سچل جو رسالو/سسئي/داستان يارهون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
سسئي
298857سچل جو رسالو — سسئي1958سچل سرمست

داستان يارهون

1
اَڻ مُلِهي آھيان، ٻانهي ٻاروچن جي؛
سڀ ڇَپَرُ ڇايان، آھُن ۽ دانھُن سين.
2
ھَي وڃي ھي قافلو، چُپاتِي چَايُون؛
مُنھن ڏئي آيون، آھُون دانھون عِشقَ جون.
3
رات لھي ويا ريچُ، نماڻيءَ کان نڪري؛
ڪاڪيون ھاڻي ڪيئن ڪريان، جو ڪاڏي ٿيڙم ڪيچُ؛
پَرَ پيو پنهونءَ سان پيچُ، سو اتي رھڻ نہ ڏئي.
4
سَھي جان نہ سُتينءَ، جو کُڙڪ ٻُڌي کُڙڪِي وڃين؛
چِٽيان چانگنِ جون ٻُڌي، تون ڪُوڙي ڪين اُٿين؛
غافل ھِڏ گُٿينءَ، سڀِ پَرِ ”سچيڏنو“ چَوي.
5
پانڌين کَنئُون پُڇي، ٿي پَھَ، پرينءَ جا پيچرا؛
سَھلِي ”سچيڏنو“ چوي، ھِيءَ لالَن لاءِ لُڇي؛
ڪنھن سان ڪين ڪُڇي، اَٿس ووءِ ووءِ وائِي وات ۾.
6
چاڙھيون لاھِيون چُنج جِيون، ڪوڙين آھِن ڪوھَ؛
ڏئي مھٽان محبت وارئين، ڇَپَرُ ڏاڍي ڇوھَ؛
ناگھ نِسَتِ نينھن کي، ٿا رئارن روھَ؛
اَچي منجهہ اَندوھَ، مَتان تون ماندي ٿِئين.
7
لاکون لاکين لَڪَّ، نبيرڻ نہ ٿيا؛
ڪوڙين آھِن ڪيترا، راھُن اُتي رڪ؛
ھَي ھَي ڪارڻ حقَّ، ھِي سارو ڏونگر ڏوريان.
8
روئِي ھاريان رَت، ووءِ ووءِ واٽَڙين تي؛
جيڏيون ڪارڻ جَت، سارو وندر ووڙيان.
9
اَچج آرياڻِي، تون وري شھر ڀنڀور ۾؛
آن ري اَکَڙيَن مؤن، ٿو پَرٽِ وھي پاڻِي؛
ھوت اَچِي ھاڻِي، ھيءَ نالائِق نوازيو.
10
ھوت نہ ڇڏيو ھِتِ، نِيو پورھيتِ پاڻ سان؛
تو ريءَ ٻي ڪا چِتِ، ڪانهي ڪميڻيءَ کي.
11
عمر اَجائي گذري، ڪارڻ مِٺيءَ رُوءِ؛
خام منھنجي خوءِ، ڪَر وَر ويچاريءَ جِي.
12
جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جاتِ جَتن جِي؛
وائِي تن جِي وات، سدا اَٿم سرتيون.
13
پورھيائِتِ پنهونءَ جي، آھي اَصل کؤن ھِي؛
جيڏيون جَتَن ري، ويٺي وِرھُ وسائيان.
14
آھي ڪونہ غرضُ، محبوبن کي منھنجو؛
ڏيڻ سِرُ فرضُ، ”سچو“ سندن سَٽِ ۾.
15
لوھي لا غرضي، سُپيريان جِي سارَ؛
مارڻ لءِ مُشتاق جي، آھي محبن کي مرضي؛
سِر ڏيڻ تنھن سَٽِ ۾، آھي فقيرن فرضِي؛
ڪڏھان ڪو قرضي، ”سَچو“ تنھنجي نانءَ جو.
16
پيس تنھنجي پيچ، پنهون ڪين ڇڏيج مون؛
ٻانهي ڪري پانھنجي، وڃي ٻانڀڻ کي ويچ؛
مَر ڪميڻي ڪيچ، پورھيو ٻانِهِن جان ڪري.
