قديم سنڌ/ديباچو

320423قديم سنڌ — ديباچو1957ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

سنڌ جو پرڳڻو جهڙو آهي پاڻ قديم، تهڙو ئي آهي سندس نالو قديم. رگ ويد جهڙي جهوني پستڪ ۾ به اهو ئي نالو ڄاڻايل اٿس، جنهنڪري چئبو ته سڄيءَ دنيا جي ساهت ۾ انهيءَ کان آڳاٽو نالو ٻيو آهي ئي ڪونه. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن ۾ سڀيتا جو سج به اُنهيءَ آڳاٽي سمي ۾ اُڀريو هو، جنهن سمي ۾ دنيا جون ڪيتريون قومون اڃان سياري جي سوڙ تاڻي سمهيون پيون هيون، ۽ پوءِ سجاڳ ٿيون، ته به ڪيترو وقت سنڌ جي سنگين ململ سان پنهنجو بت ڍڪينديون هيون. اهو رواج الهندي ايشيا، مصر ملڪ، ڀونوچ سمنڊ وارن ڪنارن، بلڪ يورپ ۾ ڪيترن هنڌ هو. انهن سڀني هنڌ هندو سڀيتا جو ڦهلاءُ به ڪيتري قدر اسان جي سنڌو ماٿر جي رهاڪن ڪيو، جي ڳالهيون ثابتين ۽ سَندَن ساڻ هن ڪتاب ۾ ڄاڻايون ويئون آهن. اهي پرانهان پاسا ته ڇڏيو، پر خود سڄي ڀارت کنڊ ۾ پهريائين پهريائين سنڌو ماٿر هئي، جنهن رگ ويد واري قديم زماني ۾ ئي پنهنجيءَ اعليٰ درجي جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي ڪري اهڙو ته نالو ڪڍيو، جو پوءِ سڄو هندو جاتي ۽ سڄي هندستان سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيا. اهو ٺپو سڄي هندستان تي اهڙو ته هڻي ڇڏيو اٿس، جو ڪڏهن به ڪنهن جي ميٽڻ جو ڪونهي.
کــنڀ نــه کــاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لعلي اُن جي نه لهي
- شاهه
ويدن ۾ آڳاٽو رگ ويد آهي، جنهن جي منڊل ڏهين جي سُوڪت پنجهتر ۾ انهيءَ قديم زماني جي هڪ رشيءَ ان وقت ئي سنڌ جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا آهن! ويدن کانپوءِ هندن جا اتهاس ۽ پراڻ آهن، انهن کانپوءِ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ آهن. انهن سڀني ڌرمي پستڪن ۾ ساندهه ڏسبو ته سنڌ جي هڪڙي نه ٻي ساک لکي پيئي آهي. گوتم ٻڌ کان گهڻو پوءِ، ۽ سڪندر اعظم کان ٿورو ئي وقت اڳ جا احوال ڏسو ته انهن منجهان به ائين ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي پرڳڻي ڏيسان ڏيس پنهنجو ڌاڪو اهڙو ته وجهي ڇڏيو هو، جو ايران، اسيريا، بابل (بئبلونيا) بلڪ يورپ جي ڪن قومن کي انهيءَ وقت به سڌ هئي، ته سنڌ نهايت ڀريو ڀاڳيو پرڳڻو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ايرانين ۽ يونانين جو وات پاڻي پئي ٿيو، ته ڪيئن به ڪري اهو ڌن بڪليو (ڌن سان ڀريل) پرڳڻو پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. اهو ئي هڪ مکيه سبب هو، جنهنڪري وقت بوقت ڌاريون قومون سنڌ تي ائين پئي پييون، جيئن مُلان مِڙن ڀَتَ تي!
