سوکڙي ڳالهين جي/پھرئين ڇاپي جو مھاڳ
بسم الله الرحمان الرحيم
ساراھيان سچو ڌڻي، پرٿويءَ پالڻھار،
جوڙيو جنھن جھان جو، عجائب اسرار،
پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، جنھن جڳت جو جنسار،
لھي سار سڀن جي، عالَمَ جو آڌار.
سڀوئي سنسار آڌار آھي ان جي.
آڌار آھي ان جي، سارو سڀ جھان،
مالڪ سو ملڪ جو، سوڀارو سلطان،
رزق رسائي سڀ کي، سو رازق رحمان،
پالي پکي ۽ پسون، جن، پري، انسان،
سياڻن سار لھي، ڏڏن به ڏئي ڏان،
آڌر ڏئي انڌن کي، منڊن ڏئي مان،
ڳائي ڳڻ انھيءَ جا، ڪري ڪير بيان،
ملائڪ ماندا وتن، ڇا آھي انسان.
سونھارو سبحان، عالَمُ جنھن جي آسري.
ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي سگھ سان اڀ کي ري-ٿنڀي-ٿوڻئين بيھاري، ڌرتيءَ کي پاڻيءَ تي پکيڙيو آھي. جنھن جي قدرت سان چنڊ ۽ سج، راتيان ڏينھان ھلي، ڌرتيءَ ۽ اڀ تي سوجھرو ڪن ٿا. جنھنجيءَ سگھ سان، ڏينھن ۽ رات، ھڪ ٻئي پٺيان ٿا ڊوڙن. جنھنجيءَ سگھ ليکڻ (قلم، پين) کي اھڙي ڪلّ ڏني آھي، جا ريءَ-ڄڀ، اھڙو ٿي ڪاڳر (پني/ ڪاغذ) تي ڳالھائي، جو پري پري ٿو سُڄي (ٻڌجي). جنھنجيءَ سگھ دل جي وھم کي اھڙو ٺاھ ڏنو آھي جو ريءَ-کنڀن اڏامي پل ۾ پري پري ٿو پھچي. جنھنجيءَ سگھ، پاڻيءَ جي ھڪڙي ڪني ڦڙي کي ڳڀيرڻ ۾ ويھاري، تنھن مان طرح طرح جا ماڻھو؛ ھڪڙا راجائون ھڪڙا وزير، ھڪڙا ساوا ھڪڙا سڃا، ھڪڙا سياڻا ھڪڙا اياڻا، ھڪڙا پڙھيا ھڪڙا ڏَڏَ، ھڪڙا چڱا ھڪڙا مٺا اپائي ٿي. تنھن جي وڏائيءَ جي لکڻ لاءِ جيڪڏھن ڪو سڄو سمنڊ مس ڪري ۽ سڀ وڻ راھ ليکڻ (قلم، پين) ڪري ۽ سڄي ڌرتي ڪاڳر ڪري، تڏھن پڻ ھن جي وڏائيءَ جو ڇِھُ نه لھي. تڏھن مون اڀري اياڻي، ٿوريءَ سمجھ واري جي ڇا دال ڳرندي جو ھن جي سگھ کي ساراھي سگھندس. پر پنھنجي ڄاتي آھر، گھڻي مان ٿورو، جھڙو ھنبار (ڍير، ديرو، کوڙ) مان ڪڻو چيو گھرجي. تنھن سگھاري جي اپايلن مان آ پڻ ھڪڙو ٻانھو، اڀرو اڄاڻ، ڪيولرام پٽ سلامت راءِ جو آڏواڻي حيدرآباد جو رھاڪو آھيان.