17
روئِي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوھَ کي؛
سو شَمہ شَفق سان ٿيو، سُرخيان سارو سنگ؛
منھنجو نينھن نِسَنگ، پيو سمورو سُڪوتَ ۾.
18
اُٿي ڪمر ٻنڌ، لوچ، تہ لَھين سُپرين؛
ھوتاڻِن جو ھنڌُ، ڏسين اَکڙينِ سان.
19
مِلي مارڳَ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن؛
ٿورو وڏو تَنِ، تنھنجي اَچڻ جو ٿئي.
20
مِھَر مَ لاھِ مٿام، آءٌ اوھان جي آھيان؛
جي ڪامِل سَڏَ ڪَيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
21
ٻانڀڻ جي ٻاڪار، ٻُڌي ٻاروچو آئيو؛
ورَ وسارج ڪينڪي، جا واقف نہ وڻڪارَ؛
سِگهڙي لھج سنڀار، سائينءَ لڳ ”سچو“ چوي.
22
سَرواڻن مون ساڻ، ڀَلؤن ڀَلائِي ڪَئي؛
جن جاڳايو جوش کي، آءٌ اُتن قرباڻ؛
ٻاروچاڻو ٻاڻُ، تڏھن لؤن لؤن منجهہ لڳي ويو.
23
ڀينَر ھن ڀنڀور ۾، منھنجو ڪارِ نہ ڪمُ؛
اَٿم آريءَ ڄام سان، دوستيءَ وارو دمُ؛
ماڻهن ليکي غمُ، پر سُک ”سچو“ ٿو ڀانئيان.
24
ڪيچيڙن مون ڪالهہ، اَڃا وڙ وڏا ڪيا؛
اُن جي ڪارڻ ڪاڪيون، ڪنديس ڪاف ڪَشال؛
ھَي ھَي ھِن جي حال، جو ھھڙا ھوت وساريان.
25
عمر اَجائِي گذري، ھَي ھَي ھھڙي حالَ؛
تائين اَڄ نہ مون ٿِئي، سَندي ھوت سنڀال؛
مون کان پڇن ڪينڪي، ڪافَن جا ڪَشالَ؛
پنھنجي قربَ ڪمالَ، ڪا وَر ويچاريءَ جي ڪريو.
26
عمر اجائي گذري، ھھڙا حال ٿيام؛
چُپ چپاتيءَ سرتيون، وٽؤن ھوت ويام؛
ھو جي ڏونگر ڏاکڙا، ڦولڻ سَڀ پيام،
اَڄ صبح ايندام، ڪندا ور ويچاريءَ جِي.
27
وندر ۾ وِيھان، ڦولن پيون پرينءَ کي؛
نالِ جَنين نينھان، ھوت تنِين جي ھنجَ ۾.
28
پَرٽُ ھوت پنھونءَ کي، آڻي عشق ڪيو؛
”سچو“ سَگُ ٿيو، ھھڙن ھوتياڻن سين.
29
مِھر مَ مٿان لاھ، مون تان نماڻيءَ تَـئُون؛
ھِيءَ ڏکوئي ڏاھِ، اَڻ مُلهہ آھي آنھنجي.
30
مِھَر مَ مٿان لاھ، آءٌ اوھان جي آھيان؛
جي ڪاملَ سَڏ ڪيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
31
جيھي تيھي حال سين، پاڻُ وجهڻ مون پنڌِ؛
روئي پَوڻ رندِ، پٺيءَ ڄام پنهونءَ جي.
32
ھَي ھوتا تو سندي، اَ وڙڻَ جھڙي ناھيان؛
حال پسي مون ھي، مانَ نماڻي نال نئين.
33
ساٿُ سويلو سرتيون، وڏيءَ ويل وِيوم؛
وندر جي وڻن ۾، ڦولڻ ھوتُ پِيوم؛
ٿيلڻ ٿر ٿِيوم، ھاڻي ھوتياڻِن لءِ.

