محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/20

محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
20. مديني وارا مريد ڪيئن ٿيا

هڪ لڱا حضرت محمد ﷺ حاجين ۽ واپارين کي پئي ٿي وعظ ڪيو ته ڪي منجهائن مديني وارا سندس سريلو ۽ سنجيدو ڪلام ٻڌي اچي امالڪ سندس مريد ٿيا.ٻئي سال وري ڳچ جيترا ٻيا به ڳوٺائي ساڻ وٺي زيارت تي آيا،جن پڻ محمد صاحب ﷺ کان ارشاد وٺي کلي دين اسلام اختيار ڪيو پوءِ ته مديني جي ماڻهو ويا هڪ ٻئي پٺيان مسلمان ٿيندا.