سچل جو رسالو/متفرق ڪلام/ڪافيون حصو پھريون
ڪافيون (حصو پھريون)
ڪافي 1
اڄ تون اسان وٽ آءُ، تون مينھن والَ ميھارَ، ميان!
پاڻي اُپڙڻُ نا ڏئي، ھڪ ويريون ۽ ٻيو واءُ، ميان.
ڪارِي، ڪُن لَھريون لسان، دورَ وڏي درياءُ، ميان.
ساھَـڙَ سببون تانھنجي، سَرتيون ڏين نَہ ساءُ، ميان.
پِرين وڙئون پانھنجي، سچوءَ لَھُ سماءُ، ميان.
ڪافي 2
لَـڙ وھي لوھاڻو، يارَ، وي!
سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنھين جهوراڻو.
ڪاھيو پوي ڪُنن ۾، ڏنِس عشق اوراڻو.
ساھـڙَ ٻاجهون ساہَ کي، ڪيو ورھَ ويڳاڻو.
سانولُ سدا آھِ مُون، اوھِين سڀئِي ٿيون ڄاڻو.
پڇندو اَچي پاڻَهين،سچل يارُ سِياڻو.
ڪافي 3
آکوڙِي! آءٌ ڪير آھيان، ذات نہ ڄاڻان ڪير!
سَھي ڪَري ڪين سگهان ٿو، ڀينَر پنھنجو ڀيرُ.
ڪاٿَئون ٿِي آءٌ ڪاٿي آيس، پرتَئون پاتم پيرُ.
ساڳيو ئي سو رانجهو آھيان، تنھن ۾ ڦندُ نہ ڦيرُ.
پاڻؤن ڄاڻي پر گهمايَم، سُرھو ڪَيَڙم سيرُ.
جوڳي ٿي ڪَرَ جوڳ پچايم، ڏاڍو ڪَيَڙم اَنڌيرُ.
مَڪي مَنجهہ مَسيت بڻايَم، جڻيو جيسلمير.
سچو نانءُ تہ آھي منھنجو، ھَـڏِ نہ آھيان غير.
ڪافي 4
ساٿي ڙي ديسَ دلبر جا، سِگهو وڃ پار پرين جي؛
خبر ڪا خيرَ جي آڻين، آھي خوش خاص سو مَظھر!
پانڌِي پيغامَ ھي ني تون، سنڀاري دوست کي ڏي تون،
ڳالهيون ڪر ياد ڀي ڪي تون، آھينم تون دل گهريو دلبر.
عاشق ايڏھن نھاري ٿو، تو لئہ گوندرِ گذاري ٿو،
سَڄَڻ تو سَرس ساري ٿو، اَوھان لڳ آھِ مُنتظر.
زيادہ ٿو ڪري زاري، ڪيائين سَؤ ڳِچيءَ ڳاري،
مَ ڪج تنھن کَون بيزاري، ڏسي ڏوھن سندو دفتر.
دردَ ۾ دل بَجانو ٿيو، اُتي يَڪدل يَگانو ٿيو،
وٺي نياپا روانو ٿيو، رسيو تاروءِ وڃي رھبر.
اڳيون ڀِي ٻاجهہ ھُـت پيئي، وائي تا ھجر جي ويئِي،
دلاسا دوست ڪيا ڪيئي، لِکڻ کون ھِن اُھي ٻاھر.
آھي سڀ خيال ھِي منھنجو، اوڏنھن ويو حال ھي منھنجو،
سچُو ري سوالُ ھي منھنجو، حضوريءَ ۾ ٿيو حاضر.
ڪافي 5
تنھنجي چشمن چيٽَڪ لايو،
آءٌ ھاڻي ڪئن ڪريان!
ڪَلَ نہ مون کي ڪا ھئي، عشق اَچانڪ آيو.
دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو.
سدا گهرجي سچوءَ کي، محبت جو نِي مايو.
ڪافي 6
يارَ ٿئين وڃي ياڪي،
متان ھي وسارين، ميان!
ٻيو سَڀو مون وسريو، برھُ رھيو ھڪ باقي.
تنھنجي طالبَ آھيان، محبَ مون تا ميثاقي.
ڪم منھنجو ڪيچ ۾، ھاڙھو سَڀُ ھَلاڪِي.
لاھج پنھنجي لطفَ سان، گوليءَ کون غمناڪِي.
ڪَر پاڄاڻي پنھنجي، سچُو ھيءَ ڪساڪِي.
ڪافي 7
ھِيءَ غريب نماڻي،
ڪيئن بيراڳِڻِ ڪَيَئہ!
معاف مدايون ڪَر تَنھين تَون، الھ لڳ آرياڻي،
پيش اچي جا پَيَئہ.
بِيٺِي آھيان يارانهيءَ تي، حُب منجهؤن ھوتياڻِي،
ڳالهہ چُڪِيءَ جا چيئہ.
ھڪ خيال نِي دل تي تنھنجو، تنھن ڪَيَس جوڳياڻِي،
خيال ٻيا سڀ کَنيَئہ.
وعدن واري ڳالهہ اَسان سان، ھوتَ ڪَيَئہ جا ھاڻي،
ڪيئن وسرِي سا ويَئہ.
ڏک ڏوراپا ڪھڙا توسان، پرين سا ڪيئہ پُڄاڻي،
نال نماڻِي نہ نِيَئہ.
ڀَري نوڪَ نيھَن جِي سائين،سچوءَ کي نِي سُڃاڻي،
ھوت ڀَري جا ھَنيَئہ.
