سچل جو رسالو/مالڪوس/داستان پھريون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مالڪوس
299733سچل جو رسالو — مالڪوس1958سچل سرمست

داستان پھريون

1
لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي؛
آندو اَٿم پاڻ سان، نينھن ڀَريو نامو؛
توڏي ساريو سڄڻان، ڪَيم راتيان روانو؛
پڙهِي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!
2
ڪانگل آيم اَڄُ، پريان سَندي پارَ ڏهُن؛
ڳالهيون ڪيائين سڄڻان، سي روح ٻُڌي ڪيو رڄُ؛
پَکيءَ ڪيو نا پَڄُ، ظاهر ڪيائين زبان سان.
3
ڏاهو اَڄ ڏسو، جي ويڙهي ويڳاڻو وتي؛
پورن مَنجهئون پانھنجي، ٿو ڏئي حالَ حِصو؛
سَرتيون سُورَ سُڻِي ڪري، هِنَ خيالؤن ڪيِن کِسو؛
ڪو قريبَن قِصو، تنھن سيکاري موڪليو.
4
ڪيون وکاڻيون واتِ، اَڄُ ڏاهي ڏارَ چڙهِي ڪَري؛
سُڻَڻ سان کي سَرتيين، لڳِي چُپُ چُپاتِ؛
آتَڻ واريون اُتھين، لوٺياڻيون سان لات؛
روئن ساري راتِ، هَي هَي سو ڪانگو ڪيون.
5
گهڻا ڏينھن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟
ڪي دم آڏو دوست جِي، ڀَلِي ڪري ڀَڳاءِ؛
هاڻي ڪِي تا تَنُ تڳاءِ، متان جهوريءَ منجهہ جهڄِي مران.
6
وات ڪري وائِي، اَڄُ پُڻ ڪانگ قريبَ جو؛
ڪِي جو چيائين چُھنبَ سان، تنھن لُڇ ڏاڍي لائِي؛
اندَر کي آئِي، ڄَڻ ڄَرَ ڄيري سندڙي.
7
لَئٖي لامَ لَتو، ڪِي جو ڪانگ قريب جو؛
تنھن لاکِيڻٖي جي لاتِ جو، پَوي ڪونہ پتو؛
ڪاڪِيون ڪِيئن ڪَتو، پَر اَڻَ سُوريون آهيو!
8
ڪيھي ڪَمَئون ڪانگڙو، اَڄ ٿو ويڙهي مَنجهہ وتٖي؛
پَسِي تنھنجو حالڙو، ڪاڪيون ڪامَ ڪتي؛
تنھنجي لات لتي، ٿو جيءَ کي جياپو ٿئٖي.
9
اَڄ لاتيون ڪانگ لَتيون، سٖي ڪٖي سڻو سرتيون؛
جو ڪَھَڻ سان ڪُھيو وجهي، ويڙهي منجهہ وتِيون؛
سنديون راز رتيون، ٿو پُڻ ڪري پڌريون.
10
رويو رويو رتُ، ٿِي پکيءَ پارانڀا ڏئٖي؛
تہ پيرين وجهانءَ گهنگهرو، سي ڇمڪائيندو وتُ؛
کيئن وٺِي خطُ، سِگهڙو ساٿيڙا ورين!
11
جو ٿو ڪانگ چوي، سو سُڻيجو سَرتيون!
وڏيءَ ويل صبحَ جو، ٿو چڙهيو لامَ لَوي؛
اُلڪي ۾ نہ آهي، آتڻ، کَڻون اِتھون.
12
ڏاهو چڙهِي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا؛
پڌرا ڪري نہ پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا؛
آڻيو اوراپا، ڳالهيون ڳوريءَ کي چوي.
13
تِرُ نہ هِڪ توڙي، اَڄُ لامين لاکِيڻو لَئي؛
ويٺو آھِ وڳوڙجِي، کنڀن کي کوڙي؛
ڳالهہ ڪرڻ کان ڪاڪيون، مُنھن گهڻو موڙي؛
پَر پنھنجا ٽوڙي، چڪيون ڏئي ٿو چھنب سان.
14
سڻيجو سوئِي، جيڪي چوي ڪانگڙو؛
هئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئِي؛
ڪنڍيون ڪُندن سان وجهان، پکيءَ کي پوئِي؛
جانب ڏنهُن جو ئي، آڻي نياپا نينهن جا.
15
آءُ ڪانگل ڪائِين، تا توتي عطر اوتيان؛
اَچڻَ ٻاجهون تانھنجي، آهيان اٻاڻڪ آئِين؛
ڏاها گهڻا ڏينھڙا، متان تون لائِين؛
پير اڱڻ پائِين، تہ منھنجو ساه سڌير ٿئي.
16
ڪانگل آيم ڪالهہ، وٺِي سنيھا سَڄَڻان؛
محبت ريءَ مقالَ، ڪانہ ڪيائين ڪڏهين.

