محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/39
محمدصاحب ﷺ ۽ ٻين مڪي وارن کي مديني ۾ آئي ڀريا ڇهه سال گذري ويا تنهن وچ ۾ ڳوٺ جو هنن منهن ڪونه ڏٺو ٺهيا ٺڪيا مزي ۾ ويٺا هوا اتي جي آبهوا سان هري مري ويا ڄڻ ڄوا نپيائي اتي هوا پر آخر اچي ساڻيهه سندي سار ٿين پرديس ۾ ماڻهو چاهي ڪهڙو به سکيو آسودو هجي چاهي وڏن وڏن عاليشان بنگلن ۾ رهندڙ هجي سو ها سندس حاضريءَ ۾ هٿ ٻڌيو بيٺا رهن هزار ها کڻي سندس در تي روز سلامي هجن ته به وطن ڪو بنهه وسري ويندس؟ اباڻو ڇنو جهونو پراڻو جنهن ۾ ڄائو هوندو انجي ڪڏهن نه ڪڏهن اڻ پڇو اچي اڪير ٿيندس.سار ڇا اصل هر کر اچي لڳنديس ته هيڪر مڙيوئي اکين سان وڃي اهي وطن سندا وڻ ڏسان ۽ انهيءَ اباڻي ڇني ۾ سمهي ننڊون ڪريان.
مڪي وارن کي ساڻيهه سندي سار جدا اچي ٿي ۽ حج جو چاهه جدا اچي ٿيو. ساڻن انصاري به شامل ٿيا. مڙيئي 1500 مڪي وارا ۽ انصاري سنبهي نڪتا. هٿيار پنوهار ساڻ ڪونه کنيائون .حضرت محمد ﷺ چين”جنگ ڪانه ڪرڻي اٿئون. هلون ٿا زيارت تي متان ڪنهن دل ۾ وڙهڻ جو وهم به وهاريو آهي.”
قريشين کي هيءَ جا خبر رسي سي چون”ڪن به سندن هنن کي ٿا مڪي ۾ اندر اچڻ ڏيون!” ۽ فوج سنڀرائي مڪي جي ٻاهران ٿي بيٺا ته اچن ته اتيئي گهٽيون، ڪعبه جي چوگرد به سپاهه بهاري ڇڏيائون تن کي سخت تاڪيد هو ته “خبردار ڪنهن به مسلمان کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني اٿو. مبادا ڪو مسلمان تڳي اچي ايسيتائين رسي به ، ته سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجوس.”
مسلمان جڏهن مڪي کي اچي قابو پيا ته اتان موڪليائون قريشين کي قاصد ته”اسان جو ارادو هي آهي “قريشين جواب موڪلين ته”ڪو ضرور ناهي متان اڳتي وڌيا آهيو سره سره جيڏا داڻا ڪري ڇڏينداسون.” ڪن نوجوانن ته پريان ئي وٺي حضرت محمد ﷺ تي پٿرن ۽ ڀترن جو وسڪارو ڪيو ۽ ان تي تڪڙا تڪڙا تير چلايا هي حال ڏسي مسلمانن کي چڙ لڳي وجهنديئي ٻک ڪن ٿورڙن قريشين کي، وٺي آين محمد صاحب ﷺ وٽ پر هن حضرت چين”متان ڪنهن به سندن نالو ورتو آهي امالڪ ڇڏي ڏيون.” قريشن کي وري نياپو مڪائين.
ما برائي وصل کردن آمديم
ني برائي فصل کردن آمديم
اسين لڙائي لاءِ ڪونه سنڀري آيا آهيون اسان فقط زيارت لاءِ آيا آهيون ٻيو به جيڪي شرط شروط اوهان وجهو اهي اسان کي قبول آهن ڪيئن به اسان کي اندر اچڻ جي اجازت مڙيوئي ملي.