اڳيون ڳالهيون ڇڏي، ويجهڙائيءَ جي ڳالهه ويچاريو: سنه 1922ع ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جي ڪوڏر جو هڪڙو ئي لپو مهن جي دڙي ۾ لڳو، ته اهڙيون ته حيرت جهڙيون حقيقتون زمين جي پيٽ مان نڪري پڌريون ٿيون، جن دنيا جي وڏن وڏن عالمن جون اکيون کوليون آهن، ۽ هاڻ ڪيترا ماڻهو ڪٿان جو ڪٿان ڪَهي، مهن جي دڙي جي درشن لاءِ اچن ٿا.
اهي سڀ ڳالهيون اسان سنڌي ماڻهن لاءِ فخر جو باعث آهن. پنهنجي ديس لاءِ فخر، وطني حب جو هڪ مکيه لڇڻ آهي. اهو لڇڻ اسان ۾ وڌي، اسان کي سچو وطن دوست تڏهن بنائيندو، جڏهن اسين پنهنجي پرڳڻي جي آڳاٽي اوج جو دل ۾ دور ڪري، ۽ وڌيڪ ترقي لاءِ حال جو خيال ڪري، پنهنجو ارواهه مستقبل سان ملائي ڇڏينداسين. پوءِ آڳاٽي اوج جو فخر ۽ آئيندي جا آسرا اسان ۾ نئين جيوت ڦوڪيندا، ۽ عجيب اُتساهه پيدا ڪندا. هن وقت اسانجيءَ سڳوريءَ سنڌ ۾ حالت هيءَ آهي ته تاريخ توڙي ٻين ڳالهين جي کوجنائن جو چاهه اسانجن ماڻهن ۾ گهڻو گهٽ آهي، جنهنڪري اهو لڇڻ اسان ۾ اڃان اهڙو زور نه آهي.
ٿورا ورهيه ٿيا، ته مان پنهنجي سر تاريخ جو ايتريقدر اڀياسي نه هوس جيتريقدر ٻوليءَ جو، پر تاريخي ڳالهين جي کوجنائن جو خيال به ٻوليءَ جا اڀياس ڪندي آيم. سن 1937ع ۾ دل ۾ آيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جوڙيان، جنهن ۾ قديم سنڌ ۽ ان جو جيڪو اثر سنڌي ٻوليءَ تي ٿيو آهي، سو به ڄاڻايان. مون کي اهڙي هڪڙي تاريخ به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، جا مونکي انهيءَ ڪم لاءِ ڪارائتي ٿئي! هيءَ ڏک جهڙي حالت ڏسي، ٽي ورهيه ساندهه محنت ڪري، ڏيڍ سؤ کن ڪتابن مان قديم سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا احوال ويهي ڪڍيم. ڪنهن ڪتاب مان فقط هڪ ٻه فقرو ته ڪنهن مان رڳو ٻه ٽي سٽون مليم؛ پر اهي ذرا پرزا به ويهي ڳنڍيم، ته چڱي خاصي تاريخ تيار ٿي پيئي. ائين خاص پنهنجي لاءِ قديم سنڌ جي تاريخ جوڙي، پنهنجو ڪم شروع ڪيم. فيبروري 1941ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڇپائي پڌري ڪيم، ته ڪيترن اُها چاهه سان پڙهي خاص هن ڪري جو قديم سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جنم ۽ ويدن واري زماني کان وٺي عربن جي ڪاهن تائين ان ۾ ڏني هيم، ۽ اهڙي تاريخ ٻئي ڪنهن به ان وقت تائين ڇپائي پڌري نه ڪئي هئي. ٻوليءَ جي تاريخ به اڳي ٻئي ڪنهن به ڪانه لکي هئي. مون پوءِ تاريخ جي وڌيڪ احوال ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اپريل 1936ع کان وٺي سنڌ جو صوبو بمبئي کاتي کان ڇڄي ڌار ٿيو آهي، ته ضروري سمجهيم ته سنڌ جي تاريخ به ڌار هئڻ گهرجي. اها ضرورت سنڌ سرڪار به محسوس ڪئي.
آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادب (ساهت) لاءِ هڪ مرڪزي صلاحڪار بورڊ ڪراچيءَ ۾ برپا ڪيو، جنهن تي ٻين ڪمن سان گڏ هيءُ ڪم به رکيائين ته سنڌ جا ملڪي ۽ پنگتي احوالن جي تاريخ به تيار ڪرائي وڃي. انهيءَ بورڊ، جو هڪ ميمبر مان به آهيان. هن ڪم لاءِ سنڌ سرڪار ڪو انعام ڏيڻو ڪونه ڪيو هو، ته به بورڊ جي منظوريءَ سان اهو ڪم مون پاڻ تي کنيو، ته پنهنجي اڀياس جو فائدو پنهنجي ديس ڀاين کي به ڏيان. مون پوءِ ٻيا ٻه ورهيه محنت ڪري، قديم سنڌ جي تاريخ لاءِ وڌيڪ ذخيرو ڪٺو ڪيو، جو سمجهان ٿو ته ٽن جلدن ۾ ورهائڻو پوندم. هن وقت تائين پنهنجيءَ رٿيل تاريخ جو رڳو هيءُ پهريون جلد پورو ڪري سگهيو آهيان.
هن جلد ۾ سنڌ جي جنم، مهن جي دڙي ۽ رگ ويدڪ زماني جي سڀيتا جو ذڪر آهي. سنڌ جي جنم ۽ ٻين آڳاٽين جاگرافيءَ جي ڳالهين جو مضمون جيالاجيڪل کاتي وارن جي کوجنائن جي احوالن مان ڪڍيو اٿم. مهن جي دڙي بابت حقيقتون، آرڪيالاجيڪل اتي وارن جي ساليانين رپورٽن، سرجان مارشل، ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي، مسٽر رکلداس بئنرجي، راءِ بهادر راما پرساد چند ۽ ٻين عالمن جي لکيل ڪتابن مان مختصر طرح ڏنيون اٿم. رگ ويدڪ زماني جي سڀيتا جون ڳالهيون ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي جوڙيل ڪتاب ”رگ ويدڪ ڪلچر“ مسٽر پي. ٽي. سرينواس آينگر جي ڪتاب ”منترن جي زماني ۾ قديم هندستان جي جيوت“ ڊاڪٽر راجيندرلال متر جي ڪتاب ”انڊو آوينس“، ڊاڪٽر جي. ميوئر جي اصلوڪن سنسڪرت مضمونن، لوڪمانيه تلڪ جي ڪتابن ”اورين“ ۽ ”آرڪٽڪ هوم“، پروفيسر مئڪس ملر، بابو روشين چندر دت ۽ ٻين ڪيترن يوروپي توڙي ڏيهي عالمن جي جوڙيل ڪتابن مان ڪڍي، پوءِ هڪ ٻئي سان ڀيٽيون اٿم. انهيءَ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ سبب هيءُ هو، جو شروع ۾ پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ٻين ڪيترن يوروپي عالمن رگ ويد ۽ هندن جي ٻين ڌري پستڪن مان ڪي اهڙا انومان ڪڍيا هئا، جو حقيقتن جي برخلاف هئا، ۽ مفت ڪي غلط فهميون ڦهلايون هئائون، جن کي پوءِ اسان جي ڏيهي عالمن رد ڏنو هو. اهڙيءَ حالت ۾ آڳاٽن توڙي هاڻوڪن کوجنائن ڪندڙن جون ڪٺيون ڪيل سڀ ڳالهيون تنقيد جي تارازيءَ ۾ توري، پنهنجو هيءُ ڪتاب بنهه تازين کوجنائن پٽاندر جوڙيو اٿم. هر هڪ ڳالهه جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو اهو ساڳيو نمونو اختيار ڪري ٻئي جلد ۾ باقي رهيل ويدڪ ساهت، ۽ اتهاسن ۽ پراڻن مان سنڌ جا احوال ڏيڻا اٿم، ۽ ڪجهه ذڪر مڌيه ديش وارن آرين جو به ڪرڻو اٿم، جو سنڌ سميت سڄي هندستان جي ڪيترين ريتن رسمن ۽ ٻين ڳالهين جو بنياد انهن وڌو هو. ٻيءَ طرح به قديم سنڌ جي تاريخ ڪجهه قدر مڌيه ديش جي تاريخ سان ڳنڍي ڳُتي پيئي آهي. ٽئين جلد ۾ ڪلجڳ جي شروعات کان وٺي، عربن جي ڪاهن تائين احوال ڏيڻا اٿم. انهيءَ ريت قديم سنڌ جي هندن جي صاحبيءَ جي تاريخ انهن ٽنهي جلدن ۾ اچي ويندي.
