لاڙ جو سير (1971)
by الهه بچايو سمون
02. سنڌي شعر جي مختصر تاريخ
320279لاڙ جو سير — 02. سنڌي شعر جي مختصر تاريخ1971الهه بچايو سمون

سنڌي شعر جي تاريخ ڄاڻڻ کان اڳ اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ”شعر“ جي معنى ڇا آهي؟

شعر جي لغوي معنى آهي دريافت ڪرڻ يا باربڪ طرح شين جي جاچ ڪرڻ، مگر اصطلاحي معنى ۾ شعر انهي ڪلام کي چئجي ٿو جو بامعنى لظن ۾ ڪنهن خاص معنى تي بيهاريل هجي يا موزون هجي.

اڪاسي، ٻياسي، ٽياسي، چوراسي
پنجاسي، ڇهاسي، ستاسي، اٺاسي،

وزن- فعولن فعولن فعولن فعولن

هيءَ هڪ موزون شعر آهي پر بي معنى آهي، تنهن ڪري هن کي شعر نه چئبو.

شعر علم به آهي ۽ هنر به: علم جي لحاظ سان شعر سائنس جي ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ ته سائنس شين جي سچي پچي حالت بيان ئي ڪري، مگر شعر وٽ سٽ ڏئي ساڳي ڳالهه کي ٻئي نموني ۾ پيش ڪري ٿو. مثلن سائنس ٻڌائي ٿي ته صبح يا شام جو ڳاڙهائڻ يا شفق ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا ڪرڻن جي موڙ ڪري ٿيندي آهي، مگر شعر چوي ٿو ته انهي وقت تي ويچارو آسمان عاشق وانگر ڪنهن معشوق جي هٿان ڦٽجي خون ۾ لعل ٿيو آهي، سائنس چوي ٿي ته سج افق کان ٻاهر نڪري ٿو، مگر شعر چوي ٿو ته سج گهورڙين وانگر سونو ٿال مٿي تي ڪري نڪتو آهي.
هنر جي حالت ۾ شعر وري نثر جي ابتڙ آهي. نثر جي معنى آهي موتي هاري هاري هيٺ وکيري ڇڏڻ ۽ نظم يا شعر جي معنى آهي، اهي هاريل موتي ڪنهن لڙهيءَ ۾ پوئڻ، اهڙي طرح وکريل موتي پوئڻ به هنر آهي.
نظم موزون آهي ۽ نثر غير موزون، جيڪي لفظ نثر ۾ آهن سي ئي لفظ نظم ۾ به آهن. مگر تفاوت فقط هي آهي جو هو قاعدي جي وڪڙ ۾ اچي مٽجي سٽجي اهڙو زود اثر پيدا ڪن جو ٻڌندڙن جا ڳچ ڳاريو ۽ دل گهايو وجهن.
شعر چڱن هنرن مان هڪ هنر آهي، جيئن ته نقاشي، عمارت سازي ۽ راڳ، جهڙي طرح نقاشن جو ڪم آهي، رنگن سان، عمارت ساز جو ڪم آهي، پٿر سان ۽ راڳ جو واسطو آهي، آواز ۽ سر تارن سان، انهي ريت نظم جو واسطو آهي، لفظن جي بيهڪ ۽ راڳ سان، شعر جو راڳ سان اصل کان گهاٽو واسطو آهي. راڳ آهي گهوڙو ۽ شعر مٿس سوار.
شعر جڏهن راڳ تي سوار ٿي ٻاهر نڪري ٿو تڏهن وڌيڪ سٺو، سهڻو ۽ من موهڻو نظر اچي ٿو.
علم ادب يا ساهتيه جي لحاظ سان شعر نثر کان اڳ ڄائو آهي. انهي زماني ۾ شعر جو مضمون اڪثري بهار، جنگ ۽ مذهبي ڳالهين بابت هو، جيئن اڄ به ڪي ڀَٽَ يا چارڻ ڳائيندا وتندا آهن.
سنڌي ٻولي جو شعر پنهنجي يا ٻين ملڪن جي قصن ۽ جنگين بابت به چيل آهي، جيئن ته راءِ ڏياچ، سسئي پنهون، عمر مارئي، هير رانجهو، مومل مينڌرو، دودو چنيسر، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، يوسف زليخا، ليلى مجنون ۽ بانڪو شاهه بهرام وغيره.
هندي ڀاشا جو شعر:- هندي ڀاشا جو شعر دهرن يا ڏوهيڙن ۾ هو. ساڳي طرح سنڌي شعر به اول ڏوهيڙن ۾ چيل هو. ڏوهيڙن جون 2 سٽون ساڳي طرز ۾ هڪ جيترن پدن ۾ ساڳئي قافيه تي چوڻ ۾ اينديون هيون، ڏوهيڙو اصل لفظ دهرو آهي، جنهن جي معنى آهي 2 سٽون، ٻه يا ٻيڻو.
1300ع ڌاري سومرن جي زماني ۾ جڏهن سنڌي ٻولي پراڪرت ۽ وراچڊ جي ميل جول کان گهڻو ڇنڊجي ڇاڻجي اچي آجي ٿيل ٿي ڀانئجي، تڏهن جيڪي به ڏوهيڙا وغيره چيا ويا هوندا، سي ضرور نج سنڌي ۾ هوندا. مگر اهي هن وقت ناپيد آهن. سڀ کان مهند ڀان شاعر جن ڪي ڏوهيڙا چيا آهن ۽ جن جو ٿورو پتو پئجي سگهيو آهي سي هئا شيخ حماد، راڄو درويش ۽ اسحاق اهنگر، شيخ حماد حافظ شيرازي جو همعصر ٿو ڀانئجي. سندس سال وفات 780 هه آهي، انهن کان پوءِ جو شاعر پيدا ٿيو، جنهن سنڌي ۾ ڏوهيڙا چيا آهن ۽ جو وڌيڪ ٻڌو سوئي مڃيو وڃي ٿو، سو آهي قاضي قاضن[1]. هي پهريون ئي شاعر آهي، جنهن جا ڏوهيڙا البت وڌيڪ انداز ۾ ٻڌا وڃن ٿا، تنهن ڪري عام طرح سنڌي جو پهريون شاعر کيس مڃيو وڃي ٿو.