17
ڪي جو ڪانگ ڏسِي، ڪالهہ اوڏاهون آئيو؛
پيُس هنياءُ ڦِسِي، ڳالهيون ڪندي سَڄڻين.
18
مالهان موتين جون وجهان، پَکيءَ کي پوئِي؛
پِيرين سونا گهِنگُهرو، تا ٿئي سوايو سوئِي؛
سينڌو سڀڪوئِي، مَرُ تنھين جو نہ ٿئي!
19
پَکيءَ سندا پَر، ڪريان مُرصع موتيين؛
جو آڻي عجيبن ڏنھُن، ڏئي خوب خَبرَ؛
ڀينر ڙِي مون ڀَر، شال ويٺو ڪري وائِيون!
20
سنيھا جي سڄڻان، سٖي ساري ڏنائِين؛
اِئين اُتائين، تہ پاڻ نہ آڻِج وچ ۾.
21
اَدا اِيندو ٿيءُ، وٺِي سُکَ سنيھڙا؛
جاءِ ئي ٿي مون جيءُ، ڏاها جڏهن ڏسانءِ ٿو.

ڪافي 1
ڪالهہ جو ڪانگ اُڏاڻٖي،
ڀلو، ڪيئن وئينٖ پِريَن وٽ؟

گهڻي تو سان ڪا ڪَئي، اڳيون يارَ سِياڻي.
پِرينءَ ڪِي تا پُڇيو، ڏيج دلاسو هاڻٖي.
ساري مون کي ڏيج سَنيھا، الله ڪارڻ آڻٖي.
پِرين سندي پارَ ڏي، عاشق ڇو نہ اُماڻي.
ائين اڏامي اوڏهُون، سچو ساهَ سيباڻي.

ڪافي 2
لؤن وڃِي ڪيئَن لايَم، پِرين نہ ڄاتُم پَرديسي!

پُرجهُيم ڪين سَھيلون،
تيلهان آڏو ڏک آيم.
ڏينھن گذريا غم تنھن جي ۾،
ڳالهہ جنھن جِي ٿي ڳايَم.
دانھون فريادون ڪَريان،
ڇو سِڪ سچو سيبايَم!

ڪافي 3
لَؤن مون سان جا لايَوَ،
يارَ، ويڙهٖي هِن ويهِي!

دردمنديءَ جِي دِلڙي، دلبر گهوٽَ اکين سان گهايَوَ
ڳالهہ ڪَريان ٻِي ڪيھِي.
مُشتاقَن کي محب مارين ٿو، تَڪَ اِهائي آيَوَ
جيھِي وڻيَوَ ڪَيَوَ تيھِي.
ڳالهہ اِنهيءَ جِي سُڌ نہ مون کي، پاڻ پِرين پُرجهايوَ
رمز ڳُجِهيءَ دل ريھِي.
پارؤن پنھنجي ڪيئي قاصِدَ، هِن ڏي هوتَ هلايَوَ
ڏيھ گَڏيا ڄَڻُ ڏيھي.
دل سچوءَ جِي دلبر سائين، ديدن ساڻ دتاريَوَ
نِينھَن اوهانجڙي نيھِي.

ڪافي 4
ڪيئِي ڏک جا ڏينھنڙا لنگهايم،
سُڻ تون مُنھنجا سائين!

ڳالهيون ڪندي مون ڪيئِي سِرَ تي ڏک جا مينھڙا وسايَم.
پرين اَوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙِي پنڌڙا پُڇايم.
سِڪ اَوهان جي سُپرين، ميان سارا ئِي سورَ سَلايم.
سچل سي ئِي آئيا، جَن لَئي فالان روز وجهايَم.