ڪنهن به تاريخ ۾ جيڪڏهن رڳو سنبت ۽ سن ڄاڻائي، آڳاٽن حاڪمن جا پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏبا، ۽ سندين جنگين جو ذڪر ڪبو ته اها ڪا تاريخ نه چئبي. اهڙيون حقيقتون تاريخ جو رڳو بوتو بنائين ٿيون. انهيءَ بوتي ۾ روح تڏهن پوي ٿو، جڏهن ان وقت جي ماڻهن جي روز مرهه جي جيوت جو ذڪر ڪجي ٿو. سچي پچي تاريخ ئي اها آهي، جنهن مان آڳاٽن ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ، خيالن ۽ جذبن، ريتن رسمن، ڌرم ڪرم ۽ ساهت جي سڌ پوي ٿي. انهيءَ منجهان ئي پوريءَ ريت پتو پوي ٿو ته تهذيب يا سڀيتا جي شروعات ڪيئن ٿي، وقت بوقت ان جي ترقي ڪيئن ٿي، ۽ هن وقت جيڪي ريتون رسمون ۽ ڌرمي ڳالهيون آهن، تن جو بنياد ڪيئن پيو. هڪواريءَ اها سربستي سڌ پوندي، ته پوءِ اهو سمجهڻ سولو ٿيندو ته آڳاٽن ماڻهن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون هيون جي اسان کي به گرهڻ ڪرڻ گهرجن، ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون منجهن خاميون هيون، جن کان اسان کي پاسو ڪرڻ گهرجي. قديم زماني جي تاريخ پڙهڻ جي هڪ مکيه مراد آهي ئي اها ته آڳاٽن ماڻهن جي آزمودي جو فائدو وٺي، اسين پنهنجي لاءِ اهڙي واٽ گهڙيون، جو اڳين کان اڳرا ٿيون ۽ پنهنجن پوين لاءِ به مثال ٿيون. اهڙين حقيقتن ڏيڻ ڪري، نه رڳو تاريخ جو مضمون پاڻمرادو سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو؛ پر نهايت نصيحت آميز ۽ ڪارائتو به ٿئي ٿو. انهيءَ سبب هن تاريخ جوڙڻ ۾ مون مدد رڳو انهن ڪتابن تان ورتي آهي، جي بنهه ڀروسي جهڙا آهن، ۽ سَند ڪري ليکجن ٿا. ضروري هنڌن تي اهي سَندون به ڄاڻايون اٿم ته پڙهندڙن کي سڌ پوي ته اهي ڳالهيون مون ڪهڙن ڪتابن ۽ مخزنن مان ڪڍيون آهن؛ ۽ جي مرضي پوين ته ڀلي اهي مخزنون ۽ اصلوڪا ڪتاب پاڻ به پڙهن، جو مون ڪيترن ڪتابن جو رڳو تَتُ هن تاريخ ۾ ڏنو آهي- گويا درياهه ليٽائي لوٽيءَ ۾ وڌو اٿم.