قاضي صاحب جا 2 ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

سائر ڏيئي لت، اوچي نِيچي ٻوڙئي،
هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

(2)

”لا“ لاهيندي ڪن کي، ”لا“ مورهين ناهه،
يا الله ري پريان، ڪٽ نه ڏسي ڪي ٻيو.

قاضي صاحب کانپوءِ ترت شاهه عبدالڪريم صاحب بلڙي وارو وجود ۾ آيو. شاهه صاحب به قاضي صاحب جي تتبع تي شعر چيو آهي، جيئن مٿي ڪنهن هنڌ ڄاڻايو ويو آهي. شاهه صاحب به دهرا چيا آهن، جن مان فقط ٻه دهرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

ميٺ، ڀيڙيائي ڀلي، جو اپٽي ته واءُ،
جو پڌر وڌي ڳالهڙي، تو ڇڏي ويندي ساءُ

(2)

مُڌ م منه ويههُ، اُڀي اوسڙُ اُس ۾،
تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏور جنين جو ڏيههُ.

شاهه عبدالڪريم کان پوءِ ٻيو شخص[2] جنهن شعر ۾ ڪجهه انقلاب آندو سو هو شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ وارو. صوفي صاحب به دهرا يا ڏوهيڙا چيا آهن[3] مگر انهن ۾ سٽن جو تعداد وڌائي رکيائين، يعني ٻن کان وڌيڪ سٽون استعمال ڪيائون، مثلاً

(1)

تنهنجو تو ۾ ئي، ٻيائيءَ کي ٻوڙ،
اندر ساهه سرير ۾، جايون جانب جوڙ،
هن کي هتي ڇوڙ ته، وڃين پهچين پر کي.

(2)

ڏوهه ته منهنجي ڏينهن، ننڊ نه نيو سپرين،
لنگي پنهنجو نينهن، ڇنا، ڇنن ڪينڪي.

(3)

هاڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
آري عنايت چوي، لوڙي آءُ لهنديس،
اتي نا رهنديس، جيڏيون پنهنجي جت ري.[4]

