ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/01
(1)
سا مـَـن[1] سک[2] ”مراد چوي، جا پر پتنگن،
اچن اَجـَـلَ سامهان، سـِـرَ جو سانگ نه ڪن،
جن کي موت مشاهدو، سي رَتي ڪين رهن،
ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پـِـرَ جي.
(2)
جي اچين تان اچ، اَٿـِـي اڄ ”مراد“ مشاهدو،
پـَـئـِـي پروانن جان، رنگ پريان جي رَچ،
پـَـسي موٽ مَ مـَـچُ، اَٿـِـي سـِـرَ جي ساٽي سـُـپرين.
(3)
جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،
مٿي مچ، ”مراد“ چئي، ڪئي پتنگن پچار،
ته جيئري جانب نه مـِـڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،
دوساڻيءَ درٻار، ٿا مـُـوا ڪن مشاهدو.
(4)
جي اچين تان آءُ، اَٿـِـي اڄ ”مراد“ مشاهدو،
پئہُ تون پروانن جان، مٿي عشق اُهاءُ،
ترس مَ پـَـسي تاءُ، اَٿـِـي سـِـرَ جي ساٽي سـُـپرين.
(5)
محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،
جو آڏو عجيبن کي، آهي هئڻ جو حجاب،
مـَـرُ ته ٿئين، ”مراد“ چوي، محبوبن جو باب،
جئن سو گل گلاب، ٿـِـي[3] پيش چـُـڪايو پاتشاهه.
(6)
جي تون عاشق آهئين، وڃي سور وِهاءِ،
سدا سـِـڪ پرين جي، اندر روح رِهاءِ،
اکين منجهه ”مراد“ چئي، ڪر جانب جي جاءِ،
پل پل ۾ پيو پاءِ، سـُـرمون سپرين جو.
(7)
جي تون سچي ساهه، آهي سـِـڪَ پرين جي،
ته مـُـڙج مَ ملامت کون، هيءَ رهبر اَٿـِـي راهه،
ٻـُـڌي ٻوڙو ٿيءُ تون، ڪـَـنين وجهه ڪپاهه،
ڪـُـڇ ڪنهين سان ڪينڪي، جا وڻي سا واه،
صبر ريءَ صلاح، ٻي ڪانهي مـُـور، ”مراد“ چئي.
(8)
جي تون سـِـڪَ پرين جي، ته ناحق ڏور مَ ڏُور،
”هـُـوَ الاول، هو الاآخر“ ، جيئن سو نيڻين نور،
”هـُـوَ الظاهر، هو الباطن“ ، هر دم آهه حضور،
ٻيا سڀ فنڊ فـُـتـُـور، ماري ڪڍ، ”مراد“ چئي.
(9)
مـُـئن جي مت، ”مراد“ چئي، هنئين آڻ مَ هـَـڏِ،
ڀانڊو ڀـَـڃ ڀـَـرم جو، هي ٺـِـڪرُ ٺوڪي ڇڏ،
ته ڪـُـنڀر ڪـَـچئين گڏ، توکي ٻيهر ٻاري ڪينڪي.
(10)
مـُـئن جي مـَـتِ، ”مراد“ ، چئي، تون هنئين هـَـڏَ مَ آڻ،
سو ٺـِـڪـُـر ٺوڪي ڇڏ تون، جنهن ڀانڊي پـِـيـَـڙو ڀاڻ،
ته ڪـُـنڀر ڪـَـچئين ساڻ، توکي ٻيهر ٻاري ڪينڪي.
(11)
هڪ وار نه ڏٺئي يار، ٿو وايون ڪرين وصال جون،
ڪـَـيئـِـي نه قطري جيترو، دل اندر ديدار،
لافون اڳيون لوڪ جي، ٿو هڻين لک هزار،
”لـَـعنت الله عـَـلـَـي الڪاذبـِـين“ ، هيءَ ڪوڙن سين ڪار،
جي پـُـڄئي ته پار[4]، نه ته مٺي ماٺ، ”مراد“ چئي.
(12)
جئن سو سهس سمنڊ ۾، لهرين[5] لک هزار،
تئن وحدت جي درياهه مان، ٿيو پيدا سڀ سنسار،
ڄمڻ مرڻ ”مراد“ چئي، پـَـسُ پاڻيءَ جو پارُ،
ٻيو ڪونهي ڌڻي ڌار، آهي سڀ گهـَـٽ نـُـور نـِـسهرو.
(13)
ڪـَـهڻي ڪـَـهي سڀڪو، پر رَهڻي ڪين رهن،
ذات نه پـُـرجهن پانهنجي، ٿا ٻڌيو بات بـَـڪن،
سي مـَـنَ ميرا ”مراد“ چوي، لڪيا ڪين لـِـڪن،
توڙي ڪوَڙين مـَـڪـَـر ڪن، ته به پارين آهن پڌرا.
(14)
جن کي عشقَ جاڳائيو[6]، سي نيڻين ننڊون ڪئن ڪـَـنِ،
پـِـي پيالا پـُـر ٿيا، هٿئون حبيبنِ،
صورت سـُـپرين جي، اٺ ئي پـَـهر پـَـسنِ،
”مراد“ مرادون تن، پـِـرَ گڏجـِـي پوريون ٿيون.
