سچل جو رسالو/مارئي/داستان چوٿون
داستان چوٿون
1
تون حمير ھِٺِي، آءٌ ٿورياڻِين آھيان؛
جا لوئي آندم لوءِ ڏنهن، وينديس ساڻ وٺي؛
ڪڏھن ٿيندي ڪانہ ڪا، مانهؤن شال مَٺِي؛
ڪتابت قولن جي، مون ڏي پنھوارن پَٺي؛
ھيءُ بندُ بندياڻِيءَ کي، ھو لکيو رات ڇَٺِي؛
اُن سانگِن ڪاڻ سَٺِي، مون مڙيائِي سومرا.
2
ڪو بِي خيال نہ ھومِ، ھُيس مارن ساڻ ملير ۾؛
جان وڇوڙو سومرا، کؤن ٿريچن ٿيوم؛
قسمت قيدالماء جي، ڏَسي ڏور وڌوم؛
تڏھن وڏو قدر پيوم، ھَي ”سچو“ ھيڪاندِ جو.
3
ويٺا ڳالهيون ڪَنِ، ماروئڙا ملير ۾؛
تہ ”اِجها ايندي مارئِي، وري ھن وطنِ!“
ايڏي اُڪنڊ آھي، مُنھنجِي جا پُڻ جَنِ؛
آءٌ سگهي سان تَن، وڃي گڏ گذاريان!
4
قَرابتي ڪاٿي ٿيا، آءٌ ڪاٿي آئِي!
قسمت قيد ڪٿي ڪيو، آءٌ ڪٿي ڄائِي!
آھي منھنجي روح کي، ريءَ مارُن موڳائِي؛
اَٺئي پھرَ اُنهن جِي، وات اَٿم وائِي؛
گهڻي مدت مونجهہ ۾، مون پڻ لنگهائِي؛
مَنَ سِگهڙي سنگهارن جي، ڪل پوي ڪائِي!
تہ ڪي آھِن آرامي اُتھين، جهانگيڙا جائِي؛
ڪِي ويا مُلڪ ملير مَون، ڪري اَجائِي؛
وڃي پانورَ ڪنڌئين، ويٺا وھڻائِي؛
اُتي تازا توانا ٿيا، ڏُٿ ڏنؤرا کائِي؛
ڪر سومرا سائِي، جئن ٿِيَن آسودا آجَڙي.
5
جن گڏ گذاريوم، سڀ ڄَماندر سومرا؛
اَچي پَري پَيَس اُن کؤن، مُونجهہ اِنهيءَ ماريوم؛
ساريو سنگهار جي، ڳالِهين ھِت ڳاريوم؛
جو مارو محرم حال جو، سو پڻ سنڀاريوم؛
ڏيھُ ڏاڏاڻو ڪَڏھين، وار نہ وساريوم؛
نِتُ نِتُ نِھاريوم، پَنھوارن جي پارَ ڏي.
6
اَڄ پڻ ٿِيمُ اُداسُ، ھِي مَن ماروئڙن ڏي؛
ڪر بندياڻي بند مَئون، خاوندَ لڳ خلاصُ؛
جو مَٽي کيتَ ڌنارَ کي، ڪا پلنگين ڏينديَس پاسُ؟
ڪو وجُهہ صاحبَ سومرا، اُنھن سان اِخلاصُ؛
جو ھو ويچارا واھَڻِين، تون ڪري ڏس قياسُ؛
زور تنين تا ناہِ ڪو، لوئِي جن لباسُ؛
اَٺئِي پھرَ اُنھن کي، آھي حَمِيرن ھِراسُ؛
تاڪُون تُنھنجي تابَ کَؤن، سھمِيون اَٿن ساسُ؛
چاڙھيو لِڱين ڪِين تَنين، ماسي قَدر ماسُ؛
تعديون تَنين تي ڪَرين، جن تو ھَؤن ٿئي مَواسُ؛
ويڙھيچا وڻراھَ ۾، ھُتِ وڻِ وڻِ وٺن واسُ؛
پاءِ پنھوارَ پياسُ، آھي راجا منھنجي روح کي.
7
چَئي مُڪائون، ھيئن ڏاڏاڻي ڏيھَ ڏنھن،
تہ ”جيڪس“ اِھي تو ھُيون، مَنَ جون مدعائون.
