قديم سنڌ/باب ٽيون

قديم سنڌ (1957)
by ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي
باب ٽيون : مهن جو دڙو ۽ ان جي کوٽائي
320428قديم سنڌ — باب ٽيون : مهن جو دڙو ۽ ان جي کوٽائي1957ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

سرزمين جو ذڪر: لاڙڪاڻي ضلعي جي لبدريا تعلقي ۾، لاڙڪاڻي جي شهر کان پنجويهه ميل پري، ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ويرانو آهي، جو عام طرح ”مهن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن انهيءَ نالي جي معنيٰ ڄاڻائي آهي 'Mound of the Dead' هن مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“، ۽ رڳو چُڪ کان ”مئن بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو، ته پڪ ٿيندس ته صحيح اُچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معنيٰ آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. قديم زماني ۾ سنڌوندي مُهن جي دڙي وٽان وهندي هئي، اُتي جو اصلوڪو شهر سنڌونديءَ ۽ الهندي ڪناري جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو. سرزمين جانچڻ سان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي، ته اتي اصل پنج ٻيٽ هئا، جي پوءِ نديءَ جي اتان رخ ڦيرائڻ ۽ مٿان واريءَ وري وڃڻ سبب گڏجي ويا ۽ هاڻي ٻيٽن جو گويا هڪ ڇڳو ٿي پيا آهن. هينئر اتي دڙا ئي دڙا لڳا پيا آهن، جي اٽڪل اڍائي سؤ ايڪڙ زمين جا والاري بيٺا آهن. ڪي دڙا ويهه ته ڪي ٽيهه فوٽ اوچا آهن. انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو دڙو اٽڪل ستر فوٽ اوچو آهي، تنهن تي هڪ مندر اڏيل هو، جو ڪيترن ورهين کان ڊٺو پيو هو؛ پر هاڻ چڱي مشهوري ملي اٿس.*

تباهيءَ جا سبب: مهن جي دڙي واري زمين تي اصل هڪ عاليشان شهر ٻڌل هو، جنهن جي نالي جي ڪنهن کي به سڌ ڪانهي. اهو شهر پوءِ ڊهي دڙو ٿي پيو، ۽ اتي جا رهاڪو منجهس دٻجي مري ويا، تنهنڪري ”مهن جو دڙو“ سڏجڻ ۾ آيو. اهو شهر ڪيئن تباهه ٿيو، تنهن بابت ڪن جوچوڻ آهي ته سنڌونديءَ جي سيلاب يا ٻوڏن سبب ۽ ڀر وارن جبلن تان برسات جي پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب زمين دوز ٿيو. دڙي جي اندران جيڪي جايون هينئر لڌيون آهن، تن ۾ ڪن هنڌ باهه لڳڻ جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر هن طرح جا رهاڪو هن وسيل شهر جي ويران ٿيڻ بابت عام طرح هيٺين ڳالهه ڪن ٿا.
