محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/34
ابو سفيان هارائي موٽي مڪي ويو ته گهر نئون ٻاهر نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنائين.شرم ٿي آيس پر جوڻس هنده تپائي ڏنس ۽ طعنن سان سٽي رکيانس چي” تو ۾ ٿوم ئي ڪانهي.رڍ جهڙو ڪو مڙس آهين .منهنجو ابو ۽ ادو موا آهن تن جو به بدلو نٿو هلي وٺين؟” ابو سفيان کي آخر جوش ڀريو ۽ قريشين کي ڪوٺائي چيائين ته “يارو! مچي مڙس ٿيو وهڻ ڪو ڪن جو؟هلو ته هلي وري لڙون. من هن ڀيري داءُ لڳي ۽ نصيب يا وري ڪري! قريشين ته ائين گهريو ٿي ست سو گهوڙي سوار ۽ ڪيترا پيادا پلٽڻ وارا سهي سنبهي ترت تيار ٿي بيٺا.
هوڏانهن مديني وارن کي به سماءُ پئجي ويو دشمن اچي ئي اچي تنهن کان اڳ حضرت محمد ﷺ سڀني مسلمانن ۽ ٻين کي گهرائي،کائن صلاح پڇي ته “شهر کان ٻاهر هلي اتن دشمن سان سامهون پئون يا پاڻ هتي ئي ويٺا رهون.اچن ته رڳو پنهنجي بچاءُ لاءِ ساڻن لڙي کين هٽائي ڪڍون؟ مونکي ته پوئين ڳالهه پسند آهي.” ٻين پير مردن به سندس راءِ کي ٽيڪو ڏنو.باقي نوجوانن چيو ته “ويٺي مان ڇا ورندو؟ هلو ته کلئي ميدان ۾ هلي ساڻن لڙون ڪين ته “محمد صاحب ﷺ چيو “چڱو” پوءِ يڪدم تياريون ٿيون ۽ 1000 لشڪر نڪري نروار ٿيو.ان هزار ۾ 300 هوا يهودي مسلمانن جو منجهن ايمان نه ٻڌو تن کي چيائون اوهان اتيئي ويٺا رهو.باقي پاڻ 700 ڄڻا اچي ميدان ۾ وارد ٿيا وٽن گهوڙي سوار فقط ٻه هوا ۽ ٻيا ٿورڙا ڪي تير انداز ڇانوڻي وڌاون .احد جي پهار تي احد آهي.مديني کان 3 ڪوهن جي مفاصلي تي اتي قريشي به اچي سهڙيا ساڻن سڄو سارو 3000 لشڪر هو.ڪامپو وڌاءُ اصل مسلمانن جي نڪ سامهون.
صبوح ٿيو ۽ مسلمان صبوح جي نماز پڙهي پالها ٿيا ته ڏٺائون مار هيڏو سارو ڪٽڪ دشمن جو ! گهٻرائجي ويا. محمد صاحب ﷺ همٿائن ۽ هيٺ ميدان ۾ آڻي چوڌاري کين قطارن ۾ ائين بيهاريائون جو مجال دشمن ڪٿان به بي ڌڙڪ منجهن اندر گهڙي اچي.تير اندازن کي سو ٽڪري تي ئي بيهاري ڇڏيائون ۽ چئي ڇڏيائين “ڇا به ٿي پوي اتان چرجو نه”