ڪافي 8
عِشق اسان وٽ آءُ، اچي تو تا سانوڻ لايا!
چئنچل چيھل ٿي چوڌاري، مينھن رات ڪئي موچاري،
عزت لـڌي آسمان، پِرين اچِي پير گهمايا.
بوندَ بِرھَ جي بَرسي باري، جوشَ اکِيَن مون جَرَ ٿيا جاري،
بيحد ٿيا بارانَ، اصل کون واھَ وھايا.
گل ڦُل گاھن ڪئِي گلزاري، مَڃيائون سارنگ جي سرداري،
سَھسين ٿيا سامان، اَکين اچِي آگَمَ لايا.
يار سَچَل چئي مُحب مِليا سي، بيشڪ دل جا دردَ لٿا سي،
شاھِي رکيائون شان، اچي تَن حُڪم ھَلايا.
ڪافي 9
عِشق پنھنجي جي خَبر جي ڪَنھن اَدا عاشِق آھي،
مُشرڪ ۽ مُرتَد آھي، توڙي اھو تارڪ آھي.
جو ٿيو گُم يار ۾، پاڻ ئِي کون لا تعلق آھي،
پانھنجي ھُوڻَئون اُھو، ھَر فعل کون فارق آھي.
ڪُفر ۽ اسلام کون، لاڙو انھِيءَ لاشڪ آھي،
رمزتا ھِن راز جي، سمجهي سوئي سالِڪ آھي.
دائم دُوئيءَ وارن نظرَ، ھڪ خلق ٻيو خالق آھي،
اُپٽي جو عبرت جون اکيون ، تنھن کي مڙيوئي مالڪ آھي.
جِيئن ھاديءَ فرمائيو، سوئي سَڀو برحق آھي،
سو سچوءَ مُرشد سچو، سو پير عبدالحق آھي.
ڪافي 10
جيءُ آئين ڀَلي آئين تون،
ڪنھن منزل مون پھچائين تون،
ٿو موٽي سِرُ وڍائين تون!
سرمَدَ کي ڏيئِي لَتَ ڪھايئِي، سوريءَ تي مَنصور چڙھايئي،
شيخ عطار جو سِرُ وڍايُئي ، ھاڻي ھيڏي پنڌَ پُڇائين تون.
زڪريا ساڻُ ڪرٽَ چِيرايئي، يوسف کي مَنجهہ کوھَ وجهايئي،
شمس مُلن جي ھَٿئون مارايُئي، عاشِقَ ٿو آزمائِين تون.
جڻيو ڪفر صنعان وجهايئي، بُلي شاھ کي ذبح ڪرايئي،
جعفر کي درياء ٻوڙايئي، تن کي پار لنگهائِين تون.
گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدانَ مارايئي،
ڪرمَل کي ھِنَ حُڪم ھِلايئي، ڦيرُوءَ ڪَنڌُ ڪَپائين تون.
قاسِم دُرن ساڻ سَٽايئي، موسيٰ کي بيٖ سُھاڳَ وٺايئي،
اڪيداسَ تَعزير ڏِوايئي، سو اَڄُ ساڳيو آھين تون.
سچو سَندءِ پنڌَ پُڇائي، گهوريو پنھنجو سِر گهمائي،
نِينھن واري ڳالِهہ ڳالھائي، عاشق ٿي فرمائين تون.
ڪافي 11
حڪم تنھنجو ٿو ھلي، پَر ڏوھ پاڻ ئي کي ڏيان!
آھي فَعالءُ لمَا يُريدُ، نانءُ ھِيءُ ڪاڏي نِيان؟
آھي وَبي يَنطِـقُ وَيُبصِرُ ، تر نہ توريءَ جيان.
جاڏھن اچي ظاھر ٿئين، ھَل ھيجَ! مَون تاڏي ھيان.
يَـرجِـعُ اِليٰ اَصلِہ سُڻُ مامَ ھِيءَ موُن ھان مِيان.
گمنام غمزي ۾ ڪرين، ساڳيوسچو سُوئِي ٿيان.
ڪافي 12
دِل چَپَن سان جي چُمين، پير مُغان جو آستان،
محبتَ سچي محبوبَ جي، بانڪا وڃي تون باس تان.
ڪي ڏينھن مون دلدار لئہ، ورد ۽ وظائف ٿي پڙھيا،
جڏھن عشق آرانڀا ڏنا، ٿيون خود خدا جون خواستان.
جڏھن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويون،
ھڪ واسطو تنھنجو رھيو، وسري ويون ٻِيون واسطان.
راھون سڀئي گمراھ ٿيون، جي مون پڇين تون ڳالهڙي،
ڪر گُذري ٻئي گوڙ کان، اَٿَئي راھَ رب جي راستان.
رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عقبيٰ ڀئُہ ڀَڳو،
غمزي تنھن گم ڪُل ڪيو، وھَواہ ٻيا وسواس تان.
عشق جي ڙي جيڏيون، ناھي تمامِيت ادا،
چاھون چوائي ٿو گهڻو، ھِي درد مون کي داستان.
سچو سدا سِڪَ ۾ رھين، متان تون جهلين روئڻيُون اکيون،
ھت درد وارن جي پرين، پاڻھِين ڪرن ٿا پاس تان.
ڪافي 13
ڪَنھِن سان ڪَيَم نہ ڪَلَ،
جو سودو آندم پاڻ سان.
سودو ڪَنھِن نہ پُڇيو، آيس ۾ مشڪل.