اسٿاني ڏند ڪٿا (Local Tradition) : سومرن جي صاحبيءَ ۾ دلو راءِ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جنهن ڪيترا ڪلور ڪيا هئا. هن کي هيءَ وٺ هئي، ته سندس صاحبيءَ ۾ جيڪا به جوان ڇوڪري پرڻبي هئي، سا پهرينءَ رات پاڻ وٽ گهرائي وٺندو هو. هن قهر جي ڪم ڪري رعيتي ماڻهن جي رڳ رڳ کيس پئي پٽيو. ڪنهن وقت خود سندس سڳي ڀاڻيجي ٿي پرڻي، ته هن لاءِ به حڪم ٿيو ته پهرينءَ رات سندس محلات ۾ موڪلي وڃي. انهيءَ تي ڀيڻس ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي، وڃي پيرن تي ڪريس ۽ هٿ ٻڌي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجي آنڊي ڄائيءَ کي پنهنجي نياڻي سمجهي سندس ست نه بگاڙيو!“ پر هي مادئمهرو ڪين مڙيو. هو پنهنجيءَ ڳالهه تي هوڏ ٻڌي بيٺو ته هي ماءُ ڌيءَ ٻئي لوساٽجي وييون ۽ اوڇنگارون ڏيئي زاروزار روئڻ لڳيون. سچ چيو اٿن ته ”آهه غريبان قهر خدائي!“ هنن اٻلائن جي آهه عرش تائين پهتي، ته ڏسو قادر جي قدرت جو دلوراءِ جي بڇڙي مراد پوري ٿيڻ کان اڳ ئي اهڙو سخت طوفان لڳو، جنهن ڌرتي ۽ آسمان گڏي هڪ ڪري ڇڏيا. اوڏي مهل اوڙڪون به اهڙيون وسيون، جي نه ڪنهن ڏٺيون نه ٻڌيون. اوچتو شهر جي مٿان وڄ ڪري ڌرتي به ڌٻي، جنهنڪري دلوراءِ جي نگري (برهمڻ آباد) ناس ٿي ويئي ۽ ٻيا ڪيترا وسيل شهر جي سندس صاحبيءَ ۾ بلي بلي هئا، سي سڀ ويران ٿي ويا. انهيءَ لاءِ الاهي آفت وقت لاڙڪاڻي طرف هن وسيع شهر جون جايون زمين دوز ٿيون ۽ ڪئين ماڻهو دٻجي مري ويا. اهو ماهو ٿيو، تنهنڪري اهو ”موهن جو دڙو“ يعني مات ٿيلن جو دڙو سڏجڻ ۾ آيو. هن نالي ۾ ”مهن“ لفظ عام صورت جمع ۾ ڪم آيل آهي، تنهن مان ائين سمجهجي ٿو، ته هتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ماڻهن جو ماهو ٿيو. ”دڙو“ لفظ مان ظاهر ته هيءُ شهر ڊهي، واريءَ ۽ مٽيءَ جو دڙو ٿيو، تنهن کانپوءِ مٿس اهو نالو پيو.*

دڙي جي کوٽائي: انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ هن قسم جون کوجنائون رڳو الور، برهمڻ آباد ۽ ٻين ٿورن هنڌن ٿيون هيون، جو تن ڏينهن ۾ اهي هنڌ نهايت آڳاٽا ليکبا هئا. سن 1910ع ۾ ميرپورخاص نزديڪ ڪاهوءَ جي دڙي جي کوٽائي، مسٽر هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ ڪرائي، ته اتان ٻڌ ڌرم واري زماني جون ڪي حقيقتون معلوم ٿيون. مهن جي دڙي جي سڌ جيتوڻيڪ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن، توڙي لاڙڪاڻي ضلع جي روينيو عملدارن کي اڳي ئي هئي، پر ڪنهن نهاريس به ڪونه ٿي. هتي پوءِ سن 1922ع ۾ کوٽائي ٿي ۽ ان لاءِ هڪ اتفاقي سبب اچي بڻيو.
