن ماڻھن جي جي ڪوڙي سچي دوا ٻُڪي ڪيائين. جيتوڙي ته ٻُڪيون، ڏُوار (مرض) کي پوريون نه ٿي ڄاتائين، پر؛
بيت
ڪنھن ويلي ڪو ڇوڪر، ڪڍي ھڻي ڪانُ،
بنا ڄاتي بي عقل، نِھوڙي نيشان.
ماڻھو ڇٽي پئا. تنھن ڪري شھر ۾ سندس ناماچار گھڻو ٿيو ۽ ماڻھن کي ڄٽ جي طبيبيءَ تي گھڻو ويساھ وڌيو.
جھڙي طرح؛ اڄاڻ، ڦٽڪيءَ کي مصري ڄاڻي. ان شھر جي راجا جي نياڻي ناچڱي ٿي. جنھن جي دوا ٻُڪي ڪرڻ لاءِ، گھڻا ويڄ طبيب سڏي پُڇائين پر ڪنھن ڏُوار کي نه ٿي سڃاتو ۽ ڪنھن جي دوا مان سکر نه پئي ٿي. تنھن ڪري راجا گھڻي ويماس (پريشانيءَ) ۾ ھيو.
آڳاٽو ھڪڙو طبيب، راجا جو نوڪر ھيو. پر وڏتڻ کان انڌو ٿيو ويٺو ھيو. راجا ان کي سڏائي، ڇوڪرِ جو حال ڏيکاريو. تنھن ناڙَ (نبض)، ڇوڪرِ جي ڏسندي، ڏُوار کي سڃاڻندي چيو؛ ”آڳاٽو، ھن ڏُوار جي ڇٽڻ جي معجون جوڙي ھيم. تنھن مان ڳچ جھڙي فلاڻي طرح جي دٻليءَ ۾ پيئي آ. راجا جي دواخاني ۾ رکي آھي. پر اکين سواءِ سڃاڻي نه سگھندس.“
اوچتو، تنھن مھل، ھو ڄٽ طبيب ويٺو ھو سو دٻلي ۽ دوا جي سڃاڻڻ جي ھام ھڻي، اٿي دواخاني ۾ ويو. پر، انڌي کي دانگي ۽ آھري ھڪ جھڙا. ڄٽُ، طبيب جو اھڃاڻ ياد ڪري، ان جھڙي ھڪڙي دٻلي کڻي آيو. تنھن مان ٿوري ڇوڪَرِ کي کارايائين. جيڪس ان دٻليءَ ۾ ڪا دوا وِھُ گڏيل ھئي، جا ڄٽُ ڀلجي کڻي آيو ھيو. سا کائيندي، ڇوڪَرِ مري پيئي.
ھيءُ حال ڏسي، راجا ڪاوڙجي، ڄٽ کي ڦاھيءَ ڏياريو.
ڏسو اڻ-ڄاتي ڪم ڪرڻ جو حال. جي ڄٽُ، اڻ-ڄاتي ڪم ۾ ھٿ نه گڏي ته ڇا لاءِ راجا جي ڌيءُ، جا پيءُ جي ڏاڍي پياري ھئي، مري ۽ ڇو پاڻ ڦاھو کائي.
تنھن ۾ ڄاڻجي ٿو جو جيڪو ري-ڄاتي ڪم ۾، استاد جي پڇي بغير، ھٿ وجھندو، سو ھن ڄٽَ گھاءِ پنھنجو مٿو اجايو وڃائيندو.
تنھن ڪري تون پڻ ري-ڄاتي ڪم ۾ ھٿ نه گڏ ۽ جي پنھنجو ڀلو گھرجيئي ته استادن کان واٽ پڇي ڪم ڪر ته سڻائي ٿيئي.
بيت
اچي نه استاد کان، پُرجھي وٺي واٽَ،
موڳو پنھنجي مت تي، گھڙي ويٺو گھاٽَ،
اھڙا کوٽي کاٽَ، جنھن مان جوکو جيءَ جو.
بيت
ري-رستي استاد جي، ٻڌي بادي بَمَ،
موڳو منجھاڻو وتي، دليان ھڻي دَمَ،
ڪري ڪچا ڪَمَ، جنھن مان سِرُ سوريءَ ڏئي.