گران قيمت کون سَڀَئي، موٽيا تنھن مَھَل.
سودي ھھڙي جي اُتي، لاھن سڀ نقل.
ميڙون موڙن تي ڪري، عالَمَ ڪَئي اُڇَلَ.
حال ڏسي تا ھُنَ جو، جيئَـڙو منجهہ جَنجَل.
ڏوھ نہ مون کي ڪو ڏيو، پئَي خَلقَ منجهہ خَلَلَ.
سچوءَ سرفراز ڪيو، آڻي سو عشِق اَجهل.
ڪافي 14
صحي سڃاتوسي، ھاڻي اَصل اسان جو تون آھين!
عاشقَ متان اوتيين، پِنبڻيَن مون پاڻي.
ڪڏھن اسان جي ڳالهہ کون، عذر متان ڪو آڻي.
عاشق مِٺي ڳالهہ جي، ميان، وَري ٿا ڏين وراڻي.
ڏينھن ئون نئين آھي سا، ميان، ناھي سا پرت ٻُراڻي.
تن ۾ تنھنجي اصل اَسان جي، سچو ري سِڪَ سَماڻي.
ڪافي 15
آھيان اوھانجَڙو اُئين، دوست چوين ڪير آھين؟
پِرين ڏسج تون پاڻَ ڏي، آءٌ ٻانهو تون سائين.
پنھنجي درئوُن سُپرين، پير منھنجي در پائين.
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ميان، پِرينءَ کي پَرچائين.
آءٌ اَوھانجڙو آھيان، چِت نہ مان تَون چائين.
ديدان کَڻُ تون مَٿي الله لَڳ، ميان، سچوءَ کي سَرچائين.
ڪافي 16
جيڏيون مون کي ڇو ٿيون جهليو،
وينديس پرينءَ جي پار!
ھُنَ ڀَرِ ڀيرا ٿي ڪريان، جو مون ھُتِ روح رَليو.
ڏانھن گهڻا ڏينھَڙا، مون ٿيٖ عِشق اَليو.
روح پريان جي پارَ ڏي، وٺي سا حُبَ ھَليو.
پريان سندي پارَ ڏھون، پاڙيچون نہ پَليو.
سچوءَ جوڙِي سَرتيون، محبَتَ مَن مَليو.
ڪافي 17
منھنجو ھِنئـڙو وڃي پيو، پرينءَ جي پار، وو!
سپيريان ڏي سرتيون، مون کي نِيھڙي نيو.
ڳُـڻين ڳالهيين يارَ سَڄَڻ جي، سوگهو ساھ ڪِيو.
پاڻون پائي اڱڻ اَسان جي، لالن شال لِيو.
جَـڙ لڳي ھُيوَ جيڏيون، تہ ڪِيئن مون ڏوھ ڏيو؟
سُپيريان جي سِڪَ ۾، مون سان ٻيلي ڪونَہ ٻيو.
سگُ سڄڻ سان سگ سچوءَ جو، جيڏيون جيءُ ٿيو.
ڪافي 18
دل جا دلبر يار، سگهو سگهو اِيندو رھين!
اسان نماڻن جي نانءَ سائينءَ جي، لھين تون سار سنڀارَ.
پار اوھان جي ڪيئي مڪاسين، قاصد سَوَ ھزار.
اوھان ٻاجهون يار پيارا، اَچن ٿا اُوٽار.
سي تون پاڙج پرين پانھنجا، ڪَيوَ جي قول قرار.
ھوءَ جا ھيِڙي مٿي منھنجي تي، ڪرين سا معاف ميار.
سچو اوھان لئہ يار سياڻا، روئي سو زارون زار.
ڪافي 19
پڇو نہ منھنجي ذات، جوئي آھيان سوئي آھيان!
اچڻ اَسان جو ٿيو اُتاھين، جاتي ڏينھن نہ رات.
ظاھر آھِ زبانون منھنجي، الاقرب سندءِ ڪلمات.
سچو سِر سھِي ڪر پنھنجو، عشق منجهون عِشقات.
ڪافي 20
مڙس ٿي منصور چئہ، نہ تہ ڪيم چئہ منصور ھان،
منصور جي منزل اتي ، ڏاڍا تماچا تھمتان.
سگهہ نہ جي ساري سگهين، منھن رکين تنھن تي مٿان.
ڇو ڇوڪراڻيءَ ۾ پئِي، رانديون روين راتو ڏينھان.
احوال سڀ اسرار جو، سائين عشق کي آھي عيان.
ٺَـڙڪو ٺڳيءَ ۽ ٺاھ جو، ناحق ڪرين ٿو ناتوان.
ھِن کي چيو ھُن کي چوين، آھيان لاھوتي لاطمع!
منصور جي تنھن ملڪ تي، آھن سدا نوڪان نوان.
سُڻ سچو تون سمجهہ رک، توکي چڱائي ٿو چوان.
ڪافي 21
وھيان وساريان ڪيئن، جيڏيون جي لنءُ لائي ويا!
گهوري ڇڏيم ھي گهر جايون، برہ بھيران پٺيءَ لايون،
پير نہ پوءِ ورايان، وري سنڀاريان ڪيئن؟
شھر ڀنڀور کان ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ئي ڏٺم شادي،
تنھن سان نينھن نباھيان، پوءِ نھاريان ڪيئن؟
ٿي ئي منھنجي دلڙي ديواني، محبت ڪيڙيس آءٌ مستاني،
در در ڦيريون پايان، ھت گذارايان ڪيئن؟
پور پِرينءَ جي ڪئي پڌرائي، اوڙي پاڙي وڇُٽي وائي،
ڇاکي عِشق ڇپايان، ھُڻ گهر گهاريان ڪيئن.