شاهه عنايت الله صوفيءَ کان پوءِ يعني ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ شاعري جي دنيا چوٽ چڙهي ويئي، هن کان اڳ جو فقط تصوف جي متي تي شعر چيا ويندا هئا، تن ۾ ٿورو ڦيرو آيو. ٺٽي ۽ ان جي آس پاس مان هڪ ئي وقت عالمن ۽ فاضلن جو گروهه پيدا ٿيو،
جن جي تلقين ۽ تبليغ ڪري ڪيترا غير مسلم مسلمان ٿيا، جن جي هدايت لاءِ اسلامي حڪم احڪام شعر ۾ ظاهر ڪيا ويا، جيئن ماڻهن جي دلين تي اُهي چِٽيءَ طرح نقش ٿين ۽ ماڻهن ۾ حڪمن ۽ فرضن ٻڌڻ لاءِ چاهه جاڳي. پهريون شخص جنهن اسلامي فرضن ۽ روايتن کي شاعري رنگ ۾ ظاهر ڪيو هو سو هو مخدوم ضياءُ الدين صاحب. مخدوم صاحب 1091هه ۾ تولد ٿيو ۽ 1171هه ۾ وفات ڪيائين. اهو پهريون ئي شخص هو جنهن ڏوهيڙن جي رنگ ۾ هڪ نئين قسم جي شعر جي ايجاد ڪئي، اهڙي شعر کي ”ڪبت“ ڪري سڏيائون، جنهن ۾ سٽ سٽ ۾ جدا قافيه آڻڻ جي بدران ڳچ جيترن سٽن جو هڪ قافيو رکي پوءِ ٻيو قافيو ڪم آندائين. جيئن ته ؛

فرض آهي ماءُ پو تي سعي سوڌي ڀت،
ته موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي سٿ،
ته تابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت،
راتو ڏينه ٻالڪو ڪري نماز پرت،
وضُوءَ جي وجود ۾ ڀڃي ڪري پرت،
ڏهن ورهن جو جي ٿئي ته مَر اُن ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي،
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن آسارو،
ته هڻج هڪلج ان کي متان او ٿئي اومارو،
پڇي ڏات نماز جي سودو سوارو،
سکج سنڀهچ سانجهرو رات ۽ ڏينهارو،
ڪهو ڪلمون نبي اُتي ته ٿئي مسلم موچارو.

مخدوم ضياءُ الدين جي سٿ وارا ٻيا هئا. مخدوم محمد هاشم، مخدوم عبدالله، مولوي ابوالحسن ۽ مخدوم محمد حسين، جن جو ڪلام يا شعر ساڳئي پايي يا نموني تي چيل هو. وڏي تعجب جي ڳالهه، جا انهيءَ زماني تائين ٿي گذري، سا هيءَ هئي ته سومرن جي زماني کان وٺي، جڏهن سنڌي صاف ڳالهائڻ ۾ آئي، ويندي هن وقت (ڪلهوڙن جي شروعات) تائين ڪنهن به سنڌي نظم يا نثر کي صفحئه ڪاغذ تي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪا نه ڪئي، اهو شرف پوءِ مولوي ابوالحسن ٺٽوي کي نصيب ٿيو، جنهن نو مسلم شاگردن جي سهنج لاءِ نماز جي ترقيب بابت ڪتاب لکي، سنڌي لکڻ جو مهورت ڪيو، اهڙي ڍيل انهيءَ ڪري ٿيل ٿي ڏسجي، جو هڪ ته ڇپائيءَ لاءِ ڪا پريس سنڌ ۾ ڪا نه هئي، ٻيو ته سنڌي صورتخطيءَ جي بناوٽ لاءِ ڪا لپي يا آويٽا مقرر ٿيل ڪا نه هئي. مولوي صاحب به اهو ڪتاب عربي سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن کي چون ئي ”ابوالحسن جي سنڌي“. هن صاحب الف-ب ڪيئن ٺاهي، تنهن لاءِ مسٽر ڀيرومل صاحب هڪ ننڍڙو ڪتاب ”سنڌي الف-ب“ تي لکيو آهي، سو ڏسڻ گهرجي.
انهن مبلغ عالمن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وڏو عالم، زاهد ۽ وقت جو اديب ٿي گذريو آهي. سندس ولادت جو سال 10- ربيع الثاني 1104هه آهي. مخدوم محمد هاشم، مخدوم معين ٺٽوي ۽ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي جو شاگرد هو. هن صاحب بدعات جي برخلاف سخت جهاد ڪيو، ۽ پيري مريديءَ جي لعنت کي گهڻي ڀاڱي ٻُنجو ڏيئي ڇڏيائين. انهيءَ وقت غلام شاهه ڪلهوڙي جو سنڌ ۾ راڄ هو. غلام شاهه پاڻ به مخدوم صاحب جو معتقد هو. مخدوم صاحب جا 150 ڪتاب عربي، پارسي ۽ سنڌي زبان ۾ تاليف ۽ تصنيف ٿيل آهن. هن بزرگ ۽ نامور صوفيءَ 70 سالن جي عمر ۾ 1176هه ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو مڪليءَ تي آهي. مخدوم صاحب جو شعر صوفياڻو، اصلاحي ۽ ديني واٽن جي سمجهائڻ تي آهي. مثال طور هت سندس شعر جو ٽڪرو ڏجي ٿو.