ڪافي 1
مون کي تنھنجي آھِ، اَچڻ جو وڏو آسرو!

جوڙي ڇڏيم، وو، جائيون، ميان اَلا، لؤن لؤن ۾ تولاءِ!
اڱڻ آسروند جي، ميان اَلا، پير مبارڪُ پاءِ.
جڏھن ڪڏھن ٿو ڏسان، ميان اَلا، توکي جاءِ بجاءِ.
ڪين جُڙي ٻيو جِيءَ ۾، ميان اَلا، تُنھنجي سِڪ سواءِ.
ٿو گذاري گوندرين، ميان اَلا، ”سچو“ تُنھنجي ساءِ.

ڪافي 2
لڳيءَ دل جو دارون، ناھِ ڪو ڍولڻ پيارا!

عشق جون واٽان، ٻَرن لاٽان، تنھن مَؤن نڪرن درد جون ڇاٽان،
پوءِ ٿيون پَون ھي پَچارا.
عاشق ٿا ڪن درد جون دانھان، عشقَ منجهارؤن اِھي آھان،
رُئن اُھي زارو زارا.
آءٌ تان ٻانهي، تون تان سائين، پاند ڳچيءَ وچ پَلؤ پائين،
اچڻ جا ڪر قول قرارا.
ڳالهيون مون سان تو جي ڪيون، مور نہ مونکي وسري سي ويون،
دم دم تنھنجِي ياد آ يارا.
ھيڪر مون کي جانِي جياريو، ڳالهِين تنھنجن ڳُجهن ڳاريو،
وصل جا ڪر وري وارا.
”سچو“ تون تان ٿِيءُ نہ ماندو، پِرين تنھنجوالله آندو.

ڪافي 3
اَديون ڙي اَڄ آھِ،
اَسان مُحبن جو ميلو!

دلبر سِڪندي ڏينھن ٿيا، سُپيريان جي ساءِ.
فَنا ڪيائون فراق کي، ٻُڌو جاءِ بجاءِ.
ڏک لنگهيا سُک آئيا، لڳڙي ٿڌڙي واءِ.
جنھن ساعت گڏيا سُپرين، سا ”سچو“ ساعت سُھاءِ.

ڪافي 4
ماريو ھوتَ وڃَن اَلا، ڪنھن در ڏيان دانھڙي، ڀلو ڀلو!

ڪاڪيون، ڪڏھن ڪينڪي، منھنجي مِنت مَڃن، اَلا.
پُٺيءَ پيس جَن جي، سي ڀِي سورَ سَڃَن، اَلا.
دعا ڪَريجو جيڏيون، ڀيرو تان نہ ڀَڃن، اَلا.
اھو اَٿم آسرو، ڏيندا آب اُڃَن، اَلا.
”سچو“ سھمي ڪينڪي، روحُ تہ کانءُ رُڃَن، اَلا.

ڪافي 5
ھُتَئؤن ھوتُ ھَلي، ڙي، دوست دلاسو ڏيندو!

وجهج ڪم ڪريم تي، ٻي ڳولج ڪا مَ ڳلي،
پاڻهين پُٺيءَ تو ايندو.
پَکا پَکن سامهان، تنھنجي ماڳ مِلي،
اوڏا آڻي اَڏيندو.
اَچڻ سندي اُن جي، ويندو روحُ رلِي،
ٿورو ٿورياڻيءَ ٿيندو.
جا ڳُجهي ھوتن مَنَ ۾، سا ساٿِن ڳالهہ سَلي،
پُنهل پاڻ سان نيندو.
مھرَ پنھنجيءَ سان تو پرين، اِنھيءَ ڀَت ڀلِي،
ڙي ”سچو“ نانءُ سَڏيندو.