(15)
جن کي منجهه معراج، آهي حـَـج ”مراد“ حضور جو،
سي مـَـڪي جا محتاج، ڪامل ٿين ڪينڪي.
(16)
وحدت جن وجود، آهي ڪعبو تن جو ڪوڏيو،
سي ڪنهن کي ڪـَـنِ سجود، جي پاڻ ”مراد“ مـَـڪو ٿيا.
(17)
دنيا ڪارڻ دين کي، ٿو ورسيا وسارين،
کـَـٽـِـي بازي بانورا، هٿين ٿو هارين،
ماري مـَـن ”مراد“ چئي، جي وحدت ڏي وارين،
ته هوند جاڏي نهارين، تاڏي سـَـڄڻ پـَـسين سامهان.
(18)
تـَـنِ پرين، مـَـنِ پرين، چـِـتِ پرين، دل يار،
اندر ٻاهر سـُـپرين، وِٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبين ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سـَـڄڻَ پـَـسان سامهون.
(19)
تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ ماڪُ،
ڦوڙائو، فراق، توتي ڪونهي مـُـور، ”مراد“ چئي.
(20)
تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ پارو،
هيءَ پـَـسُ مَ پـَـسارو، جو آهي مڙو[7] محب، ”مراد“ چئي.
(21)
آٺن پهرن مان پهر، ۽ پاءَ پـَـهر کان ڀي ڪم،
گهـَّڙي تان گهڻو ٿئي، جي دُرس کڻي هڪ دَم،
ته هوند لـَـهنـِـين گوندر غم، محشر جا ”مراد“ چئي.
(22)
اَکر پڙهي سڀڪو، نـُـقطو پڙهي نه ڪو،
ورق جو وصال جو، ساري سـِـکي نه ڪو،
معنيٰ ڪارڻ ”مراد“ چئي، هٿ هڻندو پو[8] ،
وائي تنهن کي وو، جنهن دوست نه ڏٺو دل ۾.
(23)
ڪـَـنز، قدوري، قافيه، توڙي پڙهين نحو صرف،
توهه مـُـلن کان ”مراد“ چئي، اِيندءِ ڪين الف،
جنهن کي هاديءَ ڏنو حرف، تنهن کي علم سڀ عيان ٿيو.
(24)
حاجي مـَـڪي هليا، ۽ ٿا عاشق عرش وڃن،
هـُـو سير[9] پسي سرها ٿيا، هـُـو ٿا حج حضور پڙهن،
هن تـَـنَ مـَـنَ منجهه طواف ڪيو، هـُـو ٿا ڀورا ڀـِـت پـَـسن،
سي انڌا ساڻ سـَـڄن، ڪئن موافق ٿين ”مراد“ چئي.
(25)
هڪ عابد باغ بهشت لئه، ٿا ياد عبادت ڪن،
ٻيا طالب طريقن ۾، مـُـوڙها پـَـسُ منجهن،
ڪي قلبي، روحي، خفي، اخفا، سري نا سمجهن،
مهندان محب ”مراد“ چئي، ٿا حيف حجاب وجهن،
پر آءٌ قرباني تن، جن هي پردا ڦاڙي ڇڏيا.
(26)
”لا“ کي لاٿو جن، ۽ ثابت ڪيو اثبات کي،
سي عاشق اولا ۾ آڀا، ٿا نـِـت نماز پڙهن،
سي ذاتي ذات کي ويجها ٿيا[10]، ٿا سنمک سجدو ڪن،
سي هر دم پرين پـَـسن، جي ”مـُـوتـُـوا“ ٿيا ”مراد“ چئي.
(27)
هادي! هدايت جو، ڪو پيالو مون پيار،
مستي جا محبت جي، سا مون ڏات ڏيار،
وِسـِـرُ ڪـِـيم ”مراد“ چئي، مَ ڪي مون وسار،
سا ڪا نظر نهار، جنهن سان تنهنجي رنگ رَچي رهان.
(28)
ڪلمو پڙهي سڀڪو، پر پـُـرجهڻ پري ٿيو،
پڙهي جن پـُـرجهيو، تن ڪـِـينو ڪين ڪيو،
”انااحمد“ ، ”مراد“ چوي، وحدت منجهه ويو،
وڃي تـِـت پيو، جـِـت حـَـقَ حقيقت هيڪڙي.
(29)
ڪلمون قلوب ۾، سي هردم حق پـَـسن،
وڃي وحدت ۾ پيا، پرَتا سا پرين،
ري الله اکين ۾، ٻيو قطرو ڪين سهن،
”مراد“ مرادون تن، پـِـرَ پـَـسـِـي پوريون ٿيون.
(30)
چڙهي چيتن رنگ، لـُـنءَ لـُـنءَ ۾ لالي،
خاوند ريءَ خالي، سـُـئيءَ پاهو نه ڏسان.
(31)
هئڻ ساڻ الله، عيش نه عيشن جهڙو،
ڇاجي روءِ زمين جي، شاهي ڪري شاهه،
پر تنهن کان بهتر آهه، هڪدم هئڻ هوت سان.