سن 1918ع کان وٺي مسٽر رکلداس بئنرجي. ايم. اي آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽنڊنٽ، پنجاب طرف، بياس نديءَ جا سڪل پيٽ پئي جاچيا. سندس مکيه مراد هيءَ هئي، ته عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي. بياس نديءَ جي ڪناري وٽ، سڪندر اعظم جيڪي ٻارهن ٺل ٺهرائي، مٿن يوناني ۽ هندستاني ٻولين ۾ نوشتا اُڪرايا هئا، تن جو پتو ڳولي ڪڍجي. اٽڪل چار ورهيه پنجاب جي ڏاکڻي ڀاڱي، بيڪانير ۽ بهاولپور رياست جا گشت ڪندو، مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل ٻيٽ جاچيندو، سنڌ ۾ آيو. واٽ تي بهاولپور رياست ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سنڌونديءَ جا ارڙهن سڪل ٻيٽ نظر آيس! انهن کانسواءِ ٻڌ ڌرم واري زماني جي ستاويهن وڏن ۽ ٽيونجاهه ننڍن شهرن جا ويرانا سرحد سنڌ. سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ڏٺائين. اهي سڀ هنڌ اک مان ڪڍندو، سن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي طرف مهن جي دڙي وٽ اچي بيٺو. ان وقت هڪ اوچي دڙي تي ڊٺل ٺل ۽ ٻڌ ڌرم وارن جو هڪ مٺ (مندر) هو، جنهن جون ڀتيون سنڌونديءَ جي سپاٽ (سطح) کان ڇائيتاليهه فوٽ اتاهيون هيون. مندر جي چوڌاري ڀيڪشن (ٻڌ ڌرم جي ساڌن) جي رهڻ جي لاءِ ڪوٺيون هيون ۽ انهن ڪوٺين جي وچ ۾ مندر واري عمارت هئي. اتان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ هئي ۽ پٺيان ٻئي طرف کان هيٺ لهڻ لاءِ به ڏاڪڻ هئي، اتي هڪ وڏو ٿلهو هو، جنهن تي ٺل بيٺل هو. ان جي پاسي وارين ڀتين جي مٿان ٻه سوڙهيون ڏاڪڻيون هيون، جن مان هڪڙي اُتر ته ٻي ڏکڻ طرف ٿي ويئي. اتي هڪ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ گوتم ٻڌ جو پتلو رکيل هو. چون ٿا ته انهيءَ پتلي تي اڳي سوني پني چڙهيل هئي، ڀر وارا ڳوٺاڻا ڀانئيندا هئا ته هتي ڪو ڌن پوريل آهي، سي هتي اچي، وقت بوقت زمين کوٽيندا هئا. سرون کَپنديون هين، ته اهي هتان ڪڍي کڻي ويندا هئا.*

مسٽر بئنرجيءَ هتي اچي، پير سان ٻهر اُٿلايو، ته ٺڪر جي ٿانون ٿپن جا ٺڪر ٽوٽا ڏٺائين، جن تي نهايت عمدو ۽ عجيب ڪم ٿيل هو. ڪي پٿر جون ٺهيل ڇريون به هٿ آيس، جي نئين پٿر واري زماني جون هيون. هي سڄاڻ انهن ٿورين شين لهڻ شرط سمجهيو ته هي هنڌ کوٽائڻ جي لائق آهي. خود کيس اوڏيءَ مهل اها ڳالهه من نڪا چت هئي، ته هتان اهڙي سڀيتا جو پتو پوندو، جا اڳ ڪنهن به ڳولي نه لڌي آهي، پر هتي جي زمين، جا پنج هزارن ورهين جي جهوني سڀيتا پنهنجي پيٽ ۾ پائي ويٺي هئي، سا ڪوڏر جي پهرئين ئي لپي سان پڌري ڪرڻ لڳي، جنهنڪري مسٽر بئنرجيءَ جي هيڪاري دل وري آرڪيالاجيڪل کاتي وارا کوٽائيءَ جو ڪم ڪرائيندا ئي سياري ۾ آهن. مسٽر بئنجريءَ سن 22-1923ع وارو سيارو اُتي کوٽائي ڪرائي، پر ٻئي سياري ۾ به اتي اچي، زمين وڌيڪ کوٽايائين ۽ سندس لايا سجايا ٿيا.