قديم هندستان جون کوجنائون اول ڪن يوروپي عالمن ڪيون هيون، جن مان سنڌ جو به ٿورو احوال ملي ٿو. سندين کوجنائون جو مختصر ذڪر هتي منڍ ۾ ئي ڪيو اٿم ته پڙهندڙن کي سڌ پوي ته خود مون اهي احوال ڪٿان آندا. هندستان جون تاريخون جي هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون، سي سڀ انهن کوجنائن کانپوءِ جون ٺهيل آهن. اهي اڪثر رڳو شاگردن لاءِ آهن، تنهنڪري ڪي ڳالهيون منجهن ڄاڻايون ئي ڪين اٿن، ۽ ڪن جو رڳو ٿورن لفظن ۾ ذڪر ڪيو اٿن. مون هڪ هڪ مکيه ڳالهه گهڻي قدر کولي آهي، جو سڄي هندستان جي تاريخ سنڌو ماٿر جي سڀيتا سان شروع ٿئي ٿي، ۽ ضرورت آهي ته قديم سنڌ جي تاريخ ۾ اهي احوال سر بستا هئڻ گهرجن. سنڌ جون ڪي ڳالهيون ته عيسائين جي انجيل، ته ڪي پارسين جي ”زنداوستا“ ۾ آهن، ۽ ڪي ڳالهيون مون پنهنجي سر جاچيون آهن، جن جي کوجنا اڄ تائين ٻئي ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. اهي ڳالهيون مناسب هنڌن تي ڄاڻايون اٿم، جي ڪيترن پڙهندڙن کي نيون لڳنديون. هن وقت جيڪي قديم سنڌ جون تاريخون آهن، سي اڪثر ڪن پارسي ڪتابن مان ترجمو ٿيل آهن ۽ ڪن ۾ ڪي غلط ڳالهيون لکيل آهن، جن جو ذڪر به منڍ ۾ ڪيو اٿم، ته غلط فهميون دور ٿين. پراچين سنڌ جي هڪ ٻن تازين ڇپيل تاريخن ۾ ويدن ۽ اتهاسن وارن زمانن جو ٿورو ٿورو ذڪر آهي؛ پر انهن زمانن جي ماڻهن جي جيوت جو سلسليوار احوال آهي ئي ڪونه، تنهنڪري هن پهرئين ئي جلد ۾ ڪيترو ئي مضمون نئون ڏنو اٿم، جو اڳي سنڌي خواهه انگريزي ۾ لکيل تاريخن ۾ ڪونهي.
تاريخ جو هڪ مکيه ڀاڱو جاگرافي آهي. هر ڪنهن پرڳڻي جي طبعي صورت، آب هوا ۽ ٻين ڳالهين جو پرڳڻي جي تاريخ ۽ ماڻهن جي سڀاءَ، بت جي ورڻ (رنگ)، ٻوليءَ جي اچارن، رهڻي ڪهڻيءَ وغيره تي ايتريقدر اثر ٿئي ٿو، جو جيڪر هيئين چئجي ته تاريخ ٺهي ئي جاگرافيءَ تان ٿي. انهيءَ سبب هن ڪتاب جي پهرئين پهرئين ئي باب ۾ قديم سنڌ جي طبعي صورت جو ذڪر ڪريان ها، ۽ قديم سنڌ جون حدون ٻڌائي، انهن حدن جو جيڪو اثر اسان جي پرڳڻي تي ٿيو آهي، سو ڄاڻايان ها؛ پر رگ ويد کان اڳ جي زماني جا احوال آهن ئي ڪين، جنهنڪري سنڌ جي جنم جي ڪهاڻي ۽ ٻين اهڙين آڳاٽين ڳالهين لاءِ گهڻو مدار ڀونءِ وگيان (Geology) تي رکڻو پيو اٿم. خود ڀونءِ وگيانين کي اڃا گهڻيون کوجنائون ڪرڻيون پيون آهن، جو اهڙين کوجنائن جي شروعات ئي اڃان هاڻ ٿي آهي. رگ ويد ۾ جيڪو ”سپت سنڌو“ (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن واري ملڪ) جو ذڪر آهي، تنهن مان به سنڌ جو نسل جوڙڻ ڏکيو آهي، جو ان ۾ سنڌ جي حدن جو ذڪر آهي ئي ڪونه. وڏي ڳالهه ته خود رگ ويد جي منڊل 2، سوڪت 17 ۾ خوفناڪ زلزلن جو ذڪر آهي، جن انهيءَ وقت ۾ ئي ملڪ جي طبعي صورت ۾ ڦيرو پئي آندو. رگ ويد کانپوءِ جي احوالن مان به ائين ظاهر آهي ته وقت بوقت خوفناڪ زلزلن ۽ سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين ڪيئن ساوا پاسا سُڃا، ۽ سڃا پاسا ساوا ڪيا آهن. سنه 962ع ۾ اهڙو خوفناڪ زلزلو ٿيو، جنهن بکر وارا ٽَڪَر به ٽوڙي ڇڏيا، ۽ الور ۽ ٻيا ڪيترا آباد شهر ويران ٿي ويا. سنڌونديءَ، جا الور واري ٽڪريءَ جي بنهه هيٺان وهندي هئي، تنهن پنهنجو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو. پڇاڙيءَ وارو خوفناڪ زلزلو 1819ع ۾ ٿيو، جنهن سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جي طبعي صورت ڦيرائي ڇڏي، ۽ ڪڇ جو رڻ، جنهن مان اڳي درياهه وهندو هو، ۽ راحموڪي بازار، سنڌڙي ۽ ٻيا بندر به اُتي هئا، تن به پنهنجي سهڻي صورت ڦيرائي، ۽ برپٽ ٿي پيو. سنڌ جي هاڻوڪي طبعي صورت انهيءَ وقت کان وٺي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جي طبعي صورت وغيره جو ذڪر جيڪڏهن وچولي زماني يا هاڻوڪي زماني جي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجي ته ٺهي؛ پر هن قديم سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪوشش ڪرڻ عبث آهي. انهيءَ هوندي به قديم جاگرافيءَ جون ٿوريون ٿوريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ مناسب هنڌن تي ڄاڻايون اٿم، ته تاريخ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
هن تاريخ جوڙڻ ۾ مون جن ڪتابن مان مدد ورتي آهي، تن مان ڪيترا قيمتي ڪتاب ڊي. جي. سنڌ ڪاليج لئبرري مان، ٿورا خالقڏنه هال ۽ فريئر هال لئبررين مان ۽ ڪي ڪن سنگتين ساٿين کان ورتا هئم، جنهنڪري ڪتابن خريد ڪرڻ جي خرچ کان بورڊ ڪيتريقدر بچي پيو. ممڪن آهي ته اڃان به ڪي ڪتاب هجن، جن جي مون کي سڌ نه هجي. هيئن به آهي ته هن وقت آرڪيالاجيڪل کاتي وارا ۽ جيالاجيڪل کاتي وارا پنهنجي پنهنجي روءِ سوءِ وڌيڪ کوجنائون ڪن پيا، ۽ ڪي يوروپي توڙي ڏيهي عالم به قديم هندستان جي وڌيڪ احوالن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، تنهنڪري هن کانپوءِ سنڌ جي تاريخ لاءِ ڪو نئون ذخيرو ملي پوي ته عجب ڪونهي. هيءُ ڪتاب لکي مون گويا بنياد ٻڌو آهي، ته جيئن جيئن وڌيڪ احوال ملن، تيئن تيئن هن ڪتاب کي وڌيڪ مڪمل ڪرڻ سولو ٿئي.

77، مڊل ڪلاس ڪالوني،

ڀيرو مل مهرچند
اجمل خان روڊ، بندر روڊ ايڪسٽينشن،
ڪراچي. آگسٽ 1944ع