جان جان درس نه ديکيو، نرتو نيڻن سان،
تان تان سک نه جندڙي، ورهن رات وهاءِ،
هيسين ۾ هيج گهڻون، پڇي ته پور منجهانءِ،
کاميو ٿين کنڀ سو، لوچي لالن لاءِ،
سڄڻ رهيا روح ۾، اندر اوتارا،
آهيم سُهد سرير ۾، گهڻي اپارا،
هينڙو هوت حبيب جي، سڪي ۽ سيڏاءِ،
وڍيو واوڍڙئن جيئن، لڇي ۽ ليلاءِ ،
جهلي پلي نه رهي، وئڙو پاڻ وسا،
مون کي محبوبن جا، دل ۾ داغ دکئيا،
ٻُرن ٻُرڪن ٻهون پرين، جگر ۽ جونرا،
لوُسئو لاءِ لالن جي، کامئو ڪن کوُنرا،
ڦاٽيون ڦٽ فراق جي، اکڙيون اصلا،
ونين وسامڻ نانهڪو، اڌمن انڌوها،
هنجهون هاري جهليون، رت ڪري ريلا،
راتين رون پرين کي، ڪڇن ڪين ڏينها،
پر ۾ پڇڻ آئيو، ڪرين اوجاڳا،
آٽن سنداءِ آگ ۾، عاشقن انگڙا،
سُڪا سرهه ڪاٺ جيئن، منجهان ۽ ٻهرا،
سدا سڪ هون جن کي، جي سي مڙن ما،
ته ونيو وڇاڻا ڪريان، آءُ تن اڳيا،
ڇنڊيان کهه اکين سين، نميو پيرن تان،
صبح سوارا سوريان، سڳر سپرين جا،
ته ڪر سڌون سڀيئي، پنيون ٿياڪم پورا.

مخدوم عبدالله جو شعر سندس ڪتاب ڪنز العبرت ۾ ”قمر المنير“ ۾ موجود آهي.

انهيءَ ساڳيءَ لڙهه ۾[5] شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري ۽ خواجه محمد زمان لواري وارا به آهن مگر انهن جو شعر پيچيدو، ذو معنى ۽ معرفت الاهيءَ ڏي رجوع ڪندڙ آهي.
سندن سارو ڪلام تصوف ۽ توحيد جي متي تي چيل آهي. خواجه محمد زمان جو ايترو شعر هٿ اچي ڪو نه سگهيو آهي. سنڌ ۾ 85 کن بيت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن مان ڪجهه ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڪتاب ”لنواريءَ جا لال“ ۾ ڏنا آهن، جن مان ڪي بيت هت ڏجن ٿا.

(1)

صورت معنى وچ ۾ ڪونهي وچ وچاءِ
هو نه سڃاپي هن ري، هي مور نه موجوداءِ،
ڪٿي جو هو ڪوٺجي، ڪٿي عرض به آه،
حقيقت هيڪاءِ، پر نالن مٿو ناهه ڪو.

(2)

ڪٿي نظر نقل جو، ڪٿ ٿيڻ ڪلام،
ڪٿي فوج فڪر جي، ڪٿي ماٺ مقام،
ڪٿي مس چوڻ مام، ڪٿي ڪڇڻ پڌرو.

(3)

عدم اوتارون، نامرادي سمرونِ،
ڪفر ۽ اسلام کان، لنگهي هوت لڌونِ
ڇڏي خوف اميد کي، سڄڻ صحي لڌون،
رضا راڄ سندون، مور نه مڱن ڪي ٻيو.

(4)

خودي کڻي پاڻ سين، هتان جي هلئا،
سي لوڪ ڇڏيندي لهر جيئن، مري محو ٿي،
جي آب هئا، ته لهريون سڀ لباس هيون.

(5)

ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾،
ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،
پنو سو پاڙهن، جنهن مان پسڻ ٿي پرين کي.

(6)

جاهل ذوق سُکن جو، عارف سور سهاءِ،
سورن سندي ساءِ، راحت رسي رُوح کي.