ڪافي 6
ذري ذري ڪَن چَشمان چُور،
نِين اسان کي ٿيون وَھلور!

تَن مَن سڀ تاراج ڪَرن ٿيون، ديدن جو آھي ھي دستور.
خوني وتَن خيال پنھنجي سان، کَسنِ شھزادن شَعور.
ناز نياز سان ھِڪي واري، چاڙھن سوليءَ تي مَنصُور.
ساڻ ڏسڻ جي مشتاقن سان، ڪَيفِي ڏاڍو ڪَن ڪَلُور.
”سچو“ ڪير ويچارو آھي، وجهن ڦيري دل، ڪَرِن فَتُور.

ڪافي 7
پاڻِهي پئيوَ سُڌ سورن جي، وو، عِشق لڳيوَ جي اَديون!

ساري خبر وڃي تَن کَنئُون پُڇجو، جي وِرِھ سڄڻ جي وڍيون.
ڪين لِڪن سي لوڪَ اڳيون، جي آھِن ڏکَن جون ڏَڌيون.
مُحب مسافِر ٿيا جَنين جا، ڪُوڪان اُھي لَک ڪنديون.
ورِھَ ولوٽيا جي وھنديون تَن جي، نيڻؤن نِيرَ جون نديون.
پارؤن پِرينءَ جي سڻو سڀيئِي، لوڪ ڀَلِي ڏي بَديون.
اڳيون پويون سڀ معافي ڪيون، تنھن محب ”سچوءَ“ جون مَديون.

ڪافي 8
اوري آڻ سي اوري، ڙي الله، جنين ڪاڻ سِڪيَس سال!

ڏسُ نہ مون کي ڪو ڏئي، ڏيھ رھيس آءٌ تان ڏوري.
واٽَ جنھين کؤن لنگهيا، گهوري ھِيءَ جندڙي گهوري.
ھيڪند تون ڪر ھوت جي، ساڻ ٿَڪيءَ ڪنھن ٿوري.
ساھ ”سچوءَ“ جو تنھن ڏھاڙي، ويا چاڪَ وجهي چِتُ چوري.

ڪافي 9
ڏينھن پُڄاڻؤن آئين، ڀلي آئين، ڙي يارَ مُنھنجا!

اڱڻ اسانجي ھوتَ ٻاروچا، پيرَ جي اَڄ پائين، ڀلِي پائين.
پَري اسان کؤن يار پرين ڙي، ڏينھن ڇو لائين، ڪيئن لائين؟
ڏوھ ڏنگايون يار سڄڻ ڙي، ڪيئن ڀُليءَ ڏنھن ڀائين، ڇو ڀائين؟
ھيئن نہ گُهرجي يار توکي، چِتُ چُڪيءَ تؤن ٿو چائين، ڪيئن چائين؟
عَرش ڪرسيءَ تؤن اَچي اُتاھين، مَن ”سچوءَ“ جي تون مائين، ڀلي مائين.

ڪافي 10
تُنھنجي پانڌي پيغامَن، اَلا، منھنجو جيءُ جياريو!

ھِي تان تَنُ توان ڪيو، اَڙي ساٿِي سَلامَن.
تو تَؤن آءٌ قربا ن ٿيان، ڏنھن آئين عجيبن.
منھنجو چِت چَريو ڪيو، ھِن نينھَن جي نياپن.
درد منديءَ جي دل کي، ڪيو قابو ڪلامَن.
ڪيائون ياد حقير کي، اَسر ئي ايامن.
ڪَيئون مِھرؤن پانھنجي، گوش ڏي غلامن.
مُنھنجو وِرھُ وڌايو، ان جي اَنجامن.
جيھو تيھو آھي ئي، ”سچو“ سگ سندن.

