محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/22
سن 622ع ۾ مدينه جا هڪڙا 57 مسلمان هڪڙو وڏو قافلو ساڻ ڪري مڪي ۾ اچي سهڙيا ان وقت ڀنڀ اونداهه لڳي پيئي هئي.پهچندي شرط محمد صاحب ﷺ جو اچي سلام ڀريائون.
سندن ساٿي مسلمان ٿي رهيا ته پوءِ حضرت محمد ﷺ کي وينتي ڪيائون ته”حضرتا ! اوهان مديني هليا هلو اسان هيءِ قافلو ان لاءِ ئي سنڀرائي آيا آهيون”حضرت محمد ﷺ چين آءٌ اوڏانهن هلندس سهين پر اوهان مفت تڪليفن هيٺ ايندو.اوهان جا ڳوٺائي هروڀرو اوهان کي ستائي ڏيندا.” هنن جواب ڏنس ته”حضرتا ! اوهان ان جو الڪو ئي نه ڪريو.مدينه ۾ اٽلو اوهان جو آدرستار ٿيندو ۽ دين اسلام ترقي پائيندو”حضرت محمد ﷺ نيٺ آنهن ڪئي.پوءِ ته ڪنائنس اصل هي قول ورتائون ته خدا ڪري جي مدينه ۾ اوهان سوڀارا ٿيو ته ٻاروهي مديني ۾ ئي گذارجو.
ڇو نه قريشي لڪو ويٺو هو سمورو قصو ٻڌي ڏٺائين شڪار ٿو هٿن مان هليو وڃي.امالڪ اچي ڳوٺاين کي خبر ڪيائين سي ڊوڙي آيا مهمانسراءِ ۾ ڀانيائون جو مديني وارن جي سيج پڄايون ۽ ڇنڇري لاهيون.پر مديني وارا تيتري ۾ پسار ٿي ويا هنن گهڻيائي ڦولهه وڌي پتو ئي ڪون پين جهڙو ٻوٿ تهڙي چماٽ موٽي هليا ويا.
حضرت محمد ﷺ مدينه وارن سان ان وقت ئي ڪونه ويو چيائين “اوهان وڃو آءٌ ڏينهن پهر ۾ اچي منهن ڪڍندس.”
هاڻي مديني وارن جي ڏڍ تي حضرت محمد ﷺ امتين کي صلاح ڏني ته لڏي مديني هليا وڃو پوءِ هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي ڪن ٿورڙن ڏينهن ۾ سئو ڄڻا باقبائل وطن جا وڻ ڇڏي پرديس ويندا رهيا ۽ اڌ مڪي جو خالي ٿي پيو. مٿي مڪي ۾ مسلمانن مان ٻارن سميت وڃي بچيا ئي ٽي ڄڻا پاڻ حضرت محمد ﷺ سوٽس علي رضه ۽ سهرس ابوبڪر رضه