(7)

ڇڏيان هي جهان، هو پڻ گهوري گهوريان،
پلڪ پريان ساڻ، جي مون سري جيڏيون.[6]

شاهه عنايت الله رضوي، شاهه محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. شاهه محمد مڪيءَ جو احوال ”قديم سنڌ“ ۾ ڏنل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جو همعصر هو.[7]

نصرپور ويجهو لکمير ديهه ۾ موسي آهيداني جي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي[8] سندس شعر به ڏوهيڙن ۾ چيل آهن، جيئن ته .

(1)

بيٺڪ جن برن ۾، کهه کٽونبا کاڄ،
اٺو پهر عنايت چئي، واڇوٽو وهاڄ،
ڪنين ڪڏهن نه پيو، تن اُڊي جو آواج،
جم رلائين راڄ، عمر اباڻن جو.

(2)

رات رٻاري آئيو، اٺي جو اوٺي،
تليون سڀ تار ٿيون، سڀ جوءِ سڻوٺي،
کوءِ پيا ڪانا ۽ ڪوٺي، لڱئون لوهه لهي پيا.

(3)

لڱئون لوهه لهي پيا، ٿيو بند بدا،
سئوم واءُ وصال جو، ڪهندي ڪانگ مئلا،
اٺئي پهر عنايت چئي، آس م لاهه هنيا،
ستي سنجهه سڀا، ملندءِ مٽ ملير ۾.

انهيءَ حد تائين سڀني شاعرن ڏوهيڙن جي نموني تي ڪلام چيا آهن، فقط ايترو ڦيرو منجهن ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو ڏوهيڙن ۾ سٽون وڌايون ويون آهن. باقي جيڪا ٻي ڦير ڦار ٿي آهي سا سنڌ جي سرتاج ۽ تاج الشعرا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وسيع ڪلام سان ٿي. جيئن ته هت سنڌي شعري جي تاريخ ڏني وڃي ٿي.[9] تنهنڪري اهو ضروري آهي ته اُهي ڦيريون ڦارون مثالن سان سمجهايون وڃن.

(1) ڦيرڦار: ٻن سٽن واري ڏوهيڙي جي حالت ۾ بعضي قافيو ٻنهين سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ رکيائين، بعضي انهيءَ قاعدي جي پابندي نه ڪري قافيو ٻنهين سٽن جي وچ ۾ آندائين، بعضي پهرين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ پوئين سٽ جي وچ ۾ ڪم آندائين، مثلاً.

(1)

سوئي راهه رد ڪري، سوئي رهه نما،
و تعز من تشا، و تزل من تشا.

(2)

هن تاري هن هنڌ، هت منجهان سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منجهه، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهن.

(3)

سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.


(1) ڦيرڦار: ڏوهيڙن ۾ سٽن جو تعداد وڌايائين، مثلاً


عاشق زهر پياڪ، وههُ ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام کي.


(1) ڦيرڦار: ڪنهن به شعر ۾ ڪا وڏي آيت وجهي وزن کان وڌائي ڪم آندائين، مثلاً

ڪونهي قادر ڪو ٻيو انهيءَ جو اڀاڳ،
”قل ان يصبينا لاڪتب الله لنا هو مولانا“

اي معرفت ماڳ،

سڀوئي سڀاڳ، مارئي مساوي ڪيو.

(1) ڦيرڦار: شاهه صاحب هڪ نئون نمونو شعر جو ڪم آندو جو اڳي رواج ۾ نه هو. اهڙي قسم جو شعر کي ”وائي“ سڏيو ويو، مثلاً

پسي ڳاڙها گل، متان ڪو چانگي کي چاري،
ملڪ به ايندءِ موت جو، ڪري هيبتون هُل –پسي....
نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾، مٿان پڙهندءِ قُل –پسي......
اديون شاهه لطيف چئي، مون تان لاهج ڀُل –پسي....

انهيءَ وقت ۾ سنڌي شعر جو هڪ نئون نمونو وجود ۾ آيو، جنهن ۾ ننڍيون تُڪون رکندا هئا، ۽ منڍ واري تُڪ هر هڪ بند جي پويان رکندا هئا.

اهڙي شعر کي ”مدح“ سڏيائون. اهڙي قسم جون مداحون اول ميان سرفراز ڪلهوڙي[10] ۽ جمن چارڻ چيون آهن.

ميان سرفراز:

لا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون،

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين تون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

جمن چارڻ:

يا پير پيران دستگير!