ڪافي 11
ڪري سانگ پِرين وري آيم اُھي، ديس اَساڏڙي، اَلو اَلو!

وري وطن آئيا، ڀينر ٿيڙم ڀَلو ڀَلو.
پريَن اڳيؤن پيشوا، ھاريون مون سان ھَلو ھَلو.
اَصلَ لاڪؤن آھي اُنھن سان، روح منھنجي جو رَلو رَلو.
اُنهن ٻاجُهون ناھِ ڪو، ڳولڻ مونکي ڳَلو ڳَلو.
سِر سڄڻ جو لوڪ کي، ساھيڙيون نہ سَلو سَلو.
”سچو“ سچيءَ سِڪ ۾، شال نہ پوندو وَلو وَلو.

ڪافي 12
ناھي ھِنَ درد جو دارون، توئِي وٽ يارَ طَبيبا!

تِرُ تفاوت درد نہ ڏيندءِ، ڇوڙين جا سِيرَ سَرارُون.
ڦَڪِي ڏيڻ سان ھَي وڃي ٿو، ھِنيَڙو ھاڻي ھيڪارُون.
سوز گداز، نِي وي، غم فراقان، لائن ٿا قول قَطارُون.
دوا دردَ جِي سوئِي ڏيندو، جو ايندو پرين جي پارُون.
ناز ڀَرين جيون يار ”سچوءَ“ جي، ھِن تان ساھَ سنڀارُون.

ڪافي 13
منھنجو شرم سَڀوئِي آھي، جيڏيون تان پِير مُغان تي!

وري ڏٺائون پاڻ ڏي پاڻِهين، نا تہ ھئا حالَ اسان ھي.
اُھي پاڙيائون پاڻِهي پانھنجا، ھو جي قول ڪيائون ڪي.
جَن پياريو پُر پيالو، شالَ ساقي جِيَن سي.
سَدا اُھي وسَن اسان وٽ، جانِي جيءَ جا جي.
سر ”سچوءَ“ کي ڏَسيو ڏيھاڙيون، پنھنجي يار ھَٿؤن ڏي.

ڪافي 14
ڏنِي ڏيکاري، ڙي ميان، صورتَ سُپرينءَ جِي!

حَسن حُسين جي ڪارڻ، زاري، ڙي زاري.
ورتَم ساري لوڪَ کؤن، ڀينر ڙي بيزاري.
مُحبت محبوبن جي، مون اَصل اِختياري.
چوان حقيقت حال جي، ھيءَ سڄڻ کي ساري.
ھِت ھُت ڪندا ڪاڪيون، اُھي مون سان موچاري.
”سچو“ سدائين گُهرجي، يارن جي ياري.

ڪافي 15
ڏيئي مون ڏيکاري، لَڙي وريو ويو در تؤن دلبر!

ڏٺُم اَکِڙين سان، ھوءِ ھوءِ حسن ھزاري.
وسُ نہ ھِن جو ڪو ھُيو، ھوشُ نئين ھَسواري.
دينَ ڪفر اسلام کؤن، بِرھَ ڪئِي بيزاري.
ڪنھن در ڏيان آءٌ دانھڙي، مونجهہ اِنھيءَ مون ماري.
سوز سَفيران لايون، ھِن چُڪيءَ کي چوڌاري.
حاجت ھن جِي نہ ھئي، جا قاتِل فوجَ قراري.
گهڻي مدت کان پوءِ اَچي، دوست ڏني دلداري.
باسيائون تان بِرھَ جي، ميان ”سچوءَ“ کي سَرداري.