چئن زمانن جون عمارتون ۽ لڌل شيون
مسٽر بئنرجيءَ مهن جي دڙي بابت جيڪي رپورٽون ٻنهي سالن ۾ سرڪار کي موڪليون، آرڪيالاجيڪل کاتن جي ساليانين رپورٽن ۾ ڇپيل آهن. انهن ۾ ڄاڻايو اٿس، ته دڙي کوٽيندي معلوم ٿيو، ته ان ۾ چئن جدا جدا زمانن جون عمارتون آهن. انهن عمارتن اندران جدا جدا زمانن جا سڪا، چقمق جا ٽڪر، ڪچ جون ڪنگڻيون، راند ڪرڻ لاءِ ڍارا، اڇي سنگ مرمر جون ڌوپ ڇٽيون ۽ پتلا لڌا آهن. هڪ چٽسالي ٿيل مورتي لڌي آهي، جا ڪنهن ڏاڙهيءَ سان مڙس جي سسي آهي ۽ مٿي تي کوپڙيءَ جي شڪل جهڙي ٽوپي اٿس. دڙي جي اندر مردا به پوريل هئا، ۽ مردن دفن ڪرڻ جا نمونا به نرالا هئا. مسٽر بئنرجيءَ هتي جي عمارتن مان جيڪي شيون لڌيون، تن ۾ تنت مال پٿر، عاج ۽ ڄؤ جون ٺهيل مهرون آهن، جن تي قسمين قسمين جانورن جون شڪليون اُڪريل آهن. انهن تي ڪي اکر به اڪريل آهن، جيڪي هاڻوڪيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ سان ملي نٿا اچن. اهي اکر اڄ تائين ڪو پوريءَ ريت پڙهي ڪونه سگهيو آهي؛ پر انهن اکرن سمجهڻ جي ڪوشش گهڻي ئي عالم ڪن پيا. مسٽر بئنرجي اهي مهرون ڏسي گد گد ٿيو، جو سمجهيائين ته ڪا شيءِ لڌي اٿم ائين سمجهڻ لاءِ سبب هئس.*

پنجاب جي ڏکڻ ڏي، منٽگمري ضلعي ۾، لاهور ۽ ملتان جي اڌ واٽ تي، راوي نديءَ جي هڪ سڪل پيٽ وٽ، هڪ قديم ويرانو آهي. انهيءَ ڦٽل شهر جو نالو آهي ”هرپا“، جو لفظ اصل ۾ آهي. ”هرپد“ يعني هريءَ (شوڀڳوان) جو پير، انهيءَ ويراني ڏي پهريائين پهريائين مسٽر مئسن (Mr. Masson) جو ڌيان سن 1826ع ۾ ڇڪيو. پنجن ورهين کانپوءِ مسٽر برنيس (Mr. Burness) کي اتانڪي اهڙيون مهرون هٿ آيون. ميجر جنرل ڪننگهام به سن 1853ع، 1856ع ۽ 1872-1873ع ۾ اهڙيون مهرون اتان لڌيون. انهن تي ديوناگري اکرن جي نموني ماترائون (لاڪنائن يا اعرابن) سان ڪي اکر اڪريل هئا. سن 1921ع ۾ راءِ بهادر ديارام سهني ايم. اي. آرڪيالاجيڪل کاتي واري پڻ اهڙيون مهرون لڌيون. مهرن تي اُڪريل اکرن بابت ان وقت ائين ٿي سمجهيائون، ته قديم زماني ۾ اها لپي يا آئيويٽا رڳو پنجاب طرف چالو هئي. هينئر هرپا جي ويراني کان چار سو ميل پري، مهن جي دڙي مان، مسٽر بئنرجيءَ اهڙن اکرن سان مهرون لڌيون، ته انهيءَ مان ايترو ثابت ٿيو، ته جنهن زماني ۾ پنجاب ۾ اها آئيويٽا چالو هئي، تنهن ساڳئي زماني ۾ سنڌ ۾ به چالو هئي. هرپا مان به مهن جي دڙي جهڙيون عمارتون ۽ ٻيون شيون لڌيون آهن، ته اڻ پڇو چئبو ته پنجاب کان وٺي سنڌ تائين تهذيب ئي ساڳي هئي. هن نئين کوجنا مسٽر بئنرجيءَ جو چاهه وڌايو. هو صاحب هن ڪم کي هيڪاري جنبي ويو؛ پر گهڻي جاکوڙ ڪري پنهنجو بت ڪيري وڌائين، جنهنڪري هي کوجنا جو ڪم ڪجهه وقت روڪجي پيو.