ديدار جو مشتاق من، مون کي پسائين پاڪ تن،

مشرف ڪرين جڳ ۾ جمن، توهان گهران امن و امن،

يا پير پيران دستگير!

اهو شعر جو نمونو ٽالپرن جي اڌ حڪومت تائين هليو. مير ڪرم عليءَ جي ڏينهن ۾ سنڌي شاعرن شروع ڪيو. انهيءَ وقت جي ماڻهن مان پهريون سيد ثابت علي شاهه ولد مدار علي شاهه هو، جنهن موزون شعر چيو. هن صاحب مرثيا، منقبت، هجو وغيره گهڻائي چيا آهن. سندس ڪلام مان ٽڪرو مثال طور هت ڏجي ٿو:

جنگ جا نوبت نغارا ٿيا شروع،

حشر ٿيو مقتل ۾، مارو سو به سو ،

اُت مُنادي موت جي ٿي ڪُو به ڪُو،

رُڪ جي بادل مينهن ٿي برسايو لوهُو،

ٿيا ڳڙن جيئن تير، ۽ وڄُ جيئن ترار،

شاهه ٿي نت شڪر ڪيا بر ڪرد گار.

هيءُ وقت سنڌي ادب لاءِ ٽي بهاري ثابت ٿيو. منجهس چڱا چڱا شاعر پيدا ٿيا، جن موزون شعر چيا. فرمانروا مير خود اديب ۽ با ڪمال شاعر هئا، تنهنڪري شاعرن ۽ اديبن جو وٽن ڪافي قدر هو، انهيءَ ڪري گهڻائي شاعر پيدا ٿيا.

موزون شعرن ۾ مڪمل ديوان لکڻ جو شرف خليفي گل محمد هالائيءَ کي نصيب ٿيو.[11] خليفو گل محمد 1226هه ۾ ڄائو هو. هن صاحب علم عروض جي مکيه بحرن تي سنڌيءَ ۾ گهڻائي غزل چيا آهن. هن منزل تي سنڌي شعر ۾ غزلن، ڪافين ۽ قصيدن جو واڌارو ٿيو. خليفي صاحب پنهنجي ڪلامن ۾ گهڻو ڪري نج سنڌي ڪم آندي آهي. سندس غزلن مان هڪ نموني طور هت ڏجي ٿو:

خوب ناهي پوک کي پاڙان پٽڻ،

ڦر ڪچو ڀترن ۽ ٺڪرن سان سٽڻ.

جوار مُٺ تي ڪني اُڀري شروع،

ڪيڪ کي ڪتي اندر گهرجي ڇٽڻ،

جت ٻُڙو هڪڙو زياده ٿو جُڙي،

سُٽ نيئي پنهنجو اُتي گهرجي مٽڻ.

جي پوي ڀرجي ڪُپو گيهه تيل سان،

سرت سان گهرجي سگهو اُن کي ڏٽَڻ،

ناهي سڀ سودي ۾ کٽيو ۽ ڇيهو،

ڪٿ آهي هارڻ ڪٿي آهي کٽڻ،

راند ۾ ڇوڪر ابا هوشيار ٿي،

هي مڙسي کينهون ڏوران ئي جهٽڻ،

سامهون صف جُنگ مڙسن جي گهڙي،

پوءِ نه لازم ”گُل“ وري پٺتي هٽڻ.

انهيءَ کان پوءِ واري زماني ۾، آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله پراڻن هالن وارو وڏو شاعر به موجود هو. سندس ”ديوان قاسم“ پڻ موجود آهي. سندس سال ولادت 1234هه ۽ سال وفات 1309هه معلوم ٿئي ٿو. آخوند صاحب حيدرآباد ۾ گهڻو وقت رهيو. اُتي درس و تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس مڪتب ۾ هندو خواهه مسلمان گڏ پڙهندا هئا. ”ديوان قاسم“ مان هڪڙو غزل هيٺ ڏجي ٿو:

نه يڪدم دور ٿي دل کان ڏنل دلدار جو اخلاص

هنئين آهيم هر هر هن هنئين جي هار جو اخلاص

رکي پڪ پرت پائڻ جو، اسان سان لاڳ لائڻ جو

سدا موهي ڇڏي مون کي مٺل منٺار جو اخلاص

مدامي من اندر محڪم هجي جي جان ۾ هر دم

مٺي محبوب مشفق جي سندي جنسار جو اخلاص

رکي بلبل برهه ڀيرو، ٻڌي جيئن ساڻ گل گهيرو

اندر ۾ آهه عاشق جي پريان جي پار جو اخلاص

رکي جڙ جان ۾ جنهنجي ڪري ”قاسم “ طلب تنهنجي

رهيم منجهه روح اسدالله عظمت دار جو اخلاص.



