سچل جو رسالو/مارئي/داستان پھريون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مارئي
299718سچل جو رسالو — مارئي1958سچل سرمست

داستان پھريون

1
ساريَم اَڄ سَنگهارَ، جن ڏٺي مون ڏينھن ٿيا؛
سي لَڪَ لَنگهي پيھِي ويا، پانورَ منجهہ پَنھوار؛
ھَڻِي ويٺا پَکڙا، ھُتِ سُکِ ٿي اُجَڙوارَ؛
جن جي ساہ سنڀارَ، سي اَڄ پَنھوارَ پَري ٿِيا.
2
اَڃا ڪالھُون ڪالهہ، ھُيس مارن گڏ ملير ۾؛
سي ڏينھن وِيڙا گذري، ڄَڻ منجهہ خوابَ خيالَ؛
اڄ پرئين ڪنڌئين پکڙا، جوڙي ويٺا جالَ؛
جن جي ساہَ سنڀال، سي اَڄ پنھوارَ پري ٿِيا.
3
تڏھن مُڪئون جيڪَر، مون ڏي خاصا خابَرو؛
لَھَڻ سُڌ سَنگهارِ جِي، نَڪو پانڌِي پٺيائُون؛
پَر پَري شايد پنھوارَ ويا، جو سُڌ نہ لَڌائُون؛
پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نئين ھيجؤن ھَنيائُون؛
ڇڏي مُلڪ ملير ويا، ھُنَ تَرِ تيلهائُون،
اِئين اُتائُون، تہ ھِت ڏَرُ ڏريجو ناھ ڪو.
4
ڪڏھن ڏيھ ڏٺامِ، ٿي ساعَتَ ساعَتَ سومرا؛
مارو ڪالهہ ملير ۾، پَر پَري اَڄ پيامِ؛
آھِن ڪينَ اُنهن رِيءَ، اَکڙيون ۾ آرامِ؛
سَدا وتن سِڪنديون، پَر سانڀڻ سُورَ ٿيامِ؛
سي پُڻ ڪين وِيامِ، جَن سان ڳَرھيم ڳالھڙيون.
5
جي ھوند اُتيئي، ھئا ماروئڙا ملير ۾؛
سُڌ لڌائون سِگهڙي، حال ٻُڌي ھيئِي؛
پَر ٿَر چڙھي ويئي، جيڪُسِ وَسئن ويڙھيچن جي.
6
پَنھوارن پيغامَ، جيڪَر مُڪا تَڏھين؛
پَر مون کان اَڄ پَري ٿيا، ويڙھيچا وريامَ؛
تيلهان مون ڏي نہ آيا، ڏنھن سنگهارَن سلامَ؛
ھئا ملير مُدامَ، پر ڪو سانگِن اَچي سانگُ پيو.
7
ھِيءَ وَس ڇڏيائون، ھُن وَسِ ويا واھَڻِين؛
پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نَئين عُمَر اَڏيائُون؛
پَٽي اوريان پَکڙا، وڃي ھُنَ ٿَر ھَنيائوُن؛
پانورَ سَنديون ڪَنڌيون، وڃي اُتي واسيائوُن؛
ڇڏي مُلڪ ملير جو، ويا ٿَريچا تائوُن؛
اُڪنڊَ جن آئون، سي اَڄ پنھوارَ پَري ٿيا.
8
ٿيا پنھوارَ پري، آءٌ ڪنِ کي ڏوراپا ڏيان؟
اُنھن ٻاجهوُن مارُئِي، ٿِي مِيان ھِت مَري؛
نئين قبَر ڪَري، ڪو اوڏي اباڻَن کي.
9
جي پيڪَن پوءِ پيامَ، سي تا ڏکيا ڏينھڙا؛
ھِيئن نہ ڀائڻُ ڪا ھُيَم، تا ڪي ھيئن ڪندامَ؛
پَرَ وڃِي ٿرِ ٿيام، سي سُڌ لَھندڙ سومرا.
10
پري ڏينھن پيانِ، جيڪُس سانگِن ڪو سانگُ پيو؛
پکا پانورَ ڪَنڌئين، ٿرؤن ڏور ٿيان؛
ھوند ڏوراپا ڏيان، پَرَ پَنھوار پري ٿيا!
11
پَري ٿيم پنھوارَ، جَن وري وَرَڻُ نہ ٿيو؛
ڏيان ڏوراپا ڪَن کي، ٿيا سِھج ڪاڻِ سنگهارَ؛
عُمَر اُٻائون آھِ مون، جو دم تَنھنئون ڌارَ؛
اُھي اَجَڙوارَ، مانَ مِلائي مُون ڌڻِي!
12
پَرئين ٿَر پنھوارَ، جيڪُس وڏو وڇِٽُ ڪري ويا،
ڪڏھن ايندم اوڏڙا، سومرا سنگهارَ،
رڻُ ڇڏي ريڍار، مَن ڪَرن مھڙ ملير ڏي!
13