ڪافي 5
تون تا پنھنجو پاڻَ پَساءِ،
شوقُ تنھنجو مون کي يار شتابي.

اَچي اکڙين ۾، جوڙي ويھِج جاءِ.
ناميا نانۡوَ ڌَڻِيءَ جي، پيرَ اَسان وٽ پاءِ.
اَڳي پوءِ ڀِي آسرو، هوت اَسان کي آهِ.
اَڄُ ڀِي واٽَ نهاريان، لالن تنھنجي لاءِ.
آءُ اڱڻَ آسروند جي، سچوءَ ڪيم سِڪاءِ.

ڪافي 6
هوتَ ڏٺئِي هيڏي اِيندا،
ڪيئن ساٿِي، مون کي سَچُ چَئو!

هُتئوُن پَٽِي پَکَڙا، هِت ڪٖي آڻٖي اَڏيندا!
پنھنجي وڙؤن پاڻَ سان، هيءَ غريب گَڏيندا.
ڏگَ ڀائِي سٖي سُپرين، ٿورياڻيءَ سان ٿيندا.
دردمند جٖي دل تي، دانَهن دستَ ڌريندا.
ڏوڙا طالعَ مون ٿِين، جڏهن سچو نانۡوُ سڏيندا.

ڪافي 7
يارَ پانڌي، ڙي ميان،
مِيَر ساٿِي، ڙي ميان،
ڪيچيڙا، ٻيليڙا، ڪڏهن اسان وٽ اِيندا!

هوندا اسان وٽ يارَ هميشہ، ڪِي ڏکَ ڏيئي پوءِ ويندا؟
اِهو اَٿم آسرو، ڇوري تا نہ ڇڏيندا.
صاحب پنھنجي ساٿَ سان، هيءَ غَريب گَڏيندا.
پَکا پنھنجا، چئو ڙي ساٿِي، ڪٖي هِت عَجيب اَڏيندا؟
سچو توکي سُپرين، پاڻ اچي هَٿُ ڏيندا.

ڪافي 8
تون آهين صاحب صورتَ جو، هِي آھِ غلام تنھنجو؛
آهي ذوقُ شوقُ سُھڻا، مون کي مُدامُ تنھنجو.

جي آهن اصل اوهان جا، سٖي نا وسار جو، ميان،
مون تي آهي مُقرر، سائِين سلامُ تنھنجو.
راتو ڏينھنان روئڻ ۾، هنيَڙو اُداسُ هُيَڙو،
رهبر آڻي رساڻيو، پِريَم پيامُ تنھنجو.
دلگير تون مٿان ٿئين، ڪر دور درد کي، ميان،
اول آخر اسان وٽ، هوندو مَقام تنھنجو.
رد ڪر فنا فِڪر کي، اُميدوار ٿِي رھُ،
هِت هُت يقين ڄاڻج، آهيان اِمام تنھنجو.
تون آهين اَصل اسان جو، آهيون اسين سٖي تنھنجا،
آهي قبول ڪُلِي سچو ڪلامُ تنھنجو.

ڪافي 9
ڏي دلاسو دوست هن کي، اَصل تنهنجو آه، ميان!

هِت ٿِي گُذاريان ڏينھڙا، سانولَ اوهان جٖي ساءِ، ميان.
غصو نَہ ڪر غمناڪ سان، نا تہ حالَ هِنَ هاءِ هاءِ، ميان.
دلبر اوهان جٖي در بنا، جاني نہ مُون ٻِي جاءِ، ميان،
جنھن کي نہ تنھنجي دوستي، آهي اُنهيءَ واءِ واءِ، ميان.
ڏسِي اسان جو حالڙو، تون پير اسان وٽ پاءِ، ميان،
پاڄِي وٺي هيءُ پانھنجو، لالَن پنهنجي ڳل لاءِ ميان.
مطلب اهو محبوب ڪر، طالب نہ هيئن تَرساءِ. ميان،
آهي دم اسان ديدارَ جو، ڪنھن وار تون ورساءِ، ميان.
راتو ڏينھان هُو تا تنھنجِيون، ڳالهيون ويٺو هِت ڳاءِ، ميان.
نيڻ کَڻُ نالي ڌڻيءَ جي، هي سگ سچو سَرچاءِ، ميان.