قديم سنڌ جا ستارا/فصل 2
1_ شروع ۾ سيوستان جي مشهور بزر گن مان شيخ عثمان مرونديءَ عرف مخدوم لال شهباز قلندر جو نالو ڏيڻ گھرجي، جو مخدوم جلال جھانيان اُچ واري ۽ شيخ بهاوالدين زڪريا ملتان واري ۽ شيخ فريدالدين شڪر گنج دهليءَ واري جو سنگتي هو. اهو سنه662 هه ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو، ۽ پوءَ سيوستان ۾ اچي رهيو ۽ سنه 673 هه ۾ وفات ڪيائين. ڪي چون ٿا ته سنه 650 هه ۾ وفات ڪيائين. هُو عالم فاضل به هو ۽ اولياءُ به هو، مست قلندر به هو ۽ شاعر به هو. سندس ڪتاب ”عشقيه“ موجود آهي، جنهن ۾ سندس شعر به آهي. زياده احوال سندس تاريخ ۾ ڏسجي.
2_مير عبدالله سلطان: سيوستان جي مشهور عالمن ۽ شاعرن مان ٿي گذريو آهي. هُو پنهنجي تخلص ”خان عريضيءَ“ سببان مشهور آهي. هو بکر جي مشهور سيد مير ابوالمڪارم جو پـٽ هو، جو وري مير غياث الدين رضائي سبزواريءَ جو پٽ هو. اهو پونيون سيد ڪتاب ”حبيب السير“ جي مصنف آخوند مير جو ڏهٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو پوٽو هو. اهو مرزا شاهه بيگ ارغون جي مقربن مان هو ۽ انهيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو.مير ابوالمڪارم وري مرزا شاهه حسن ارغون ۽ سلطان محمود خان بکر واري جي اميرن مان هو ۽ انهي جي پاران وڪيل ٿي شاهه اسماعيل صفوي وٽ ويو هو. مير عبد سلطان، جو سيوستان ۾ ڄائو هو، سو جھانگير بادشاهه جي زماني ۾ مرزا غازيءَ سان گڏ هوندو هو ۽ جڏهن مرزا قنڌار ۽ ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن وڪيل ٿي ايران جي شاهه ڏي ويو ۽ خراسان ۾ امام رضا جي زيارت ڪري موٽيو ۽ مرزا جي مرڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿيو. پر شاهجھان بادشاهه جي راڄ ۾ ڪنهن سبب ڪري شريف الملوڪ کي ڪاوڙايائين ۽ نواب امير خان اچي مير عبد ۽ سندس طرف وارن کي ستايو، تنهنڪري مير مٿئين ۽ سندس ڀاءَ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو، اگرچ مرزا عيسٰي ترخان ۽ ٻين رهي پوڻ لاءِ گھڻو زور ڪين، نيٺ مُلا محب علي سنڌيءَ جي معرفت ڄام تماچيءَ کام پنجاهه هزار دام پگهار وٺي اچي ٺٽي ۾ رهيو. انهن مان به ڪي مشهور عالم، فاضل، شاعر ٿيا، جن جو ذڪر ٺٽي واري فصل ۾ ايندو.
3_ قاضي قاضن: ولد قاضي محمد قاسم سيوستان جي مشهور بزرگن ۽ عالمن فاضلن مان آهي. هو مشهور قاضي ابوالخير واري جي اولاد مان هو. قاضي قاضن وڏو حافظ، قاري ۽ عالم هو. فقهه، حديث، تفسير ۽ تصوّف ۽ انشا جي علمن ۾ خوب ماهر هو ۽ حاجي به هو ۽ گھڻو سير سفر ڪيو هئائين ۽ نيٺ سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، تنهنڪري ظاهري شريعت وارن عالمن جي مٿس ٽوڪ رهندي هئي.
مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ موروئي حق موجب هو بکر جو قاضي ٿيو. پيريءَ جي ڪري قضا جو ڪم پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو ۽ سنه 958 هه ۾ وفات ڪيائين.
قاضي قاضن جو سنڌي شعر به آهي. سندس پوٽي محمد بن يعقوب گھڻو وقت دهليءَ ۾ گذاريو. چڱو شاعر ۽ خوشنويس هو. سندس ديوان موجود آهي. قاضي قاضن جي وڏي پٽ عبدالغفار کي ته ” اسدالعلماء“ جو لقب هو ۽ انهيءَ جو پٽ قاضي محمد ظهير پهرين ٺٽي جو، پوءَ لاهور جو قاضي ٿيو ۽ اُتي وفات ڪيائين. گھڻن ڪتابن جون حاشيون لکيائين.
4_ مُلا نورالحق: سيوستاني مُلن ۽ عالمن مان هو، پر پوءِ انهيءَ کان به زيادهه مشهور ٿيو. لکيل آهي ته: ننڍي هوندي هُو ڏاڍو موڳو هو ۽ حافظو تمام خراب هوس ۽ ويسر گھڻي هوندي هُيس.
