ياد جانان (1922)
by دين محمد وفائي
06. ڪابل ۾ قيام
320347ياد جانان — 06. ڪابل ۾ قيام1922دين محمد وفائي

سنڌي مھاجرن جي اسپيشل ٽرين پنجاب مان لنگهي وئي ۽ انهن جو قافلو صوبه سرحد کان پار اُڪرجي ويو ته اچي پنجابين ۽ سرحدي پٺاڻن ۾ هجرت جو جوش ۽ شوق جاڳيو، اگرچه پنجاب وارن باقاعده ان معامله ۾ قدم کنيو مگر صوبه سرحد ۾ اهڙو ته اچي طوفان اٿيو جو ڪيترا ماڻهو سوچ سمجهه کانسواءِ ئي پنھنجا گهر سامان ساڙي ٻاري وطن مال ۽ پوک کي ڇڏي وٺي نڪتا، آخر اهڙي حالت بڻي جو جلال آباد يا ڪابل ۾ انهن ماڻهن جي رهائڻ جو پوريءَ طرح انتظام رکڻ مشڪل ٿي پيو، ان حالت تي غور ڪري ڪابل ۾ مھاجرن جي امداد ۽ انهن جي سنڀال لاءِ هڪ انجمن ٺاهي وئي، جنھن جو صدر شيخ المھاجرين مولانا عبيد الله صاحب سنڌي هو اُن جماعت جو نالو ”انجمن مھاجرين هند“ رکيو ويو. ان انجمن جي طرفان هڪ اعلان پڌرو ٿيو. جنھن ۾ ڄاڻايل هو ته ”جنھن حالت ۾هندستاني مھاجر تمام گهڻي تعداد ۾ ڪنھن دستور العمل کانسواءِ مختلف رستن کان افغانستان ۾ وارد ٿيا آهن ۽ سياري جي موسم ويجهي آهي تنھنڪري ان موسم جي اچڻ کان اڳ انهن جي رهڻ لاءِ بندوبست رکڻو آهي ته هُو آرام ۽ سُک سان رهن، جيستائين مٿيون انتظام پورو نه ٿئي تيستائين مھاجرن کي گهرجي ته هو افغانستان ۾ اچڻ بند رکن ۽ ٻئي حُڪم تائين انتظار ڪن، ڇو ته جي ماڻهو آيا آهن پھريائين انهن جو انتظام رکڻ ۽ انهن لاءِ بندوبست رکڻ ضروري آهي وغيره وغيره...... .“ ان اعلان تي انجي رئيس المھاجرين کانسواءِ ٻين ڪيترن نامور سنڌ ۽ پنجاب جي مھاجر ماڻهن جا دستخط هئا ۽ اهو اعلان امير امان الله خان خلد الله مُلڪھ کان منظور ڪرائي اخبار (اتحاد مشرق) جلال آباد جي معرفت شايع ڪيو ويو هو مگر ماڻهن اهڙن اعلانن تي توجھ ڪونه ڪيو ۽ هو لکن جي تعداد ۾ وڃي ڪابل ۾ گڏ ٿيا، ”انجمن مھاجرين هند“ انهن جي رهائڻ لاءِ گهڻو ئي انتظام رکيو مگر جڏهن انهن کي ترڪستان يا جبل السراج ڏانھن وڃي رهڻ جو حُڪم ڪيو ويو ته بگڙي بيٺا ۽ موٽڻ لڳا جنھن جو بيان اڳتي رئيس مرحوم جي هڪ تقرير ۾ اچي ٿو. مگر جنھن صورت ۾ پوءِ به اڃان ڪيترا مھاجر افغانستان ۾ رهيا هئا ته انجمن مھاجرين فيصلو ڪيو ته هڪ وفد مھاجرن جي پاران هندوستان ڏانھن موڪليو وڃي جو هندوستان وارن کي هجرت جي متعلق سچي واقعات ٻڌائي ۽ مھاجرن جي امداد لاءِ اپيل به ڪري.
ان وفد لاءِ انجمن پنھنجي طرفان رئيس المھاجرين مرحوم ۽ مير رحمت الله هُمايون لاهوري ۽ حڪيم سيد احمد اختر کي چونڊي هندستان ڏانھن روانو ڪيو ويو ۽ اُن وفد جو رئيس ۽ وڪيل ساڳيوئي اسانجو رئيس مرحوم مقرر ڪيو ويو. رئيس مرحوم جنھن حالت ۾ افغانستان کي پنھنجو وطن ڪري وڃي رهيو هو ته ان حالت ۾ نھايت ضروري اسباب سفر کانسواءِ ٻيو سمورو گهر جو سامان ڪابل ۾ ڇڏي پنھنجي اباڻي وطن جي سفر تي نڪتو. جڏهن هو سنڌ مان هجرت ڪري ويو هو ته هن سان سندس اهليه محترمه جا سرائي علي محمد خان لاهوري جي همشيره (خان بھادر امير علي خان جي پڳدار ڀاٽئي خان صاحب شاهه محمد جي بيوه) جنھن سان هن لاڙڪاڻي ڪانفرنس جي موقعي تي شادي جو عقد ڪيو هو) همراهه ۽ مونس زندگيءَ جي هئي، جنھن وقت هُو وفد وٺي هندستان ڏانھن روانو ٿيو ته انهن ڏينھن ۾ هو عصمت ماب حامله بلڪه قريب الولادت هئي. جنھن ڪري ولادت جي سھولت لاءِ پاڻ سان گڏ ورتيون آيو ۽ ٻيو سمورو سامان ڇڏي آيو.
جڏهن هو ڪابل ڇڏي جلال آباد (افغانستان) ۾ پھتا ته اتي جي مشھور اخبار ”اتحاد مشرقي“ هيٺين لفظن ۾ هڪ اعلان پڌرو ڪيو ته ”انجمن مھاجرين هند“ جي طرفان ڪابل مان عالي جناب نواب جان محمد جوڻيجه بئرسٽر ايٽ لا جي سرگردگي ۾ مير رحمت الله همايون ۽ حڪيم سيد احمد اختر شاهه جلال آباد پھتا وري صبوح جو هندستان ڏانھن انهيءَ خيال سان روانا ٿيا ته نو وارد هندِي مھاجرن جي بيٺڪن ۽ نوآبادئ جي آباد ڪرائڻ لاءِ هندستان مان امداد وٺي انهن جي سھوليت پئدا ڪرائي وڃي.“ آخر رئيس مرحوم 30 سيپٽمبر 1920ع خميس جي رات خيريت سان لاڙڪاڻه ۾ وارد ٿيو ۽ 4- آڪٽوبر جي لاڙڪاڻه ۾ هندو مسلمانن جو هڪ گڏيل جلسه ٿيو. جنھن ۾ شھر کان سواءِ ڪيترا ٻيا معزز مھمان سنڌ جي مختلف طرف مان اچي شريڪ ٿيا هئا، ان ۾ جناب رئيس مرحوم هيٺين لفظن ۾ تحريڪ هجرت واري قصه تي تقرير ڪئي.