”تان وڃي پَلنگين پَٿَرڻِئن، شَلَ چڙھان آئُون،
تو پڻ تيلهائون، ھاڻ ويا ويڙھيچا وسِري!“
8
چڱيءَ طرح چَئي، ٿي مُنجان ماروئَڙن ڏي:
تہ سُکين سانگيڙن کَؤن، پري آءٌ پَئِي؛
قسمت قيدالماء جي، مون سان ھِيئن ڪَئِي؛
وسري ڪينَ وئِي، سَنگت سنگهارن جِي.
9
ماروئڙا ماندي، آءٌ اوھان ريءَ آھيان!
سُکيا اَئين ساڻيھ ۾، ھِت بَند رھي باندي؛
ھِت قسمت قيدالماء جي، ھِيءَ اَچانَڪ آندي؛
آھيان اوھان جي ڳالِهہ کؤن، ويل نہ ڪنھن واندي؛
چڱي ٿِي چاندي، اِينديَس لوئِي وٺِي لوءِ ڏي.
10
قاصِدُ اَڄُ ڪوئِي، مَنَ اَچي ماروئَڙن ڏنهن!
تنھن تا چَوان حالَڙو، سارو سڀوئِي؛
ايڏنهُن آندي آھِ مون، لاکيڻِي لوئِي؛
سا وٺي وينديَس پاڻ سان، اَٿم عھد اِھوئي؛
سرتِن سان روئِي، سِڪون لاھينديَس لوءِ ۾.
11
ھِيءَ اُميد نہ ھُئي، مون کي ماروئڙن ڏنهُن؛
جو ڪونہ مُجندا مُون مڻين، پُڇَڻ ڪاڻ پَھي!
ڏٺم ھڏنھِن ڏيھ ۾، نَڪو ڳوٺَ ڳَھِي؛
ھاڻي وائِي وائندي، اھا سيُمَ اَڄُ صحِي؛
تہ اَٺا مِينھن ملير ۾، ويڙا راڄ رھِي؛
ڇڏي پانورَ ڪنڌيون، آيا ھيٺ لھِي؛
جهجهو جهانگِن کي ٿيو، ڏِھيان ڏٿ ڏَھِي؛
ڪَڍيو پيَن پاڻ ۾، وڏيءَ مَھَلَ مَھِي؛
وينديَس ڪوڏِ ڪَھِي، آءٌ پَکي پنھوارن جي.
12
سَنگهارن جي سِڪ، آھي منھنجي مَن؛
شال سِگهوئِي سومرا، ڏسان ڏوٿيڙن؛
راتو ڏينھان ڪاڻ ٿِي، جهڄان جَهانگِيڙَن؛
پاڻهي پَنھوارن، اَڄ تان مونکي ياد ڪيو.
13
جهانگي جهڻ پِياڪ، ناھِن شَربت ھيروان؛
ڳاڙھيو ڪاريون لوئيون، پھَرڻُ تَن پوشاڪَ؛
لاھِج لوئيڙَن تان، الله لڳِ اولاڪَ؛
جو رکن ھَڏنھن ڪانڪا، عُمر ٻِي اِملاڪَ؛
ڪارڻ پرورَ پاڪَ، مون کي ميڙيين مارئين!
14
ڪيا کِوڻِن کيجَ، اَڄ ڏاڏاڻي ڏيھ ۾؛
پر ماڻو ماروئڙن ڏنھن، ھَڏِ نہ آيو ھيجَ؛
ڪالهہ ڏٺا ھُئم اُڀ ۾، اَڻِڪ ۽ اَٽيجَ؛
اُٺا مينھن مَلير ۾، ٿيا رڻَ سارائِي ريجَ؛
ڇانگن سان ڇِڙي ڪري، ڪَن ڇَنن ۾ ڇيجَ؛
آءٌ پُڻ ڀِنيءَ ڀيجَ، ملنديَس ماروئڙن کي!
15
ھي وٺي حالُ وڃان، ميان ماروئڙن ڏي؛
آھي اُميد اَڃان، جو خوشِي ڪنديَس کيت سان.
16
مينھن وسندي مان، ويڙھيچن ويندياسِ؛
لوئِي ساڳين لوءِ جِي، نال وٺِي نيندياس؛
وڃي ٿر ٿيندياسِ، ڏکَ سُکَ پائي سومرا.
17
ڌنارن کؤن ڌار، جي مون ڏينھن گذاريا؛
سي ھئا قيامت جيھڙا، ميان سومرا سردارَ؛
الله ڪري اوڏڙا، ”سچو“ مَنَ سنگهارَ؛
تہ ڪريون ويھي ڳالهڙيون، ھنيڙي جون ھِڪوارَ؛
پَر پري ٿيم پنھوار، ڏيان ڏوراپا ڪَن کي!