ان وقت هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هرپا ۽ مهن جي دڙي مان لڌل سڀ شيون گهرائي، پاڻ تپاسيائين. هو صاحب يڪدم سمجهي ويو، ته ههڙي کوجنا پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڳي ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. مهرن تي جيڪي اکر اڪريل هئا، سي جيتوڻيڪ پاڻ به پڙهي ڪونه ٿي سگهيو، ته به ايترو سمجهيائين ته انهن مهرن تي جيڪي اکر اُڪريل آهن۽ شڪليون نڪتل آهن، سي ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن جي قديم سڀيتا سان ڪجهه قدر ملي ٿيون اچن. پوءِ ته ڇا ڪيائين جو مهن جي دڙي مان لڌل عمارتن ۽ شين، ۽ سڀني مهرن جا فوٽا، ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائين، ته من ڪو عالم هنن نين شين تي ڪا روشني وجهي سگهي. سندس اهو ليک فوٽن (تصويرون) سميت ”السٽريٽيڊ نيوز“ جي 20 سيپٽمبر 1924ع واري پرچي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ته ٺڪ ٻئي هفتي ساڳي مخزن ۾ پروفيسر اي. ايڇ. سئس ظاهر ڪيو ته انهيءَ ساڳي سڀيتا جا اهڃاڻ ميسو پوٽيميا طرف به مليا آهن. مهرون به ساڳيون ته عمارتن جي اڏاوت جو نمونو به ساڳيو! سگهوئي پوءِ ايران طرف به انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جون ثابتيون مليون. جنهنڪري آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي، عراق ۽ ميسو پوٽيميا تائين ڪنهن قديم زماني ۾ هڪڙي ئي تهذيب هئي. هن نئينءَ کوجنا ڪيترن ئي هنڌن جي عالمن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. هندستان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي به اخبارون ۽ مخزنون ڇپجن ٿيون، تن سڀني ۾ مهن جي دڙي بابت ليکن پٺيان ليک ڇپيا، جنهنڪري مهن جو دڙو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو!
هينئر هيڪاري ضرور ٿيو ته مهن جو دڙو اڃان وڌيڪ کوٽائجي ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي؛ پر هن ڪم لاءِ ججهو ناڻو گهرجي. سگهوئي هند ليجسليٽو اسيمبليءَ جي بجيٽ جي ميٽنگ ۾ رٿ پيش ٿي، ته هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي کي هند سرڪار هڪ فنڊ پنجاهه لک رپين جو منظور ڪري ڏئي، جنهن مان آئيندي اهڙا دڙا کوٽائجن. انهيءَ رٿ پيش ڪندي سيڪريٽريءَ هن ڳالهه تي زور ڏنو ته پنجاب ۽ سنڌ مان هينئر جنهن سڀيتا جو پتو پيو آهي، تنهن تي سڄي هندستان کي فخر ڪرڻ لاءِ سبب آهي، ۽ اهو فنڊ ضرور قبول ٿيڻ گهرجي. اسيمبليءَ ايترو پئسو ڏيڻ نه قبوليو، ته هندستان ۾ ناراضپو پيدا ٿيو. انهيءَ هوندي به اسيمبليءَ کي جس آهي، جو اڍائي لک روپيا ساليانو قبوليائين.*

سر جان مارشل پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ مهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت پاڻ اُتي وڃي رهيو. ڏوڪري اسٽيشن کان وٺي مهن جي دڙي تائين رستو ٺهرايائين، عملي لاءِ جايون جوڙايائين ۽ اٽڪل هڪ هزار مزدور دڙي کوٽائڻ لاءِ رکيائين، جن مان ڪيترا بروهي هئا، جي پنهنجيون ڀونگيون اَڏي اتي رهيا؛ مهن جي دڙي وٽ هڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو. سرجان مارشل پنهنجي سر مزدورن کي سمجهائيندو هو ته کوٽائي ڪيئن ڪجي. مزدورن جي لاءِ هيءُ نئون ڪم هو، پر اهڙو ته هري ويا جو اَن جو داڻو به لهندا هئا، ته اهو به آڻي ڏيندا هئس. ائين دڙي مان گهڻي ئي شيون لڌيون.
