محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/منڍ
ڪن کي تپرس لڳندو ته”هيءُ هندو،هن جو مسلمانن جي نبيءَ جو احوال لکيو؟” ڪن کي دل ۾ ايندو ته”بس ! مڙس ويو جلد شيخ ٿيو” ڪن کي ته سائين ائين به ٻولائيندو ته “اجهو خوشامندڙيو !” مطلب ته جيترا ماڻهو اوتريون ڳا لهيون ،ماڻهن جا وات بند ٿيڻ جا نه آهن.کوهن جا بند وات ٿي وڃن ماڻهن جا وات بند نه ٿين.
هر سال ڳچ جيترن مسلمان ڇوڪرن جون ٻانهون مونکي سپرد ٿين ٿيون ڏسان ٿو ته پنهنجي نبيءَ سڳوري جي نسبت گهڻو ڪري ڪورَي جا ڪورا آهن.ٻيون ڳالهيون عجيب غريب روزمرهه پيا ٻڌن،پر نبيءَ سڳوري جي احوال مان نهايت غير واقف آهن.
مون هيءُ ڪتاب لکيو آهي ته مسلمانن خصوصي ننڍي ٽهيءَ وارن جون اکيون پٽجن،۽ پنهنجي نبيءَ سڳوري جو احوال پڙهي ڏاها ٿين.
هندو ٿي مون اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو،تنهن ۾ ڪهڙو ڀولو؟آءٌ هندو آهيان ۽ منهنجو هندو ڌرم ئي مونکي سيکاري ٿو ته هر ڪو پير پيغمبر،نبي ولي ،ساڌ سنت عزت جوڳو آهي.
مسلمان ته اسانجا ملڪي ڀائر آهن ۽ انهن جي قسمت اسان جي قسمت سان ڳنڍي پيئي آهي،تڏهين ته ضرور آهي جو اسان هڪ ٻين جي بزرگن جي احوالن مان واقف ٿيون ۽ انهيءَ ريت به پاڻ ۾ سلوڪ جو رستو وڌايون.
پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته هن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ مونکي مولوي عبيد الله صاحب پير جي جهنڊي واري ۽ مولوي محمد علي شاهه معلم فارسي سنڌ مدرسه واري کان نهايت گهڻي مدد ملي آهي.جنهن لاءِ آءٌ سندن تهدل سان شڪر گذار آهيان.
ڊسمبر سنه 1911ع لال چند امرڏنه مل جڳتياڻي