سورج شاخون ڪڍيون ته قريشي به هيٺ آيا ۽ ترسيا به ڪين وٺي مسلمانن تي حملو ڪيائون پوءِ ته رڪ رئي لڳي ويئي.گهوڙا جي ڊوڙيا ان ڪري مٽي جا اٿي سو چوگرد ڪارا ڪڪر ٻڌجي ويا امڪان هو ته مسلمان کٽندا پر نصيبن کي سندن تير انداز ڏٺائون جو قريشن ۾ اچي ڀاڄ پيئي آهي سو ڦرلٽ جي لالچ تي ٽڪري ڇڏي هيٺ ميدان ۾ لهي پيا قريشي اتي ڦيرو کائي سڀن طرفن کان ويڙهي وين. مسلمانن جي ڪائي ڪمائي ڪٽ ٿي ويئي.حمزه شهيد ٿي ويو خود محمد صاحب ﷺ کي منهن ڌارو هڪڙو پٿر اهڙو لڳو جو ڏند ڀڄي پيس.تنهن ڌاران منهن ۾ هڪڙو تير به لڳس مسلمانن جو هڪڙو جهنڊي وارو هو شڪل شبيهه سڌ پڌ حضرت جهڙي هيس اهو به ڪو مارجي ويو تنهن تي هل هلي ويو ته حضرت محمد ﷺ پاڻ پورو ٿي ويو.سردار ڪريو ته باقي سپاهه ڪهڙو ٿو ٻوٽو ٻاري؟ مسلمانن ۾ اچي ٽاڪوڙو پيو ڪي ته پڇ پائي اٿي ڀڳا ڪي ماٺ ڪري ويهي اتيئي بيهي رهيا باقي ڪي ٿورڙا هوا جي اڃا پي لڙيا چي” جتي اسان جو سردار سڌاري هليو اتي اسان به پٺيانس” حضرت ابوبڪر کي ته ڳالهه دل سان نه پيئي لڳي چي “ٿيڻي ناهي جو حضرت محمد ﷺ وصال ڪيو هوندو؟”ڪن تنهن تي پڇيس ته “اهو ڪيئن ٿا چئو؟”چي حضرت محمد ﷺ کي جنهن ڀلي ڪم لاءِ خداوند اپايو آهي سو اڃان پورو نه ٿيو آهي ته پوءِ ان کان اڳ هئڙو ڪارڻ ڪيئن بڻبو؟” ڳالهه هيئن هئي ابو عامر راهب پڙ جي گهٽ گهٽ ۾ مسلمانن جي ڪرڻ واسطي ڪي کڏون کوٽي ڇڏيون هيون.حضرت محمد ﷺ ان مان هڪ جي ڀر تي بيٺو هو ته قريشي هڪڙي اچي کيس ترار هنئي ۽ هيءُ صاحب وڃي ان کڏ ۾ پيو پر طلحه امالڪ هيٺ لهي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ اتيئي حضرت علي مڙسي ڪري ڪڍي ٻاهر ڪيس ان وقت حضرت محمد ﷺ کي بدن تي ٻه زرهون پيل هيون ۽ ماڻهو فقط 14 ساڻس هوا.
لڙائي پوري ٿي ته هنده پڙ ۾ ٿي بيٺي ۽ حمزه جو لاشو ڪپي ڳترا ڳترا ڪري سندن هنياءُ ڪڍي وات ۾ وجهي وٺي ڏند
قريشي موٽي پنهنجين ڇاوڻين ۾ ويا ۽ مٿان رات به پيئي ته حضرت محمدﷺ به ڪجهه جوان ساڻ ڪري پڙ ۾ ٿي بيٺو حمزه جو هئڙو حال ڏسي کيس تاءُ آيو حڪم ٿي ڏنائين ته قريشين جي مردن جو به اهڙو ئي حال ڪريو.ته مٿان وحيءَ لهي اچي روڪيس ته “ائين نه ڪر
ابو سفيان موٽي مڪي ٿي ويو تنهن وقت ڍنڍورو ڦيرائي مسلمانن کي ٻڌائيندو ويو ته “آئيندهه سال لڙائيءَ جو انجام وري بدر وٽ آهي.” مسلمانن اها ڳالهه قبول ڪئي پر آئنده سال ابو سفيان لڙائي جو ست نه ساري ڪونه سگهيو ۽ اها لڙائي لڳي ڪانه.
احد جي لڙائي ۾ سو مسلمانن جو نقصان نهايت گهڻو ٿيو ويساهه گهاتي به ساڻن ڏاڍي ٿي.