ڪيچيڙن جي ڪم اَچان جي، رنگ ڀَريَن جي رنگ رچان جي،
سچو ري ڳُڻ ڳايان، ھي سرُ واريان ڪيئن.
ڪافي 22
اوھين پنھنجو پاڻ آھيو، ننگَ نباھڻ وارا!
ھيءَ نماڻي عيبَن ھاڻي، ھٿ مَٿئون مون نہ لاھيو،
نيڻ وھائِن نارا.
عاشق سندوَ آھن اُداسي، چاھ منجهون سي چاھيو،
جي ورھ ڪيا وسڪارا.
ميلائيءَ جو مشتاقن سان، ٺاھ ڪو سِگهڙو ٺاھيو،
مَر تا ڪرن نظارا.
اصل لاڪون آھن اوھان تي، پاڻ پِرين نباھيو،
ڪَم سچوءَ جا سارا.
ڪافي 23
ٿي تون رھبر راھي، پِريان سندي پار ڏي.
ڏيھ انھيءَ جي ساٿي تون سگهڙي، آءُ لھي آگاھي.
تِر نہ ھڪڙو ترس اِتاھين، والي آھي تنھنجو واھي.
ھِن نماڻيءَ سان نانءَ سائينءَ جي، ڪرين تون ھيءَ ھمراھي.
درد اسان جي جِي اڳيان دوستن، ڏيندا ھي نيڻ گواھي.
يار مسافر سگهو سچوءَ سان، آڻي تون ميڙِ اِلاھي.
ڪافي 24
جاني جدائيءَ ماريو، ڏينھن ڏھلا سي گهوريا!
اَصل لاڪون آھيان اوھان جي، ويچاريءَ نہ وساريو.
نانءَ سائينءَ جي اسان نماڻن سان، اَچي سو گـڏ گذاريو.
مشتاقن ڏي مھر پئي تا، کڻي نيڻ نھاريو.
پري نہ پاڻَؤن يار ڪريجو، پنھنجيءَ وَٽِ ويھاريو.
سَگ سچو آھي در تنھنجي جو، پنھنجي سو ڪَڍ قطاريو.
ڪافي 25
ٿورا ڪيڏا مون سان لايا، يار سانگِيڙِي ميان!
جيئن چيوسي تيئن مڃيائون، موٽي نہ تن موٽايا.
چُپ چپاتي ويڙھي اسانجي، اَڄ اَچانڪ آيا.
دل سان لايم ھو جي دلبر، سچا سخن فرمايا.
ڏکن سکن ڏي ڪين ڏٺائون، توڻي عاشِق ٿي آزمايا.
سچو ھئاسي اُداسي جَن لَئہ، سي موليٰ محب ملايا.
ڪافي 26
اڄ جو جوڳي آيو، نانءُ تَنھن جو نٿي ڄاڻان!
سر جهٽائون جوڳن واريون، لڱين تنھن بسمو لايو.
ذري جوڳي، ذري سنياسي، تنھن ساميءَ نانءُ سڏايو.
ذات اِنهيءَ جي نٿي سڃاڻان، ڇندين پاڻ ڇُپايو.
ڪڏھن نہ ڏٺم ڏيھ اِنھيءَ ۾، موليٰ سو آڻي مِلايو.
ڏسڻ سان تنھن جوڳيءَ جي، مون ڏاڍو پور پرايو.
سيرين بازارين گهڻ گهڻ گهنگهرو، ڇَم ڇَم تنھن ڇَمڪايو.
سوئِي ساڳيو رانجهڻُ ھُيَڙو،سچوءَ سِر سُڻايو.
ڪافي 27
ھُتَئون ھَلِي ھِت آئين،
ڪَرڻ واپار ڙي وڻجارا!
وچ بازار جي چوسُولَ وچ ۾، پِڙِي پِرت جي پائين.
شاھَ پنھنجي سان وعدو جو ڪَيڙءِ، ڏينھن سمجهي چت لائين.
شاھوڪاريءَ جي ڪوٺي جا پاتَئي، سا ويھج ڪِيمَ وَسائين.
وڻج ورہ جو ٿئي موتي لعَلان، ٻي گهور سا ڪِيمَ گهمائين.
سودو سَچَ جو آھي سچو ھِي، ڪوڙَ ڪَنگڻ ڪَچ کائين.
ڪافي 28
حُج ڦِٽِي ڪِيَم ھَاڻي، ماريس تنھنجي ماڻي،
الله ڄاڻي!
تنھن ڏينھن لاڪُون يار اَوھان سان، لايو نِيھُن ھِن نماڻي،
الله ڄاڻي!
ويٺي ڏسان واٽ اوھان جِي، آءُ ڀَلا ھِن ڀاڻي،
الله ڄاڻي!
جيھي تيھِي آھيان اوھان جي، سائين تون پاڻَ سڃاڻي،
الله ڄاڻي!
راتيان ڏينھان يار سَڄَڻ مِيان، تَن توئي ڏي تاڻِي،
الله ڄاڻي!
ڏوڙا طالع ٿِيَن سچوءَ جا، الله جي توکي آڻي،
الله ڄاڻي!
ڪافي 29
حال اَچي ڏس ھاڻي، وَھي ٿو پنبڻيئون پاڻي،
پاڻَ ڄاڻين!