هن دور ۾ موزون شعر جو رواج ڦوهه جوانيءَ کي وڃي پهتو ۽ ڏوهيڙن جي پيري ٿي. وقت اهڙو اچي بيٺو، جو ڏوهيڙن چوندڙن کي شاعر ۽ ڏوهيڙن کي شعر چوڻ کان به ماڻهن نفرت پئي ڪئي.

آخوند محمد قاسم کان گڏ سيد فاضل شاهه رهندو هو، جو پڻ چڱو شاعر هو.[12] سندس ”ديوان فاضل“ مشهور آهي. فاضل شاهه پنهنجي شعرن ۾ ڪوشش ڪري ٺيٺ سنڌي ڪم آندي آهي، جا ڏاڍي وڻندڙ آهي. نموني لاءِ سندس هڪڙو غزل هيٺ ڏجي ٿو؛

منجهه اندر ئي آڳ اٽي ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ،

جوش ۾ ٿي جان ڦاٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ،

درد ۾ دل درد مندن جي جلي منجهه جوش جند،

ڄر وڌي ڄيري ڄراٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

هانو هڏ چم آ ڱرا سڀ سجهايا مغز ماهه،

عشق جي آتش اُساٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

دمبدم غم ۽ الم جي ساهه تي هر صبح شام،

باهه ٻڙڪن کي ٻُساٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ.

فڪر ”فاضل شاهه “ اندر ٿا اُڀامن آڳ گهاو

ڌڙ ڌريائون قلب ڪاٽي، ٻهر نڪري ڪين ٻاڦ

سيد فاضل شاهه هڪ غزل ۾ عجيب صنعت ڪم آندي آهي، جنهن کي ”مهمله“ چوندا آهن، يعني جيڪي لفظ ۽ اکر غزل ۾ ڪم آندا اٿس سي سڀ، سواءِ پنهنجي نالي جي، نقطن کان سواءِ آهن. عام واقفيت لاءِ اهو غزل يا مهمله هيٺ ڏجي ٿو:

دلاور دلارام دلدار لاءِ

سدا سڪ، م رسُ، راس رههُ ، رسُ رساءِ

مڪر حرص هورا، مهوس م هو،

طمع رک م طامع گدا گهر گساءِ،

سکر سال سالڪ همه حال رهه،

اکر علم وارو عمل ڪر، الاءِ

گدا سر سدا ڪر ڪرم گار،

سگهو واءُ ڪو وصل وارو وراءِ

مڪمل اهو مهملو ڪهه ڪلام،

اکر مهملا هر طرح لک، هلاءِ

اها رسم ”فاضل“ محال آهه مام،

حسد ڪار حاسد هوس هاءِ هاءِ

پوءِ ته گهڻائي شاعر پيدا ٿيا، جن موزون شعرن جون پلٽون پلٽيون، جيئن ته مير عبدالحسين ”سانگي“، جنهن جو ”ديوان سانگي“ موجود آهي.[13] ديوان ليلارام وطن مل جو ”ديوان خاڪي“، ۽ حافظ حامد جو ”ارمغان حامد“ وغيره.

سنڌي شعر جي تاريخ ۽ سنڌي شعر جي ٻولي اسان ڏسي ورتي. معلوم ٿو ٿئي ته جيئن جيئن وقت ويو آهي گذرندو، تيئن تيئن سنڌي شعر ۽ سندس ٻوليءَ ۾ ويو آهي ڦيرو پوندو. ڏوهيڙن واري زماني ۾ جا ٻولي اسحاق آهنگر، قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم ڪم آندي آهي، تنهن کان ٿورو ڦريل وري مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالله ۽ مخدوم محمد هاشم ڪم آندي آهي.

