سچل جو رسالو/مارئي/داستان ڇھون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مارئي
299724سچل جو رسالو — مارئي1958سچل سرمست

داستان ڇھون

1
ڄَڱَرَ ڄارڙيون، ٻيا ڪِرڙيُون ڦوڳَ ڦُلاريا،
سي سنگهاريون ساڻيھ ۾، وِھَن وارڙيون،
ٽامان ٽارڙيون، لاڙيون ڇنِن لاکڙان.
2
وَروٽا ويڙھيچن جا، اِھي موتئين مالهڙيون؛
رَس نہ اَچن روح کي، ٿالهہ ۽ ٿالَهڙيون؛
سَنگهارنِ جون سومرا، چَڱيون چالَڙيون؛
جو فَجُر ڦوڪي سَنديون، ڪن دانھَن دالَڙيون؛
وَرُ سي لويون لاکَ جون، ٻَن شالان شالڙيون؛
اَٺئي پَھر آھن اکيون، منھنجيون عُمر آلَڙيون؛
ڪامل تنھنجي ڪوٽ ۾، وجهان فَلَڪين فالَڙيون؛
شال سڻندو سو ڌڻي، مون نِڌر نالڙيون؛
وڃي ڳجهيون ڳالهڙيون، ڪنديَس سَرتن سان ساڻيھ ۾!
3
ھِت ڏسان ڏوٿِيڙن جيُون، ويٺي واٽَڙيون؛
ھُت پَون پنوھارن تي، مِٺِيون ماٺَڙيون؛
ياد اتي جون مون پيون، ڇوھُون ڇاٽَڙيون؛
توڙي چار ڪُنڊان لوئِيءَ جون، ھِت ڦاڪين ڦاٽَڙيون؛
تان ڀِي وڃان اوڏھين، جتي کِنوڻِيون کاٽَڙيون؛
مون کي لَوھِن لاٽَڙيون، تَن لالن سَنديون سومرا.
4
ٻُور پُڄاڻُون ٻَير ڪَن، ٻَھون ٻيرڙيون؛
ڇاڻِن چونڊن سي چڙھيو، ڏئِي ڦيرڙيون؛
پانَوَ پيرڙيون، ڪن تماشا تِکُن جا.
5
ھُت گُهمَن ڏوٿِي ڏٿَ لئہ، ڪَيون ٽولا ٽولڙئين؛
ڇاڻِن لنب اَئون مَکڻِي، جَهلي جهولَڙئين؛
پِيھَن پَچائن مانيؤن، ڦوڪي ڦولَڙئين؛
تون عمر اولَڙئين، ڪَري ھُت ڇَڏيج مون.
6
ھُت ريت تہ اَڌو ٻَنڌِ، ڪَن لويون لاکَڙيون؛
مَشَر مارُئَڙن جيون، سَچيون ساکَڙيون؛
وَٽين تورنِ ڪينڪِي، مَکَڻ ماکَڙيون؛
اَڃان ڦُٽنَ باکَڙيون، تہ کڙا آھن کوھَ تي.
7
اَڃان کِنونِ کِنوِڻيُون، تہ سانگيُن ساھ پوي؛
وَسي تَر تارِ ڪَن، نَيون ۽ نُوڻِيون؛
جاتي ھُئن جوڻِيون، تاتِي آجَڙي آرامِ ٿيا.
8
اَڄ جوڙي ويٺا جَهنگَ ۾، جهانگِي جهوپڙيون؛
ڏي نہ ڏوٿيڙن کي، لائِقَ لوپَڙيون؛
راجا روپڙيون، گَهرين رکن ڪينڪِي.
9
ھُت ڏِينِ مارو ڏاجَ ۾، ڄاڻِي ڄارَڙيُون؛
پَيون آھِن سڀ کي، اُھي ويڙھيون وارَڙيون؛
سي چُونڊن پيون پرِھ جو، نائي ڏارڙيون؛
وِجَهن گوندنِ سَنديون، ڳچيءَ ڳارڙيون؛
پوءِ کنيو کارڙيُون، وَڃَن لوئَڙِياريون لوءِ ڏي.
10
مون کَؤن وِسَرن ڪِينَڪِي، اُھي عُمرَ ويلڙيُون؛
چاريَم وڏي چاھ مَون، ٿي ڇيلا ۽ ڇيلڙيُون؛
ٿي کيڏيَمِ کيلَڙيون، سَرتِن سان ساڻيھ ۾.
11
اَوس اَڏنِ سومرا، چوڌاري چَؤنرا؛
تَن ۾ سانڀي رکَن سامھان، ڏُٿ ٻَھون ڏونرا؛
ڌڳَ رکي ڌؤنرا، صبح کائِن خوش ٿِي.
12
ڪَرين ڇو کِلان، سانگِيڙن تي سومرا!
سارِھَ سو تِن تي، لاھ ٽوڪان آئون ٽَھلان؛
ھي جي مَوتَن جون مَھلان، ٿِي مَحلن مَنجهہ گُذاريان.

ڪافي 1
ڪاڏي ويَڙا، وو، پِرين پاڙيچا!

جاڏي ھَليا، تَہ دِل تاڏي، ھَلُ تون ھِنيڙا، وو.
محبن مون سين عَجَب جيھا، ڪيئي ڳُڻِ ڪيڙا، وو.
گوندر گاڏائون ڏينھڙا، ھِت جالڻ جيئڙا، وو.
ھِن اَجايا اُنھن ٻاجهون، جي پلڪ پيڙا، وو.
”سچوءَ“ سَندا سانوَل ٻاجهون، ھي حال ھَي ٿيڙا، وو.

ڪافي 2
آئين ھَلِي ھِن جاءِ، وي،
ھِڪ ساعت ڪارڻ تون سانگِيڙا!

ڪا گھَڙي نيباہُ نه ڄاڻج، پيچ نہ تَنھن سان پاءِ، وي.
”الدّنۡيَا سَاعَةُ“ اِھو نُڪتو دل سان تون لاءِ، وي.
جاڏنهن آئين تون وڻجارا، وري وڃَڻ اوڏنھن آءِ، وي.
دنيا ۾ دَمَ ڪيئي گذاريئي، ”سچو“ سڄڻ جي ساءِ، وي.

ڪافي 3
اوڏاھُون آيا، مون ڏي عتابَ اَباڻن جا.

ھي ڏيھُ وِيَڙُءِ وِسري، اِتي ڏينھن وڃي تو لايا.
ياد اسان کي ڪِين ڪيڙئي، منجهائينءَ مايا.
ڏينھن اسان ريءَ گذري، ويَڙئي سڀ اَجايا.
گهڻا مِينھن مَليرَ ڏي، والِيءَ وري وَسايا.
تُنھنجي ڏسڻ لئہ، ھِت سانگِي سِڪايا.
سائينءَ ”سَچو“ سِگهڙا، مون مارو مِلايا.