آءٌ ڪنيزڪ مُلهہ خريدڻ، سائين تون پاڻُ سُڃاڻين،
پاڻَ ڄاڻين!
سُڌ لَھجِ تون سِگهڙِي تنھن جي، جاني ڪَيَو جوڳياڻِي،
پاڻَ ڄاڻين!
ڏيئِي ڏيکاري پاڻ ڇُپايُوَ، ڀلي اُھا توکي ڀاڻِي،
پاڻ ڄاڻين!
روز ازل کون درَ تنھنجي تي، والِيءَ سا ھِيءَ وڪاڻي،
پاڻي ڄاڻِ!
سيني اندر يارَ سَچوءَ جي، سِڪ سَندءِ ساماڻي،
پاڻَ ڄاڻين!
ڪافي 30
مُلڪَ جا مالڪ ٻيا ھِن، تون وِچَون بيٺين بَڻِي؛
ھَي ڪَنھِن ھِن حالَ ۾، توکي وڌو ھَستِيءَ ھَڻِي.
سير لِلهِ سير بااللهِ، سير مون الله گهر؛
سير في الله لاھِ تون، خود کون وڃي مَنزل کڻِي.
ھِي جِيَڻ آھ عاريت، جن جو آھ تن کي وڻي؛
ڪڍُ وچَون تون پاڻ کي، اَندر ٻاھر آھي ڌڻي.
آھين امانت ٻِيَن جي، تون آھين ڪاٿي ڪِينڪي؛
سِرُ ھِيءُ سارو سھي ڪَر،ھڪ ٻہ ٽي ڇو ٿو ڳڻين؟
انسان جو اولو ڪَري، سَؤ رَنگَ ڪَرين سَنسَارَ ۾؛
ساھ کي ھِيءَ ڳالهڙي، وَھَ واھَ جا سَچُو وَڻِي.
ڪافي 31
ڪم نہ عاشِقَ سو ڪرين، جَنھن ۾ تنھنجِي تعريف ٿئي،
کَڻُ ملامت ڪا مٿي، مَرُ ڏيھ تو طعنا ڏئي.
بِرھَ ۾ بَدنام ٿيءُ، ٻيو ڪِين ٿئي ڪَسبَن ڪِئي،
عشق جي درياھ جي، ڇولِي ڇِڪي مَرُ تو نِئي.
پوءِ تا ساري خبر دوست جي ھِنَ پَنڌَ پئي،
راھ گم ڪر پانھنجي، وَئون وکَ نہ ڪنھِن ٻَھڳُڻَ ٻئي.
ڀڄ حِجابان پڌر پَئہ، لوٺيو توکي ڪھڙي لِئي،
ڇا ٿيندو پوءِ تا سَچُو ،ھَي ھَي اِنھيءَ ورھ وئي.
ڪافي 32
سَل ڙي سوداگَر، تون تا آئين وَٺِي ھِتِ سودو ڪھڙو؟
ھُتَئون آڻي ھِت ڪِيئن لڪايئہ، کَڻي مُشڪَ عطرَ؟
ھوڪو ھِـت ٻِيو ڪيھو گهمايئہ، ڪَري تا گُم گوھَرَ؟
ھِھڙي جوھَرَ جي ھِتي، ڪَنھِن سان نہ ڪَيئَہ ڪا خَبَر.
پنھنجي اڳيون ڪَيُئہ مِڙيوئِي، سارو مُلڪ مَشھر.
ڇاکون تو تا شاھ ڇُپائِي، ھِيئن سا ھَٿَ مُھر.
لکِي ڏنا تو ڪيترا، مُلَن کي مَحضَر.
لعلان لکين ڪيون پڌريون، سچو وي سَروَرَ.
ڪافي 33
ڪيھي ڪَريان مھماني، يارُ اَڱڻ منھنجي آيو!
دوست گَڏيو دلجاءِ ٿي، ھينئڙي لَٿي حيراني.
ھن وَڙَ لائق ھوسِ نہ آءٌ، محبَ ڪَئي مھرباني.
مشڪل جا ھُئي ڳالهہ اسان کي، اُھا ڪَيَئون آساني.
فضل ڪرم سان پاڻ بخشيائون، سچوءَ کي سُلطاني.
ڪافي 34
نہ مان مريد نہ مان پير، ساري فقرَ جو فقير.
نہ مان حاڪم، نہ مان ظالم، آھيان اَمُن جو امير.
نہ مان طاعَتَ نہ مان تقويٰ، آھيان ورھَ جو وزير.
نہ مان گهمڻ نہ مان گهتڻ، آھيان عِشق جو اسير.
نہ مان ڪُڇَڻ نہ مان پُڇَڻُ، آھيان دوست لئہ دلگِير.
سچوءَ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.
ڪافي 35
عاشق اکيون اُپٽي ڏسين، آھي مِڙيوئي يار، ميان،
ظاھر زباني ٿو ڪريان، عجب جيھو اِسرار، ميان.
اعتقاد فردا رکُ، اَڄ دوست ٿيءُ اظھار، ميان.
جنھن کي پَسَڻُ ھِت پرينءَ جو، ھُت ڀِي تنھن ديدار، ميان.
سالِڪ سَھي ڪِي تا ڪَرين، صورت سندو گلزار، ميان.
ٻانھون ٻَڌين ڇو ٻين کي، آھين تون سپه سالار، ميان.
بلبل اول ڪر پاڻ کي، گهٽ گهٽ سارو گلزار، ميان.
جي تو زليخان جان ٿئين، ساجن سڀَو سنسار، ميان.