پڻس هڪڙي ڀيري ڪاوڙجي ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيس، جتي روئي روئي سُمهي رهيو. خواب ۾ هڪڙي نُوراني پير مرد بشارت ڏنيس ۽ چيائينس ته ”ڇو سُتو آهين اُٿي کڙو ٿي، اڳتي جيڪي تون پڙهندين سو تو کي ياد رهندو“ انهيءَ کان پوءِ حافظو کُليس ۽ قرآن شريف ته ياد ڪيائين، پر جيڪي به ٻڌندو هو، سو هڪدم ياد ٿي ويندو هئس. آخر وڏو شاعر ٿي پيو ۽ تخلص ”مشتافي“ اختيار ڪيائين، جڏهن هندوستان جو مشهور شاعر مرزا صائب سنڌ مان لنگهي هند ڏي ٿي ويو، تڏهن مُلا نورالحق سان صحبت ڪيائين ۽ سندس شعر نهايت پسند ڪيائين. سندس اولاد مان به ڪي شاعر ٿيا.
5_ ميان عبدالحليم: ۽ سندس چار پٽ وجه الدين ۽ ناصرالدين ۽ محمد رفيع ۽ ابويڪر سيوستاني به چڱا عالم ۽ فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا.
6_ حيدر هروي: جواصل هرات جو هو، سو پاٽ جو هڪڙو مشهور عالم ۽ شاعر هو. مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ آيو ۽ پاٽ ۾ اچي رهيو، جو سيوستان سان لاڳو هو. هن جو لقب ۽ تخلص ”ڪليجه“ هو. ڪليجه پارسيءَ ۾ زيرانڊي يا جيري کي چون، جو اوائل ۾ هُو زيرانڊيون رڌي وڪڻندو هو. هن جو سڄو ديوان آهي ۽ شعر تمام عمدو اٿس. وفات به پاٽ ۾ ڪيائين.
7_ مخدوم عبدالعزيز: ڪاهان جي ڳوٺ جو رهاڪو هو، جو پڻ سيوستان سان لاڳو هو. هُو پاڻ ۽ سندس ٻه پٽ مولانا ائيرالدين ۽ مولانا يارمحمد، شاهه اسماعيل جي خروج وقت، ڄام فيروز جي راڄ ۾ هرات مان نڪري سنڌ ۾ آيا ۽ ڪاهان ۾ اچي رهيا ۽ وفات به اُت ڪيائون. ”وارث الانبيا“ سندس وفات جي تاريخ آهي. هُو مرزا شاهه حسن جو استاد هو. اهي ٽيئي بزرگ وڏا محدث هئا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائون، شرح مشڪواة ۽ ٻين حديثن جي ڪتابن جون حاشيون لکيون اٿن، جن جي ماڻهو گھڻي قدرداني ڪندا هئا.
8_ شيخ موسيٰ: ريل باران جو رهاڪو هو، جو ڳوٺ سيوستان سان لاڳو هو. چانڊڪي ۽ سيوستان پرڳڻن جي الهندي پاسي جبل تائين جيڪا باراني زمين آهي ۽ جنهن کي هاڻ ڪاڇو چوندا آهن، تنهن کي دشت باران سڏيندا هئا. اتي گھڻائي بزرگ ۽ اوليا رهيا ۽ گذريا جن جا نشان اڃا ظاهر آهن، انهن مان هڪڙو شيخ موسيٰ هو، جو سنه 900 هه ۾ ريل ۾ رهندو هو. انهيءَ جو هڪڙو ڏهٽو خضر شاهه سير ۽ سفر تي نڪتو ۽ ناگور ۾ وڃي شيخ يحييٰ بخاريءَ جو مريد ٿيو، جو اُچ واري مخدوم جھانيان جو سجادهه نشين هو. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌي وٽان فيض حاصل ڪري موٽي وطن آيو. شيخ موسيٰ سنه 911 هه ۾ ڄائو اڪبرآباد ۾ وڃي علم جي تحصيل ڪيائين. وڏو عالم فاضل ٿيو، هڪ سـﺆ ويهه ورهيه عمر ٿيس. سندس ٻه پٽ شيخ ابوالفضل ۽ شيخ فيضي پيءُ کان به زياده مشهور ٿيا. اهي ٻئي عالم فاضل، مصنف ۽ شاعر ته هئا، پر وڏا مدبر ٿي گذريا. اڪبر بادشاهه وٽ برک هئا. اابوالفضل پنهنجي ڪتاب ”ڪچڪول“ ۾ پنهنجي والد ۽ اصل نسل جو بيان ڏنو آهي ۽ ٻيا به گھڻا ڪتاب لکيا اٿس. ”علامي“ جي لقب سان مشهور آهي. فيضي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ کان به علميت يا حڪومت ۽ مدبري ۾ وڌي ويو. سندس ڪليات يعني قصائد ۽ ديوان ۽ سندس ڪيتريون مثنويون جن مان پنج سندس خمسه ۾ داخل آهن ۽ سنسڪرت ڪتابن جا نظم ۾ ترجما ۽ سندس انشا ۽ سندس قرآن جو بي نقط تفيسر مشهور آهن، جن مان هن جي خداداد قابليت ۽ علميت ظاهر آهي. انهن ٻنهي ڀائرن جو احوال هند جي تاريخ ۽ سندن سوانح عمرين مان معلوم ڪرڻ گھرجي. اڪبرنامي ۽ آئين اڪبري مان به سندن گھڻو سماءُ پئجي سگهندو، جي ابوالفضل جا لکيل آهن.