شاهه عنايت قادري، شاهه عبداللطيف ۾ شاهه عنايت الله رضوي ۽ مخدوم محمد زمان لواري واري، وري به ڪي قدر ڇنڊيل ڇاڻيل ٻولي ڪم آندي آهي. باقي ٽي منزل تي منزل تي جن شاعرن علم عروض جي قانون اندر شعر چيا آهن، تن جي ٻولي اڃا به نرالي آهي. تنهن مان گمان ٿو آڻجي ته سنڌي ٻولي به گهڻيون ئي منزلون طئي ڪري اچي هن منزل تي پهتي آهي. انهن منزلن اندر سندس گهڻيون ئي صورتون بدليل ٿيون ڀانئجن. اهڙي مونجهاري کي پري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ لکي وڃي.[14]


  1. قاضي قاضن جا ڪل 7 بيت آهن، جن عالمن سميت سنواري لکيا آهن. گرامي.
  2. اصل ۾ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن بيت کي وسعت بخشي (سن 1020-1090هه) جنهن جا بيت ٻن سٽن کان وڌيڪ آهن-گرامي
  3. هيءُ بيت شاهه شهيد جا ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا، مگر انهن جو ڪو علمي ۽ مستند ماخذ معلوم ٿي نه سگهيو آهي. فقط سڀ عالم، ديوان خوشيرام جي ننڍڙي ڪتابچي ”صوفيانه ڪلام“ مان اهي بيت نقل ڪندا آيا آهن خود ديوان صاحب ڪو به محققانه حوالو نه ڏنو آهي. ٻيو ته فقط عنايت لکيو اٿس، جنهن مان ڪا به صفائي ٿي نٿي سگهي.
  4. اصل ۾ ”عنات“ ۽ ”عنايت“ جي نالي ۾ ٻه ٽي نالا اچن ٿا. هڪ شاهه عنايت رضوي نصرپوري، جنهن جو شاهه لطيف همعصر هو، ٻيو شاهه شهيد، ٽيون فقير عنايت، جو لطيف جو مريد هو. بيتن جي انتخاب ڪندي ڪيترن عالمن انهن ٽنهي بزرگن جو ڪلام خلط ملط ڪيو ٿو ڏسجي-گرامي
  5. ان سلسلي ۾ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن جو ڪلام جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرتب ڪري شايع ڪيو آهي-گرامي.
  6. آبيات سنڌي، نالي ڪتاب علامه دائود پوٽي جو ڇپيل آهي. جنهن ۾ مخدوم محمد زمان لواريءَ واري جا بيت، شرح ۽ معنى سان ڏنل آهن- گرامي.
  7. چيو وڃي ٿو ته لطيف جي ساڻس وڏيءَ عمر ۾ رهاڻ ٿي. سندس ئي اشاري تي لطيف مارئيءَ جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا ۽ لطيف جي مشوري تي شاهه عنايت سسئي جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. حالانڪه شاهه عنايت وڏيءَ عمر جو، پخته ڪلام شاعر هو، ۽ لطيف نوجوان هو. سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو قياس صحيح نه آهي-گرامي.
  8. شاه عنايت رضوي نصرپوري جو ڪلام جناب ڊاڪٽر بلوچ مرتب ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ، ڇپايو آهي- گرامي.
  9. لطيف کان اڳ ان قسم جو ڪلام شاه لطف الله قادري جو آهي. جنهن جو ڪلام تازو ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرتب ڪري ڇپايو آهي-گرامي.
  10. ڪن محققن ان کي ملا سرفراز جي تاليف قرار ڏنو آهي. ٻيو ته ميان سرفراز جو فقط فارسي ڪلام موجود آهي. (گرامي)
  11. عروض تي غزل سڀ کان اول سچل سرمست چيا آهن، باقي پهريون مرتب ”ديوان گل“ چيو وڃي ٿو. (گرامي).
  12. فاضل شاهه ”فاضل“ جا هم عصر ۽ صاحب ديوان ٻيا به گهڻا آهن، جي ادبي تاريخ ۾ ڏسڻ گهرجن ”فاضل“ قادر الڪلام استاد شاعر هو. (گرامي)
  13. ان ئي دور ۾ سانگيءَ جو استاد غلام محمد شاهه ”گدا“ و مرتضائي ٺٽوي استاد شاعر موجود هئا، جن کان پوءِ قليچ جو دور شروع ٿئي ٿو. (گرامي)
  14. هن سلسلي ۾ قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري مشهور شاعر آهي، جنهن کان پوءِ لطيف، شاهه عنايت رضوي نصرپوري ۽ مخدوم محمد زمان لواري وارا ۽ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي بيت ۾ فني ۽ معنوي حسن ۽ دلڪشي پيدا ڪري چڪا آهن. شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو ايڊٽ ڪيل 1968ع ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ يالاجي جي پاران ڇپيو آهي. (گرامي).