تون تان سچيءَ ھِـنَ ڳالهہ کَون، عاشق نہ ڪر انڪار، ميان.
جيڪي چيو مرشد توکي، آڻج اُتي اعتبار، ميان.
سروپا اُھو ساجن وسي، ٿي پاڻَ کون بيزار، ميان.
آھي وس سَچوءَ سڀ يار جو، ناھ ڪو اسان اختيار، ميان.
ڪافي 36
عاشق جي اَحوال جي، تون ڪوھُ نہ پُڇين ڪَلَ؟
راڻي ڪارڻ ٿِي روئي، محل چڙھي مومَل.
سُھڻِي گهڙي سِيرَ ۾، آڻي عشق اجهلَ.
سَسئيءَ گوندر گهاريا، پُنهونءَ ريءَ ھِت پَلَ.
ڪڏھين ٻُڌي ڪانڪا، جهانگيڙن تي جهلَ.
سِڪ سَچوءَ کي سرتيون، ڪيا ھينئڙي اندر ھُلَ.
ڪافي 37
ڙي جيڏيون، منھنجي يار سڄڻ سان زاري زاري!
ھيءَ نماڻي عيبن ھاڻي، بِرہ سَندن آھي باري باري.
حاضر ٿينديَس در دوستن جي، پائِي ڳچيءَ سان ڳاري ڳاري.
پوءِ تہ ياڪي يارُ ٿيوسي، پھروين لائي ياري ياري.
ھَٿ سڄڻ جي اَديون ڙِي آھي، ڳالهہ سچوءَ جي ساري ساري.
ڪافي 38
اڱڻ اَسانجڙي سائين، ڪَر ڀَلا تون ڀيرو!
نانءَ ڌڻيءَ جي دلبر سائين، پاند ڳچيءَ ۾ پائين،
ڪَج فقير ڏي ڦيرو.
سدا سؤ لڳ يار سڄڻ وي، جايون سيٖ بنائين،
وجهي منھنجي در ديرو.
حجت رکَڻ ساڻ اَوھان جي، ٻولُ اِھو ٻولائين،
ناھيم اِيڏو سو جيرو.
واٽَ اَوھان جيءَ جو کَنئِيو، سچوءَ ڏينھن اُنهيءَ کان اَڄ تائين،
پيراڍن جان پيرو.
ڪافي 39
جي اوھين ڄاڻو، ڙي جيڏيون، آھي الله لوڪ سارو!
ڪاٿي آھي چُپ چُپاتيءَ، ڪاٿي ماري نعرو.
بيڪسيءَ ۾ ڪاٿي گذاري، ڪاٿي سو حڪمن وارو.
ڪاٿي شَرَع ۾ شور مَچائي، ڪاٿي ڳچيءَ ۾ ڳارو.
جاڏي ڏسو تا تاڏي آھي، سندس نِيھَن نظارو.
حقيقت جي حال کَون، سَچُو ٿِيءُ نہ ويسارو.
ڪافي 40
لک ڪريان توڙي زاري، دوست چَوي تون ڪھڙو!
ھَٿين ڀي پَوان پيرين ڀي پوان، پايان ڳچيءَ ڳاري.
آءٌ اُھائِي يار اوھان جي، تنھنجي محبت ماري.
روز اَلستان منھنجي آھي، يارَ اوھان سان ياري.
اسان يتيمن کي يارَ پيارا، ڏيج اَچي ڏيکاري.
ورِھ مَٿي تي ويٺِي وسايان، دوست ڏيو دلداري.
آءٌاوھان تَون سُھڻا سائِين، واري وڃان لک واري.
توڙي سڃاڻي توڙي نہ ڄاڻين، دوست نہ آھيان ڌاري.
ڳَلِ اصل کَون آھي اوھان جي، ڳالهہ سچوءَ جي ساري.
ڪافي 41
مون کي نہ وسار، ڍوليا، آءٌ تا تنھنجڙي آھيان!
نانءُ سائينءَ جي اسان نماڻن ڏي، کڻِي تون نيڻَ نِھارَ.
پِرين وڙَئون پانھنجي، گـڏ غريب گُـذار.
ڪَيَوَ اسان سان جي يارَ پيارَلَ، پنھنجا سي وعدا پار.
اَڱڻ اَسان جي سگهو ڪِي اِيندين، والي سو ڪھڙيءَ وار.
دَرَ پنھنجي جو دلبَرَ سائين، سچو سو سگ سنڀار.
ڪافي 42
دَع نَفسَڪَ وَ تَعَال ، اَٿِي ڳُجهي اِھا ڳالهہ.
خاڪِي جسم کَون ڪر جدائي، بَحرَ عَدَمَ جي ۾ جال.
خيال وجودي ڇونہ وسارين، ڪرين ٻي قيلَ مَقالَ.
ڳالهيون ڪوڙيون سَٽ سڀِيئي، پئہ تون خاص خيال.
ڪڏھن نہ ٿيندءِ حـق سو حاصل، جي تو بُت بحال.
گرد غبار ۾ کاءُ نہ غوطا، سَچُو ري پاڻ سَنڀال.
ڪافي 43
آءُ تا گـڏ گذاريون، وي، ڏکيا سي سکيا ڏينھڙا!
ڳالهيون ڪيَئہ جي ڪالهہ اسان سان،
ڪيئن تو يارَ وساريون.
ڳچيءَ پائي ڪپڙو سائين،
دوست ڪريان ٿي زاريون.
راتو ڏينھان توکي دلبر،
سانوَل ويٺا سارين.
