سوکڙي ڳالهين جي/پھريون باب/ڳالھ ستين
۱-۷ ڳالھ ستين: ٻن ٻلن جي
ھڪڙيءَ ٻڍيءَ زال جي گھر ۾ ڀوري نالي ٻلي رھندي ھئي ۽ ٻڍيءَ جا رکا سڪا ٽڪر ٽيرا کائي گذران ڪندي ھئي ۽ گھر کان ٻاھر ڪين نڪرندي ھئي. تنھنڪري سدا ڏٻري ھئي. تنھن کي جيڪڏھن ٻيون ٻليون ٻاھر اندر اچڻ وڃڻ ۽ ڇيڇڙن ڇلرن جي کائڻ پيئڻ جي ڳالھ ٻولھ ڪنديون ھيون ته انھن کي ھيئن ورندي ڏيندي ھئي.
بيت
لسي لڄ شرم جي، توڙي ڇڙي ڇاھ،
رڳي رٻ ڀرم جي، پيئڻ پنھنجي آھ،
پرائي پلاءَ کان، سينو پري ساھ،
ڦوڪي ڏجي باھ، سھمن جي سيري کي.
ڀوري ويچاري، اھا ڳالھ ڳنڍ ٻڌي، ٻڍيءَ جي گھر ۾ ڏکيا توڙي سکيا ڏھاڙا لنگھائيندي ھئي.
ھڪڙي ڏيھاڙي، گھر جي کڏَ (ڇت) تي چڙھي ھيڏي ھوڏي ٿي ڏٺائين ته گوريءَ نالي ٻلي، گھڻو ٿلھي، اتي آئي. تنھن کان ڀوريءَ، ٿلھي ٿيڻ جي واٽ پڇي. گوريءَ چيو؛ ”فلاڻي بادشاھ جي کاڻانڍي (بورچيخاني) ۾ ڏيھاڙي وڃي اوبر سوبر، طرح طرح جي، کائيندي آھيان. تنھن ڪري ٿلھي ٿي آھيان.“ ڀوريءَ کي اھا ڳالھ ٻڌي، بادشاھ جي رنڌڻي ۾ وڃي ۽ اوبرن سوبرن جي کائڻ تي دل سرڪي.
اھا ڳالھ پنھنجي ڌياڻيءَ (مالڪياڻي) کي ٻڌايائين. تنھن ورندي ڏنيس؛ ”پرائي بنگلي جي سوس تي پنھنجو مَنَھُ ڇڏڻ ۽ پرائي پلاءَ جي آسري پنھنجي رٻ ھارڻ؛ سياڻپ نه آھي. تھان (تنھن کان) سواءِ بادشاھن جي کاڻانڍن ۾ طرح طرح جا راکا (رکوال، چوڪيدار) رھندا آھن. تنھن ڪري تو کي اتي پھچڻ ۽ اھڙن ھّلَ-بکيڙن مان ڳپل (چڱو خاصو) ھٿ آڻڻ، اھڙو اھنجو آھي جھڙو ميھي کي اڀ تي اڏامڻ. ۽ ٻڌو ھوندئي جو سياڻا چوندا آھن؛ ’حرص جي اک کي قناعت ڀري يا ڳور (قبر) جي مٽي‘. تنھن ڪري تو کي گھرجي جو گھر جي بي-ڀئي (بنا ڀؤ جي، بنا ڊپ جي) جائي مسي ٽڪر تي قناعت ڪري ڀوَ گاڏڙ چُورمن ڏي مَ نھار.“
پر ٻليءَ کي زال جي مت دل سان نه لڳي. نيٺ ھڪڙي ڏيھاڙي، گوريءَ سان گڏجي، بادشاھ جي رنڌڻي ڏي ھلي وئي.
پر تنھن کان اڳي، ھڪڙي ڏيھاڙي، بادشاھ جي کائڻ مھل، ٻلن وڙھي بادشاھ جو کاڄ وڃايو ھو. تنھن ڪري راجا حڪم ڏنو ھو؛ ”کاڄ مھل جيڪا ٻلي اچي، تنھن کي ڪتن کان مارائي ڇڏجو.“ تنھن موجب، کاڄ جا راکا، ڪتا وٺي، واٽ تي بيٺا ھيا. ايتري ۾ ھي ٻليون اتاھون لنگھيون. تن کي ڏسي، راکن ڪتا ڇڏيا. پر گوري ٻلي متاري ھئي، سا ڀڄي پاڻُ بچائي ويئي ۽ ڀوري کاڄ جي لالچ تي پاڻ ڪتن جو کاڄ ٿي. جھڙيءَ طرح؛ ”باشو ڊوڙيو تتر ڏي، مٿان پيس عقاب، مڇي ڳولي ڳاھ کي، ڪسي ٿئي ڪباب.“
لالچ جو حال اھو آھي، جو (جيڪو) ڀوريءَ ٻليءَ جو ٿيو. جي ڀڙوي، ٻڍيءَ جي سادي سودي ٽڪر تي ويھي، بادشاھ جي حلون ۽ چورمن جي طمع نه ڪري ته ڇو اجايو پنھنجو ساھ وڃائي، ڪتن-ھاب ٿئي. تنھنڪري ڀانئجي ٿو؛ ”لالچ سڀ کان بڇڙو ڪم آھي.“
بيت
جوفي منجھان جس، ڪڏھن ڪنھن کي نه ٿئي،
طمع سندو تس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.