پھاڪن جي حڪمت/باب پهريون/ضميمه

320072پھاڪن جي حڪمت — ضميمه1925مرزا قليچ بيگ

آئي ته روچي (روزي) ڳئي ته بلا.
اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت لاهيء کي به لعنت.
الله ڏئي بندو سَهي.
انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
انهي تريء تيل ئي ڪونهي.
اُڻٽيھ راتيون چور جون ته ٽيهين رات ساڌ جي.
بڻي ته بڻي نه ته دال روٽي گهڻي.
بيٺو ته لک جو ڪريو ته ڪک جو.
ٻُڌو ماڻهو به ٽئي ڏينهڻ نڪري.
ٻن زالنجو وَرُ تنهنجو قبر ۾ گهر.
تريء تي بهشت ٿو طبين.
توبَھ ڪَيم ترار ٻڌڻ کان جيسين رب جياري.
توڙي وڃي رُوم ته به ڍوڍي مٿي ٿُوم.
ٿُڪ پَٽَ ته اُڇلائي ڪير چٿيندو؟
ٽُٻڻي ٽاڻي هلي اَباڻي.
ٽڪو ڏيو ٿو ٽانڊو کڻائي.
پنهنجو رکي ٻئي جو چکي.
پنهنجي ۾ هَٿُ پرائي ۾ اکيون.
خويشي به خُشي سَودا بَه رضا.
سِنڌ سئين وَڻ ڏنگا ماڻهو منجهس خلم- جيڪو کڻي موچڙو تنهنکي ڪن سلام.
سَؤنٽي هُجي ساڻ ته گڏھُ گوهي نه ڪري.