اَچَڻ سَنديون تانھِنجون،
سائين واٽان نِت نِھاريون.
پِرين پَنھنجو پاڻ سان،
سچو سو سگ سنڀاريون.
ڪافي 44
آءُ ٻاروچَل ٻيلِي، مونجهہ تنھنجي آھيان ماري!
ناھي واجب رسڻ توئِي کي، تون گُرو آءُ چيلِي،
سگَ نہ ٿِي ڪو ساھِيان.
عشق اوھان جي کَون ھوت ٻاروچا، ڪيئن ٿَرن ھيءَ ٿيلهِي،
نہ تہ ڇَپَرَ اڳيون ڇاھيان.
سَگهہ نہ ساريان پَنڌَ ڪرڻ جي، تو بِن آھيان اَڪيلي،
ڪيچ وڻن ڪِيئن ڪاھيان.
وڳڻِي آھيان ورہَ تُنھنجي کَون، توڙي ڪِي پُورن پئلِي،
سَچو نہ آسڙَ لاھيان.
ڪافي 45
ڏينديَسِ ڏوراپو، آءٌ وڃي وراڻو روبرو.
پريان سَندي پارَ ڏي، ڪو نئي نياپو.
اوھان ٻاجهون سُپرين، آءٌ ڪريان ٿي ڪاپو.
سوڍل توئِي ساڻ آھ ، مُنھنجو سَڱ تہ سِياپو.
ڪافي 46
منھنجو نيھُن وڌايو نازَ، نيڻن نيڻن جي، ميان!
تيغان آھن يا تہ سِتم جون، تنھنجون اکيون ڪَجليون ڪاريون،
اَلا سائين، يا تہ بَحرِي بازَ.
درد مند جي دلڙي دلبَرَ، ڏاڍي زور سان آندي،
اَلا سائين، نيڻن منجهؤن نياز.
مانَ پَون ڪِي ڪَن اَوھان جي، اوھِڪي واري،
اَلا ميان، عاشقِ جا آواز.
ٻَئي ٻانهون ٻَڌي سچُو وڃ، تون ساڻ يقيني،
الا ميان، درَ مٿي ڪارساز.
ڪافي 47
ڪنھن ويلَ نہ ٿا وسارن، عاشقَ نہ ٿِج تون ماندو!
نَحنُ اَقرب، اِھا اشارت، گَڏ توئي سان گذارن.
اَصل لاڪون طرف تنھنجي، نِت نِت گهڻو نھارن.
جي تو اُڪنڊَ اُن جِي، سي ڀِي توئي کي سارن.
ڏينھن اِتھين ڇو ٿو لائين، تو ھُت سچو سنڀارن.
ڪافي 48
تنھنجي اَچَڻ جون واٽڙيون، نِت نِت اُڀي تہ نھاريان.
لَنءُ لِڪايو لوڪَ کَون، ھَنجَ ۾ ھنجون ٿِي ھاريان.
سي ڳالهڙيون ڪنھن سان ڪريان، جيڪي سڄڻَ ٿِي ساريان.
داغ تنھنجي درد جا، ڏيھ کي تہ ڪيئن ڏيکاريان؟
سچو چَوي سائين شوق تنھنجي ۾، ڪو دم ڪين وساريان.
ڪافي 49
ڇڏ غصو غمناڪ سان، اچي مِل تہ ماندائِي لھي.
سُڌِ سڀا توکي پِرين، جيڪا واڍوڙين سان وھي.
سور سيبائڻ جهڙو، پر جيءُ جُدائي نا سَھي.
پاڻون آيا ھِن پور ھي، ڪِي تو مُڪا پِريَم پھي.
سچو وھاريو وٽ ۾، ھِي ٺاھ تڏھين ڪو ٺھي.
ڪافي 50
منھنجو ناھِ ڪوئي اِختيار، ھَي يار وي!
مون تا سِر تي چائيو، باري بِرھَ جو بار؛
ھَي يارَ وي!
راتو ڏينھان تَيڏي ڪارڻ، روئڻ زارو زار؛
ھَي يارَ وي!
ڪيئن ڏنو تو سُپرين، جاني جيءَ کي جارُ؛
ھَي يار وي!
سچو سارو سمجهين، عشقَ سندو اِسرار؛
ھَي يار وي!
ڪافي 51
تنھِين ڏينھن ڏِنائون، ساھ منھنجو ساھَـڙ کي سرتيون.
درد منديءَ جي دلـڙي، نازن ساڻ نيائون،
ھيڏي ھوڏي نا ويو، سوگهو ساھ ڪيائون.
سُڻِي سنيھا يار جا، عاشق ٿيڙس آئون.
جيءُ وڌائون جارِ ۾، ڪاڪيون تن ڪڏاھون.
ميھَرَ سندي معرڪي، ھِيءَ غريب گَـڏيائون.
جِيءُ منھنجو جيڏيون، ويِرن منجهہ وڌائون.
سَچُو ڪڍُ سرير مَون، ميڙي سڀ مدايون.
ڪافي 52
جيءَ جون ڳالهيون ھيون جن سان، ھَي ھَي سانگ چڙھي پيا سي ئي!
ماريَس اِنهيءَ مامري، ھيءَ پوءِ اُنھن کان پيئي.
وٺي وينديَس اوڏھين، حال پنھنجڙو ھيٖ ئي.
اِيندا اٿم آسرو، جيءَ گهريا ٿي جي ئي.
مون ڏي مڪائون ڪيترا، ڏک ڏوراپا ڏيئي.