ڪافي 16
پرين اوھان کـؤن پوءِ، ھِت راتيون رھنديس ڪا؟

پُٺيءَ اِيندي تانھنجي، لالَ وري ھِن لوءِ،
پوءِ سورَ سھنديس ڪا؟
واعدا ويڙا وسري، ھوتَ ڪيَوَ جي ھوءِ،
ٻئي ٻول ٻَھنديس ڪا؟
پِرين تنھنجي پار ڏنھن، قاصِد اچي ڪوءِ،
وري ھِت ويھنديس ڪا؟
سچو سِڪَ اوھانجي، ھِنيَڙي ۾ ھوءِ ھوءِ،
ٻئي ٺاھَ ٺھنديس ڪا؟

ڪافي 17
مون ۾ عيب اَپارَ، سَڄَڻ تُنھنجي ٻانِهڙي آھيان!

ٻانَهن جي آءٌ ٻانِهي آھيان، ساري سڀ ڄمارَ.
ھُئان ھميشہ ھوتَ سان، شالَ نہ ٿيان ڌار.
ھِي سِر صَدقي تو تؤن، سِسي ساڻ ڪپارَ.
اوڇَڻ ڪنديس اَکيون، پٿر ڪنديس وارَ.
پاڻُ تو ئي تَؤن صَدقي، سِسِي ساڻ ڪپار.
ساھَ ”سچوءَ“ جو سوگهو ڪِيڙو، رکي ياراڻو يارَ.

ڪافي 18
سو ڏاڍن جو آھي ڏيھُ، جاتي نِينھڙو وو نيڻن لايو!

جاتي پھُچ نہ پکيءَ جي ميان، سو سيڻن جو ساڻيھُ.
جي ٿِي وڃان در دوستن جي، ميان، چُمان پيرن کيھُ.
جي ڪوٺيو ڪُھن سُپرين، وڃي پَکڙي تَن جي پيھُ.
”سچو“ عاشقُ جي آھين، واڍوڙين وڃي ويھُ.

ڪافي 19
ڀلو، آءٌ تان يارَ سڄڻ جِي، ٻانِهي گولِي آھيان!

آءٌ نماڻِي عيبَن ھاڻي، ڏوھَن ۾ آءٌ تان اولِي آھيان.
جيھِي تيھِي آھيان، ڙِي جيڏيون، جانب جِي آءٌ تان جهولِي آھيان.
پَل پَل پُڇَن حال مُنھنجڙو، ڳالهہ انھيءَ جي تان ڳولِي آھيان.
ھيڏي ھوڏي نہ وڃان، مُحبن جي آءٌ تان ٽولِي آھيان.
ڏِسُ ”سچوءَ“ ڏي سُپرين، نا تہ ڇَپَر ھِت ڇولِي آھيان.

ڪافي 20
اَديون اُھي اَڄ آيا، ڏيھُ جَنين لءِ ٿي ڏوريان!

ڏيو مبارڪ سرتيون مونکي، مولا سي مُحب مِلايا،
چرخو ڪيھو آءٌ چوريان؟
در پيھي سي، وو، آئيا، سائين اَلا، جَن لءِ مون وِرھَ وسايا،
پاڻُ مَٿانئن گهوريان!
پَر ڏيھِ ويا ھا، وو، مون پرين، واليءَ سي پوءِ ورايا،
تَڪِ ڪيھا ٻيا توريان؟
”سچو“ اتي، وو، دوستُ گَڏيوسي، ڏينھن گهڻا جَنھن لايا،
وندر ڪنھن لءِ ووڙيان.

ڪافي 21
ڀينر ڙي بيوس، وڃي آءٌ پَئيان!

وس نہ آھيان پانھنجي، واڪو ڪَيمُ بيوَس،
مين ديوانڙي ٿَئيان.
لوڪُ ساروئِي سرتيون، روحَ نہ اَچي رَس،
حالَؤن ھُڻ مين ڳَئيان.
مَچُ ڏاڍو مون سِر آئيو، ڪوئِي نہ اَچي ڪَس،
قابو عَشق ڪَئيان.
بِرھ واري باتِ کؤن، ”سچو“ نہ ڪَري بَس،
مِھڻا ڏيَن سَنئيان.