جيئن جيئن نيون شيون پئي لڌيون تيئن تيئن انهن جو مختصر ذڪر اخبارن ۾ پئي ڇپيو. آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن عالمن پڇ پڇ لاتي ته اسان کي چٽيءَ ريت کولي ٻڌايو، ته اتان ڇا ڇا لڌو اَٿَو! سر جان مارشل سندين اُڻ تڻ لاهڻ لاءِ پنهنجيءَ صحيح سان ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ليک لکيا. آخر هڪ سهڻو ڪتاب، ٻن جلدن ۾، باتصوير، مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت ڇپايائين جنهن جي قيمت ڏهه گنيون (ڏيڍ سوَ روپيا، اڃان به وڌيڪ) آهي. سن 1922ع کان وٺي 1927ع تائين جيڪا کوٽائي ٿي تنهن جو سربستو ذڪر ان ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ کانپوءِ به دڙو کوٽايو اٿن. مسٽر بئنرجي جنهن پهريائين اهو دڙو کوٽايو هو، تنهن مهن جي دڙي بابت ڌار ڪتاب لکيو. مسٽر دڪشٽ ۽ مسٽر مئڪي به ڪيترو وقت پنهنجي نظرداري هيٺ دڙو کوٽايو هو. مسٽر مئڪي به ڌار ڪتاب لکيو آهي. انهيءَ ريت مهن جي دڙي بابت ٻين به ڪتاب لکيا آهن. هن وقت تائين قديم سنڌ جي تاريخ جوڙڻ لاءِ جيڪي مصالحو مليو آهي، سو ڌار باب ۾ ڄاڻائجي ٿو؛ اهو سمورو سر جان مارشل جي ڪتاب ۽ سندس ليکن مان ڪڍيو آهي. مسٽر بئنرجيءَ ۽ ٻين عالمن ڪا خاص ڳالهه ڪئي آهي.


 * سنڌيءَ ۾”ماهو“ معنيٰ خون يا ڪوس. ڪٿي لٺ لڳندي آهي ۽ ڪي ماڻهو اُڦٽ مري ويندا آهن، ته چئبو آهي ته ”ماهو“ ٿيو، ساڳيءَ طرح جنگين ۽ زلزلن سبب به ماهو ٿئي ٿو، ”ماهو“ جو ڌاتو يا بنياد آهي سنسڪرت لفظ ”مش“ معنيٰ ڪهڻ يا ناس ڪرڻ. پراڪرت ۾ ان جو اُچار آهي ”مهه“ سنڌيءَ ۾ چئون ”مهو- ماهو“ اُن جو ڦيرو ڪبو ته عام صورت واحد ۾ چئبو ”مهي-ماهي“ جمع ”مهن- ماهن“، پر ”مهين“ به چئبو آهي: انهيءَ سبب ”مهن جو دڙو“ معنيٰ ”مات يا خون ٿيلن جو دڙو“ (Mound of the Killed)
 * ”تحفظة الڪرام“ موجب برهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ اهڙا ٻيا شهر عيسوي اٺين صدي جي وچ ڌاري ويران ٿيا هئا.
 * Dr. Suniti Kumar Chatterji: Modern Review December. 1924.
 ** "Mr Banerji, one of the greatest scholars that India has ever produced, at once realized the great importance of that discovery (at Mohan Jo Daro). The civilization, the relics of which so accidentally came into his hands, was totally unknown civilization, not only in India, but all over the world. That was the beginning of the discovery of a new period in the history of man. "Rev. H. Hearas: Journals of Indian History. April 1937. p 1.
 * فادر هئرس جو چوڻ آهي ته پاڻ اهي لکيتون سمجهي سگهيو آهي، پر جيڪي سمجهيو اٿس سو برابر آهي يا نه – تنهن ڳالهه جي تصديق اڄ تائين ڪنهن ڪانه ڪئي آهي.ڏسو صفحو هيٺيان انگريزي نوٽ
 * Journal of Indian History, Vol V. 1926, pp. 101-106.