جيءُ وڌو آھي جار ۾، تَن نياپن نيئي.
سچُو سنيھا ٻُڌِي تَن جا، ٻڌ ٻانھون تون ٻيئي.
ڪافي 53
مان تان محبن کي، ڏيان ڪيھا ڏوراپا!
ڪيئن شِرڪت آءٌ ڪندي، سرتيون سان سائينِ!
آءُ نماڻي آھيان ڇا، ڪيئي سَوين سِڪن.
ڏوڙا طالع مون ٿين، جي ويڙھي ھِنَ وسن.
ڏسي حال حقير جو، اڱڻ مانَ اچن.
ڪين ڇڏيندا ڪڏھين، سچُو سَگُ سندن.
ڪافي 54
مون کي ڏور ڇو ڏَسنِ، سرتيون ديرو دوست جو.
جي مون سڻو سرتيون، ھو سدا وچ وسن.
اکيون عجيبن کي، پل پل ٿيون پسن.
محب مشتاقن جِي، ٿا کليون دل کسن.
سچُو سوزن واريون، وڃي روءِ رَسن.
ڪافي 55
اڄ اڱـڻ اِجهي ايندم، سُکيا سانگي گَـڏيَم شال!
ڏِسي حال حقير جو، سَوَ دِلاسا ڏيندم،
ھـو جِي ڪھِي ويڙم ڪالهہ.
پنھنجي وَڙون سپرين، حال ڀائِي اچي ٿيندم،
جَن لڳِ وجهايم فال.
لِڪِي ساري لوڪَ کَون، گوشي پاڻ گـڏيندم،
اُھي ڪندا ڀلائي ڀال.
سَگ جنين جو سڏجي سَچُو، سيئي سڏيندم،
جِيءُ جِيءُ چونديس جال.
ڪافي 56
ھِينئن ڪانگ اَڄ ڪَھِي ويو، اِيندَءِ صبح سَويلي.
ڳالهيون ڪري سَڄَڻ جون، اَڄ رات ھِـت رھي ويو.
ھو حال منھنجي جو سَماءُ، ھِنَ لوءِ مَون لَھِي ويو.
ڳالهيون ٻُـڌي ڏکن جون، ٻولِي تَنھِين ٻھي ويو.
پِرين جي پار اُڏاڻو، ڪيئن سورَ ھِي سَھي ويو.
سَچو سڄڻ مِلايَئِين، ھِنَ ٺاھَ تي ٺَھِي ويو.
ڪافي 57
وڻيوسي وھَ واھ ، پڙھندي پروانو پرينءَ جو!
اوڏا مِينھَن ملهارَ ٿيا، گُـل کِـلن ۽ گاھ.
سِي ئي سڄڻ ٿيا سامُهان، حال ڀائِي ھمراھ.
محبت منھنجي مَن ۾، چوريءَ مچايو چاھ.
سِڪ تا سڄڻن جي، اُجهايو آڙاھُ.
ديس ڇڏي پرديس ويا، دوست پرين داناھ.
ھوتن ڏانھن نہ ھڪڙي، مھڙَ مِڙئِي مان ڏانهہ.
پرين جي پيغامَ ڪيو، آرامِي اَرواح.
قاصدَ تو تان آءٌ ڪريان، ھي سِرُ صدقي ساھ.
اڱڻ آسَروندن جي، آڻِيندونِ اَلله.
سَچُو چوي رب ميڙي، روز پُڇان آءٌ راھ.
ڪافي 58
پانڌي آيم اَڄ پيھِي، پِريان سَندي، وو، پارَ جو!
ڏوٺ ڏوراپا ڏيئِي مُڪائون،
تَن ڪَئِي ديوانِي ديھي.
ڳالهيون اُھي يارَ سَڄَڻ جون،
ڪيئن وِساريَئي ويھِي.
جهڙيائِي آھي جيءَ تنھنجي سان،
ھُـت بہ گـذري تِيھِي،
ھوش سَچوءَ جو نِيو نِياپَن،
ڳالهہ ڪَريان ٻي ڪيھِي.
ڪافي 59
پانڌي منھنجي يارَ کي، ساري چَئِج سَلامَ.
چَئِي مُڪا ھئا ڪيترا، مون پرتِ وارا پيغام.
اوھان جي ئِي اَچَڻ جا، ھُل پَوَن ھَنگام.
محبتَ منھنجِي روز ازل کَون، توسان مُحب مُدام.
سَچُوءَ جيھا ڪيترا، دَرَ تُنھنجي تہ غُلام.
ڪڏھن ڪندين يارَ اَسان ڏي، اچڻ جا اَنجام.
عشقَ اوھان جي شورُ مَچايو، ھُل پَون ھَنگام.
ٻانهي گولي يارَ سڄڻ جِي، مُلهہ خريد مُدام.
روز ازلَ کون سَچُو آھي، سائين سَنديوَ سام.
ڪافي 60
ھيئن اَڄُ چَئِي مُڪائون، عاشِق اَچون ٿا ايڏنھُن!
ھِنَ جِيءَ جَڏي کي جيڏيُون، آڌر وڏي ڏنائون.
تنھنجي ديس اَسين اَچون ٿا، عاشق نہ ٿجِ اُٻائون.
مون ھن نماڻِيءَ سان، ميان، ڪيڏا ڪرم ڪيائون.
مطلب تُنھِين جو آءٌ آھيان، ٻِيون ڇڏ مِڙئي مُدعائون.
دلاسي لئہ دردمندِ جي، قاصد سَچُو ڪڍيائون.