پانورَ پاس پيا، وڏا ڏوٿِنِ ڏينھَڙا؛
ٿانھر وڃي ٿَرَ ۾، ٿَريچا ٿيا؛
لَنگهي ملڪ مَلير جو، ويڙھيچا ويا؛
عُمَر ايڏي پَنڌ تي، ڪنھِين سانگ نِيا؛
قادر شال ڪِيا، مون کي ويجها واھَڻِين!
14
اَٿم سارَ سَندين، پَرَ اَڄ پنھوار پَري ٿِيا؛
مشڪل موٽَڻ تَن جو، جي ھي لَڪَ لنگهِينِ؛
وري ھيج ورينِ، جي سانگِنِ ڪو سانگ پيو.
15
جي لويُون ڍَڪي لوءِ، ڪڏھن اِيندا ھا اَجڙي؛
اَڄ ھڻي پَکا پانورين، عُمَر ويٺا اوءِ؛
تَن پنھوارن پوءِ، موٽِي اَچڻ نہ ٿيو.
16
جي ھُوند اُنهِين جاءِ، ھئا اَباڻا اوڏڙا؛
تہ ھِنَئون اَڳي وَسَ ڪِيا، تَن منھنجي اَچڻ لاءِ؛
پَرَ اُتَن عِتاب نہ آءِ، جي ٿوري ٿَرِ چَڙھِي ويا.
17
جي اوڏا ھوند ھيام، ماروئڙا ملير ۾؛
تہ پڻ پيغام فراقَ جا، مارُنِ ڏَنهُن مُڪام؛
پَرَ پَرئين ٿَرِ ٿيامِ، ناھِ عِتاب اُنهِن تي؛
18
لنگهي مُلڪ مَلير جو، ويا پَرئين ڏيھِ پنھوار؛
تَن موٽي اچڻ جِي نہ ڪئِي، اَي سومرا سردار؛
ھاڻي ساريو، ھِتِ سَنگهار، ڳَچَ ھِنيانءَ ڳَريو پَون.
19
ڇا ھُون ڇَڏيائون، نہ ڄاڻان مُلڪ ملير جو؛
پَکا پانوَرَ ڪَنڌئين، نَئِين عُمَر اَڏيائون؛
اَٺَئِي پَھَر اُٻاڻِڪِي، اُنهِنِ ري آئون؛
ڪو موٽي ڪائُون، مَنَ ماڻهو مُلڪَ ملير جو!
20
اَڄ نہ حوضين ھُوءِ، مارو نانھِ ملير ۾؛
ايندا ھئا اَجڙي، کَليُون کَنيو کُوھِ؛
جيڪُس مِيان پَرَ جُوءِ، اُھي ويا ويچارا واھَڻِين.
21
عُمَر اَباڻي پارَ جي، فانِي ڪَيَس فِراق؛
جي ھُئا ريجاڻين رَھاڪَ، تَنِ ٿَرِ وڃي ٿاڻا ڪيا.
22
ٿي گَڏ ڪيَمُ گُذران، جَنِين جهانگِيئَڙَن سان؛
ڪاٿي اَڄ اُھي ٿِيا، سومرا سُڃاڻُ؛
ڪاٿي پيس آءٌ اَچِي، آھِ اِھوئِي اَرمانُ؛
حَيرتَ ۾ حيران، آءٌ اِنهِينءَ تان آھيان.
23
مُون جاليوسان جَنِ، موٽِي تَن نہ پُڇيو؛
حالَ ھِنَ جون خَبران، پيون، ھُوندن ڪَن؛
پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، توڙِ ھنيان اَڄ تَنِ؛
ڏيان ڏوراپا ڪَنِ، جو سَنگهار ئِي ساڻيھ ٿيا.
24
جيڪس سنگهارَنِ، اُھو ڏيھ وڻِي ويو؛
وري ھيج وَرَن، جي سانگِن، ڪو سانگُ پيو.
25
جيڪُس سنگهارَن، وري وَرَڻ نہ ٿيو؛
عُمَر اَباڻَن، ھُو اَڄ ڏيہُ وڻِي وَيو.
26
ويجهائِيءَ لَئہ وِجهُلان، سَندِيءَ اَباڻَن؛
اُھي ھميشه ھُئن، جي سُڌ لَھن سڀ حالَ جي.
27
ڏينھَن اُتي جا ڪي، اَڄ اَچي مون ياد پيا؛
پَھُون پنھوارن جون، صبح ويلي سي؛
اُٿيا اَچن آبَ لءِ، مٿي آنھ اُھي؛
ھئا اُڌَل جهانگِي جي، تَن سانگن ڪو سانگِ پيو.
28
آريُون اَباڻَن ري، ٻِئا تان کڻندم ڪير؟
ھي جي ڳَھَ ڳِچيءَ جا، ظالمَ ڀانيان زير؛
سَنگهارنِ ساويرِ، مِلان شال ملير ۾!
29
ايندم اَباڻا، ڏُورِ لايا جَن ڏينھڙا،
ڪير سَھندم سومرا، ري مارئڙن ماڻا؟
ھاڻي نہ ڄاڻان، تہ ڪا موٽِي ملنديس مارئين.