18
جيڪي ھُتِ ھونديون، ساھيڙيون ساڻيھ ۾؛
سي پيرون چونڊن پاڻ ۾، گڏ ڪيون گُونديون؛
ساريو مون کي سومرا، رات ڏينھان رونديون؛
ٻيون ڀِي ڇا چونديون، اَڃا عُمر الاجي آجڙيون!
19
ريگستانِن رنگُ، جي تون پسين سومرا؛
تہ ميان ماروئڙن تَؤن، ظالِم لاھين زنگَ؛
جو تاڪون تنھنجي تابَ کؤن، جهانگِي واسِن جَهنگُ؛
نامِيا ھي تون ننگُ، نيئي رسائين راڄ ۾.
20
جي ريگستان رھيا، تَن سخت نہ وٺج سومرا؛
جو تاڪون تنھنجي تابَ کؤن، ڇَنن مَنجهہ ڇپيا؛
سي ڪي پَرئين وسِ وھيا، وسَ چائيتا واھَڻين!
21
ڪري ياد قلبُ، ٿو منھنجو ماروئڙن کي؛
جو ٿيان ھيڪاندي تَن سان، ٿئي سائينءَ ڏنهُن سَبب!
ڪڍ بندياڻي بند مؤن، تہ راضي ھُئي رب؛
غازي لاھ غَضَبُ، ڪَر مِھر ماروئڙن تي.
22
رڃُون ريگستانُ، جِت وطن ويڙھيچن جو؛
راحِم ٿي رکيج تون، تَن ماروئڙن جو مانُ؛
جهونن جهانگيڙن تي، ڪَر عمر تون اِحسانُ؛
تہ سارو جڳ جَھانُ، مَرُ تعريفان تنھنجيون ڪري.
23
ھيءَ خبر ھاڻي، آئي ريگستاني راڄ ڏنهُن؛
تہ اٺا مينھن ملير ۾، ٿيو پٽَنَ ۾ پاڻِي؛
گُلَ ڦُلَ گلزاريون ٿيا، رِڻَ سڀ ريجاڻِي؛
تون ڀِي صاحب سُڃاڻي، موڪل ڏينم مِڙي مَران.
24
مينھن وسندي مون ڏٺا، ھي پکا پنھوارن؛
ڳاڙھيون اَڇيون لوئيون، ڪيا سَھَج سَنگهارن؛
اُھي عام خلقَ کؤن، ٿا گوشي گذارن؛
منھنجي اَچَڻ سنديون، ٿا واٽون نھارن؛
سانگيڙا ساڻيھ ۾، پيا نِت نِت سَنڀارن؛
ھي ڳالِهيون ٿيون ڳارِن، مون کي ماروئَڙن جون.
25
مِينھن وسندي سومرا، اَڄ پُڻ پور پِيا؛
پَکا پنھوارن جا، سي مون ياد ڪيا؛
ڏٺي گهڻا ڏينھڙا، مون ٿَريچن ٿيا؛
وسِري تا نہ ويا، ڪا ساعت منھنجي ساہَ کؤن.
26
ھِت ڏيھي ڏسان ڪونَہ ڪو، جو ڏئي کيتَ خَبَر؛
ھِيءَ قابُو رھي ڪوٽَ ۾، اُنھن ريءَ عُمَر؛
مَليران مَحضَرَ، ايندم اَجائِيءَ جا.
27
مِينھن وسندي ياد مون، اَڄ ماروئَڙا آيا؛
قيدالماءَ جا ڏينھڙا، سي مون لنگهايا؛
موٽي اَچڻ جا ٿِيَم، ڏي سنگهارن سايا؛
اُھي مولا ملايا، جي پنھوارن پَري ٿيا.
28
ڪو جو وريو واءُ، اَڄ پڻ مُلڪ مَلير ڏنھن؛
ڄَڻُ آيم اَباڻاءُ، ماڻهو موٽائِڻ جو.
29
مون کي رات رسيون، ڏيھ ڏاڏاڻؤ خَبران؛
تہ ساڻيھ سَڀ سَرھو ٿيو، وڄون واہَ وَسيون؛
تہ اچي ياد الله ٿو، ڦوڳُ ڦلار پَسيون؛
برابر بادل ڪَيون، مُنِي لوءِ لَسيون؛
ساول کائِي سبزيون، ٿيون سَجِيہ سَسِيون؛
ڳاڙھيون اَڇيون ڪاريون، لاھن غم گَسيون؛
وُڙھيون ڪَسَ ڪَسِيُون، پُڻ آھِن تارِ تَرائِيون.