ڪتاب جو سبب
ھڪڙي وقت دل ۾ آيم ته جيڪر ڪو ننڍو وڏو ڪتاب جوڙي پوءِ پرھئين (پيڙھيءَ، آڪھ، خاندان) جي نالي رھڻ جو وسيلو ڪريان. جي توڻي ته (جيتوڻيڪ) ڄاڻان ٿو ته جيڪڏھن اھڙو ننڍو سادو ڪتاب فارسي يا ھندي زبان ۾ جوڙيان ته جوڙي سگھان. پر اھو اھڙو پڌرو ۽ پسند نه ٿيندو. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) اڄوڪي سمي ۾ سنڌ جي سرڪار کي سنڌي ٻولي ۽ اکر وڻندڙ آھن. سياڻا چوندا آھن؛ ”ڍارو پوي، سو داءُ، راجا ڪري سو نياءُ.“ يعني؛ ”راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.“ تنھنڪري ھن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪري، پنھنجي ٿوري سمجھ آھر، ڪي آکاڻيون ماڻھن ۽ پکين ۽ مرن جي ٻوليءَ جون چونڊي ھن ڪتاب ۾ لکيم. ڀانيان ٿو جو ھن جي پڙھڻ وارا اھي پڙھي منھنجي اياڻپ تي کلندا. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪتابن جي جوڙڻ وارا سڀ سرھا گل آھن، جھڙو جاءِ ۽ گلاب. تن ۾ آ ھڪڙو اڪ جي گل جھڙو آھيان ۽ ڪتابن جي پڙھڻ وارا ڀونئر، واس وٺندڙ آھن. تن کي ڪھڙي پر، اڪ جي گل جي بانس وڻندي. پر ڏٺو اٿم جو چيٽ مھيني ۾ ڀونئر، ڀلائي ڪري، اڪ جي گل جو پڻ واس وٺندو آھي. تنھنڪري مون کي پڻ سوس آھي جو پڙھندڙ ڀلائي ڪري ھيڪر ھن ڪتاب کي، مھربانيءَ جي اکين سان ڏسي، جيڪو منجھس ڀولو رولو ھوندو سو جوڙيندا. جيڪڏھن ڪتاب جي ڪچائيءَ کي ڏسي، مون تي توڻي ڪتاب تي کلندا. تڏھن به ڪس ڪا نه لڳنديم. ڀانئيندس جو پورھيو گھڻن جي کلي خوش ٿيڻ جو ٽول جوڙيم. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) سياڻا چوندا آھن؛ ”جنھن ڳالھ ۾ گھڻا خوش ٿين، سا چڱي.“
ڪتاب جو احوال
هي ڪتاب اھڙو چڱو نه ٿيو آھي، جنھن جي ساراھ ڪجي. پر ”نڪي ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي، نڪي ڪنھن کي عقل منجھايو آھي.“ سڀ ڪو پاڻ کي سھڻو ۽ سياڻو ڄاڻي. تنھن ريت آ پڻ پنھنجي ڪتاب کي چڱو ڄاڻان ٿو. تنھن ڪري ”ڳالھين جي سوکڙي“ نالو رکيو اٿمانس. ڀانيان ٿو پڙھڻ وارا اھو ڪتاب جو نالو ڏسي چٿرون ڪندا. پر ھيءَ ڳالھ پڌري آھي، جو ”پنھنجي ڌونئري کي، کٽو ڪو به نه چوي.“ اھو عذر، منھنجي اگلائيءَ کي (جو) بچاءُ ڪندو. تنھنڪري اميد اٿم جو ڪتاب پڙھڻ وارا ان ڏوھ کي اسراڻ (معاف، وساري) ڪندا.
ڪتاب جي وِڳيتِ (فھرست)
ھن ڪتاب ۾ ھڪڙي ھڪڙي ڏوھ ۽ صواب لاءِ ھڪڙو ھڪڙو باب ڌار ڪري سڀ ست باب ڪيا اٿم.
تن جي وِڳيتِ (فھرست)
۱ پھريون باب، لالچ جي گلا جو، تنھن ۾ نو ڳالھيون.
۲ ٻيون باب، ڪوڙ جي گلا جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
۳ ٽيون باب، ماٺ جي ساراھ ۽ بڪ جي گلا جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
۴ چوٿون باب، بڇڙي ڪم ڪرڻ مان خرابي ٿيڻ جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
۵ پنجون باب، ري-استاد ڪم ڪرڻ مان خرابي ٿيڻ جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
۶ ڇھون باب، لچن سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽي جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
۷ ستون باب، سياڻن جي سھڻن نقطن (نڪتن) جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.