سوکڙي ڳالهين جي/چوٿون باب/ڳالھ پھرين

328883سوکڙي ڳالهين جي — ڳالھ پھرين؛ ڪوريءَ ۽ چاڪيءَ جي1865ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۴-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪوريءَ ۽ چاڪيءَ جي

ڪوري ھڪڙو، ڪپڙي جي جوڙي وڪڻڻ لاءِ کڻي، زال ڍُڪل (پيٽ سان) ساڻُ ڪري، ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي، زال کي چاڪيءَ ھڪڙي وٽ ويھاري، پاڻ بزار ڏي ويو. ايتري ۾ چاڪيءَ زال کي، گھاڻي ھڪلڻ تي ويھاريو. پر زال، چڱيءَ طرح گھاڻو ڪين ڪاھيو. تنھنڪري چاڪيءَ ڪاوڙجي، لت ھڻي، ٻارُ ڪيرائي وڌس.
ڳچ کان پوءِ، ڪوريءَ اچي اھو حال ڏسي، ڳوٺ جي دِڳي-دار (چڱي مڙس) وٽ دانھن ڪئي.
دڳي-دار، چاڪيءَ کي گھرائي، پڇيو. چاڪيءَ، ڏوھ پنھنجو باسي، چيو؛ ”ڪوري، پنھنجي زال کي ڇڏي وڃي ته واري اوترن مھينن جي ڍڪي ڪري ڏيانس.“
دڳي-دار، چاڪيءَ جي ڳالھ کي نياءُ پورو ڄاڻي، بحال ڪيو.
ڌڻيءَ جي وڏائي! انڌ ڌنڌ ننگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
سياڻا چوندا آھن؛ ”جنھن ڏيھ تي، ڌڻي ڪوپُ اچي، سو بي سمجھ دڳي-دار جي ھٿ ۾ ڏيئي.“ نا ته ھيءُ نياءُ پورو آھي، اھڙو جھڙو ڏنڀ ڏيڻ واري سور کي ملم.
نيٺ، ڪوري ويچارو، اھو نياءُ ڏسي، ماٺ ڪري، زال پنھنجي وٺي، ويندو رھيو.
ٿورن ڏھاڙن کان پوءِ، انھيءَ ڳوٺ ۾ ھڪڙي واپاريءَ جي گھر جي ڀت ڪري ته ھيٺ ھڪڙو مسافر مري پيو. ساڳئي دڳي-دار، اھا ڳالھ ٻڌي، ڀت جي ڌڻيءَ کي گھرايو. تنھن عذر ڪيو؛ ”فلاڻي رازي، ڀت ۾ ورُ ڪيو ھو، تڏھن ڪري آھي.“
دڳي-دار، رازي کي ڏوھاري سمجھي، گھرايو. رازي عرض ڪيو؛ ”ڀت جوڙڻ مھل، ڀت جي ڌڻيءَ جي جوءِ، سينگار ڪيو ويٺي ھئي. تنھن تي اک پيم. تنھنڪري ڀت ۾ ڦير ٿي پيو.“
تنھنڪري دڳي-دار، اھا زال ڏوھڻ سمجھي، سڏائي. زال چيو؛ ”ان مھل، فلاڻي پاٽوليءَ ڳھڻا پوئي آندا ھيا، سي پھري ٿي ڏٺم.“
تڏھن دڳي-دار، پاٽوليءَ کي ڏوھاري سمجھيو ۽ سڏائي پڇيائينس. سو ويچارو، ورندي نه ڏيئي سگھيو.
تڏھن دڳي-دار، ان تي ڏوھ ڄمائي، ڦاھي چاڙھڻ جو حڪم ڏنو. ڪوٽارن، ان کي ڦاھيءَ واري ھنڌ نيئي، ڳچيءَ ۾ نوڙي وڌي. پر نوڙي ڳچيءَ ۾ پوري نه آيس. سا ڳالھ، دڳي-دار کي سڻايائون. تنھن چيو؛ ”جنھن کي ڳچيءَ ۾ پوري اچي، تنھن کي وڃي ڦاھو ڏيو.“
ڌڻي سڀ ڪم جو ڄاڻندڙ ۽ نياءُ ڪندڙ آھي.

بيت
بندو برائي ڪري، لڪيو لڪائي،
آگي اڳيان، ان جي آگاھي آھي.

ڌڻيءَ جي قدرت سان، ڪوٽارن جي ڳولا پٽ-اندر، ان ساڳئي چاڪيءَ جي ڳچيءَ ۾ نوڙي پوري ٿي. تنھن کي وڃي، ڦاھيءَ چاڙھيائون.
ڏسو؛ ڪرڻيءَ جو حال. جھڙي ڪو ڪري، اھڙي لھي. چاڪيءَ بڇڙي ڪئي، جيتوڙي دڳي-دار، نياءُ پورو نه ڪيو، پر چاڪيءَ، جيئين تيئين، پنھنجو ڪيو پاتو. تنھنڪري متان ڀانئين ته ڪيئو نه لوڙيندين.
سياڻا چوندا آھن؛ ”بڇڙي ڪري، چڱي ڪو نه پائي، ٻٻر پوکي، انب ڪو نه کائي.“ تنھنڪري تو کي گھرجي؛ ”چڱو ڪر ته چڱو ڏسين، جي پھچي نه سگھين، ته بڇڙي نه ڪر.“

بيت
بڇڙو بڇڙائي ڪري، ھر ھر ھچارو،
ندورو نيڪيءَ کان، ٽريو ڪري ٽارو،
کريو کڻي پاڻ تي، بديءَ جو بارو،
چلولو چڱي گھري، موڳو منھن ڪارو،
اڪن سان آرو، ڪري باس بھار جو.