30
رات وري آيا، ماروئَڙا تہ مَلير ۾؛
جو لڌم خوابُ خوشيءَ مون، ڄَڻ موليٰ مِلايا؛
وري وسايا، ڀلي ڀاڻَ ڀِٽُن جا.
31
وسَ چَري آيام، ماروئڙا ملير ۾؛
ڇڏي پانورَ ڪَنڌيون، ويڙھيچا وريامَ؛
عُمر اُميد ٿيامَ، پَسَڻَ پنھوارن جِي.
32
جي ڏوٿي ھُيَم ڏورِ، سي والِيءَ ڪَيَم ويجهڙا؛
ھُئي جا پورن پُورِ، سا تا اڄ من تَون لَنگِهي.
33
موٽِيا پارِ مَلير، سانگيڙا سانگُ ڪَري؛
جَنِ جِي سِڪَ سَرير، سي ئي عُمَر آئيا.
34
لَٿو ڦوڙائو، وريو ورق وصالَ جو؛
وري وطَن آئيا، ريگَ لنگهي رائو؛
”سَچُو“ چَوي سائو، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.
ڪافي 1
مارو ٿر ٿيام، ڀلو ميان وو، ڏيان ڏوراپا آءٌ ڪَن کي!
سي پارينديَس پانھنجا، ميان، جي ھُتِ قولَ ڪيام.
ڇڏي مُلڪ مَلير جو، پَرينءَ وس ويامَ.
گهوريا پَري ڏينھڙا، جي پنھوارؤن پيام.
سنگهارن جي اَچڻ جا، ميان ”سَچو“ سَنيھا سُيام.
ڪافي 2
روئان زارو زار، يار،
مانَ مارُن کي ملان آءُ!
ڏيان ڏوراپا ڪن کي، پَري ٿِيَم پنوھارَ، يارَ.
وٺِي ويڙا پاڻ سان، منھنجو ساھُ سَنگهار، يارَ.
اھو اٿم آسرو، ايندم اَجڙوار، يارَ.
ڪَندا مُھڙ مَلير ڏي، رڻ ڇڏي ريڍار، يار.
سو دم گوندر گذري، جو دم اُن ريءَ ڌارَ، يار.
روئي رت اکين جا، جهونا ٿيا جهالار، يار.
وڃي ٻُڌنديس اُتَھين، سندي پنھوارن پُڪار، يار.
رکي ويڙھيچا ويا، مونھين سر مَيار، يار.
پيڪين مُون پَھُچائيين، سومرا سردار، يار.
راتو ڏينھان اوڏھين، ”سچوءَ“ ساھَ سنڀار، يار.
ڪافي 3
ساريان آءٌ تا لوءِ، پنھنجي جون لويون،
عُمر گهوريا ھِي پَٽَ پٽيھَرَ، ميان!
ھُت ويڙھيچا، وو، ويٺا ورھائن ڏيھاڙيون،
سي ڏونرن سنديون ڏويون.
سنگهارن ڏي سوز سنيھا،
آءٌ ٿي روزُ مُنجان رويون.
ڪنڍيون ڪوڪَڙ سَنديون، ميان،
ڳچيءَ پائن ٿا ھِت پيڪا پويون.
صبحَ سانجهيءَ کَڻَن خوشيءَ سان،
اُھي سي تا آب ڀَريون اويون.
پاندين پائِن پُسيون، ساڳن سِڱر سَنگهارَ،
”سچو“ سي سويون.
ڪافي 4
گهوري ھِيءَ جدائِي، اڙي ميان، پنھوارن ٻاجُهون پُورَ پيا!
صبح ويلي ميان سومرا، الا سائين، خبر اھا مون آئِي.
لنگهي مُلڪ مَلير جو، ويَڙئي ويڙہ سَڀائِي.
پانورَ ڪنڌئين ڪينڪي، وھندا ساعَت سائِي.
ڪنَين ٻُڌان ڪِينڪِي، وري اِھا شَلَ وائِي.
ڏوٿي پنھنجي ڏيھَ مَون، ڪَندا ڪِيئن نِوائِي.
عمر اَباڻا ڏيھ ۾، سَرھا ھُونِ سَدائين.
موٽِي نہ وڃَن اُوڏھِين، جن جِي سِڪَ سَمائِي.
ھوءِ ھوءِ ھِن جي حالَ تي، ڀاڳيا ڪرن ڀَلائِي.
”سَچو“ سندن ساٿَ ۾، ڪَري مَرُ تہ گدائِي.