ڪافي 1
سومرا سائين توکي، وو،
ڳالھيون چونديَس آءٌ حالَ جون، ھوءِ ھوءِ!

عمر اباڻي پارَ ڏي، ڪِرڙ ڪڪوريا ڪي، وو.
ڪوڪَڙ چونڊيان ڪانڌَ سان، پٽ چڙھي پيڪي، وو.
سِڱَرَ کِيَن سڦڙا، سَئين جا سڀڪي، وو.

ڪافي 2
جاليم جن سان ٿي، وو، تا مارو ڪيڻ ويا؛
ھوءِ ھوءِ حالڙو ڪنھن سان ڳريان!

پَکا پٽي اُتھون ويا، پَرئين پنڌِ کڻي.
راتو ڏينھان روح کي، اوڏنھن گهُرَ گهڻِي.
گهڙي جا ھِت گهاريان، سا ويڙھيچن نہ وڻِي.
جهليان شالَ وڃِي، اُن پَنھنجن جِي بہ پَڻِي.
مون من ماندو مارئين، ڄاڻي ھڪ ڌڻِي.
پکا پانورَ ڪنڌئين، ھو ويٺا حال ھڻي.
جدائيءَ کَون جهانگيئڙن جي منھنجِي بابِ بڻِي.
”سچو، سنگهارن جا ھِت ويٺِي ڳڻ ڳڻِي.

ڪافي 3
ڪانگل ڏج سنيھڙا، مان ويراڳڻ آھيان!
اوھان ٻاجهُون آءٌ گهڻيري، مَحلَن ۾ مُسجان.
قسمت قيدالماء جي ايرادي آھيان.
چانور ڇا چورمان، آڇِن نِت نوان.
ڏَونرا پُسيون ڏيھَ جا، ساريون ھِت رئان.
زھر پيالا سوز جا، اوتيون آءٌ پيان.
اوھان ٻاجهون سپرين، مَران آءٌ ڪِي جيان!
ڏکَن ڪارڻ ڏيھَ ۾، نِپايَس اَوھان.
”سچو“ اَکڙين مَؤن، ميان، ھاري رتُ رئان!

ڪافي 4
متان منڌ مارُن تَون، وھين آسرو لاھي!

بَندُ تُنھنجي بابَ ۾، اَصلَ کؤن آھي.
سَڱُ اسان جو سومَرا، ڇِنَڻ جيھو ناھي.
پِرِين نِيندا پاڻ سان، سڳر ڏي ساھي.
نِيَرَ ھِي جي نِينھَن جا ڪير سگهي لاھي.
رکج منھن ملير ڏي، ٺاھ نہ ٻِيو ٺاھي.

ڪافي 5
وري آءُ وطن، منھنجا ساريون نيڻَ سِڪَن،
موٽ سلامت سپرين!

اکڙيون اوھيرا ڪَري، واٽ ڏسيو وجهلَن.
پِريَن پرديسن لاءِ، جهوريءَ نيڻ جِهڄَنِ.
عمر اَباڻي پارَ ڏي، وڄون ٿيون چمڪَن.
ميڙائي جا مِينھَڙا، ويجهو شال وَسَن.
الله آندا مون پرين، دارون درد مندن.
”سچل“ سِڪَ سبيل ٿِي، پارئون جا پِريَن.

ڪافي 6
مون تان چيو تو اڳھين، نہ تون دل ڦاساءِ!

آھون دانھون ڇو ڪَرين، سَٻَر سيڻ سَنداءِ.
ڪُڇ ڪنھين سان ڪينڪي، ٻولِي ٻي نہ ٻڌاءِ.
وڇڙيا گَڏُ گَڏي پِرين، ڪو والي ورق وراءِ.
ٿوري گهڻي ڏينھڙين، ڪندءِ ماڙ خداءِ.
سانگِي ويڙا سانگ تي، پنھنجي سانگِ سُڻاءِ.
پاڻوُن ڄاڻِي پِريت مؤن، ڪوھ ڪَرين ھاءِ ھاءِ.
”سچو“ سُپرينءَ لاءِ، ڪوڙين ڪانگَ اُڏاءِ.
تو پئي ساريو جن کي، تنِ ڀِي سِڪَ سندياءِ.