گلقند/ڀاڱو ٻيو/1001 کان 1450
(۱۰۰۱) ڪانءُ- (۱) افلاطون، اُستاد،تريناڪ. “هو ڪانءُ آهي” (ڪانءُ سياڻو پکي). (۲) عيب- انهيءَ مائٽيءَ مان ڪهڙو ڪانءُ نڪتو جو توهان نه ڪئي”.؟
(۱۰۰۲) ڪانءَ جي چهنب ۾ موڪلج- بلڪل جلد موڪلج.
(۱۰۰۳) ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئجي- ڪنهن ۾ ڪو عيب ڏسجي ته هن کي اهو منهن تي چئي نه ٻڌائجي.
(۱۰۰۴) ڪائو کائڻ- گهٽجڻ. پاڻيءَ ڪائو کاڌو- پاڻي گهٽيو يا لهي ويو. تپ ڪائو نه کاڌو- تپ نه گهٽيو.
(۱۰۰۵) اها ته ڪبير به ڪٿي آهي- اهو ته ٺهيو پيو آهي. ]اکري معني ته ڪبير ڀڳت به ائين چئي ويو آهي[.
(۱۰۰۶) ڪتر پوڻ- گهٽ ٿيڻ. “نشي ڪم آڻڻ ڪري ڄمار ۾ ڪتر پوي ٿي”.
(۱۰۰۷) ڪتن جي چٺ- بلڪل ميرو باسڻ (ڪتن چٽيل).
(۱۰۰۸) ڪتي ٻلي کان قابو آهي- بلڪل سوگهو آهي.
(۱۰۰۹) (دل تي) ڪٽ چڙهيس- خراب اثر ويٺس.
(۱۰۱۰) ڪپڙن ۾ نٿو ماپي- تمام گهڻو خوش ٿيو آهي. ]خوشيءَ سبب اهڙو متو جو ڪپڙا سوڙها ٿيس[.
(۱۰۱۱) ڪچ مئڻ- گارگند ڏيڻ، ڪنا لفظ ڪم آڻڻ.
(۱۰۱۲) ڪچو لائڻ- گلارو يا بدنام ڪرڻ، “سڄي ڪڙم کي ڪچو لاتائين”. (ڪچو- ڪلنڪ، عيب).
(۱۰۱۳) ڪچو کائڻ ٿو اچي- مارڻ يا وڙهڻ ٿو اچي.
(۱۰۱۴) ڪچو کير پيڻ- (۱) ڪنهن کان صلاح پڇڻ يا پوُري خاطري ڪرڻ ڌاران ڪو ڪم ڪرڻ. “ڪچو کير ڇو پئجي جو پوئين پڇتائجي؟” (۲) آزمايش نه هئڻ. “مون به ڪچو کير ڪو نه پيتو آهي- آزمودگار آهيان”.
(۱۰۱۵) ڪڇي ڦاڙجي- (۱) هوند ساروُ خرچ ڪجي. (۲) ڳڻتي ڳوتي ڪم ڪجي ۶۷۶.
(۱۰۱۶) اسان جي ڪڍ پيو اچي- اسان جي پٺيان پيو اچي.
(۱۰۱۷) (مال)ڪروُ مروُ ٿيو- زيان ٿيو، اجايو ويو.
(۱۰۱۸) ڪڪڙو ڪوُ لڳي پيئي آهي- سڃ لڳي پيئي آهي.
(۱۰۱۹) ڪک ڀڃي ٻه نٿو ڪري- ذرو ڪم نٿو ڪري.
(۱۰۲۰) ڪک ڪپڙيوُن پيو ميڙي- چريو ٿيو آهي.
(۱۰۲۱) (ڳالهه) ڪک ۾ لڳي بيٺي اٿم- گهڻو ويچار يا اونو اٿم.
(۱۰۲۲) ڪک وجهڻ يا ڪک وجهي ڍڪڻ- ڪنهنجا عيب يا ڪا گهٽتائي لڪائڻ. “ پٽس جي ڳالهه آهي ته ڏس ڪئن ڪک وجهي ٿو ڍڪيس”.
(۱۰۲۳) ڪلها گٺل اٿس- ڏاکڙن يا گهاٽن سهڻ تي هريل آهي.
(۱۰۲۴) شل ڪلها ڳاڙها ڪري ايندين!- ڳاڙهو ڊپٽو ڍڪي ايندين. (پٽ ساهرو). دعا ڪرڻ جو نمونو.
(۱۰۲۵) ڪلهو ڪلهي سان ڏيئي بيٺو- شامل يا مددگار ٿيو.
(۱۰۲۶) ڪلهو هڻڻ- برابري ڪرڻ. “ وڏن سان ڪلهو نه هڻ”.
(۱۰۲۷) ڪليوُن ڪنبڻ لڳيس- ڏڪڻ يا ڊڄڻ لڳو.
(۱۰۲۸) ڪنا گهڙڻ - اجايو سستيءَ ۾ وقت وڃائڻ. “نوڪري نه ڪندو ته گهر ۾ ويهي ڪنا گهڙيندو ڇا”؟
(۱۰۲۹) ڪن اوڙا ڪن ٻوڙا ڪيائين- ماٺ ۾ رهيو. (ائين ڏيکاريائين ڄڻ ته ڳالهه نه ٻڌايائين. ڀيٽيو- ڪن ٻوساٽيائين، ڪن لڪايائين (مرم واري ماڻهوءَ لائين چئبو).
(۱۰۳۰) ڪن ڀريائين- ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي ڪاوڙايائين.
(۱۰۳۱) ڪنڀ ڪرڻ واري ننڊ- گهڻي وقت تائين ڳوڙهي ننڊ، گهڻي غفلت. “چورن باهه ٻاري ڏني. پر پوليس کي ڪنڀڪرڻ واري ننڊ هئي”. ]رانوڻ جو ڀاءُ ڪنڀڪرڻ ڇهن مهنن کان پوئين جاڳندو هو[.
(۱۰۳۲) (ڳالهه) ڪن تائين آيس يا ڪن پيس- ڳالهه ٻڌائين.
(۱۰۳۳) (ڳالهه) ڪن پٺيان ڪيائين- ڌيان ۾ نه آندائين.
(۱۰۳۴) ڪن ڇٽي آيا- موُر نڪتو (کوٽ نه ٿي).
(۱۰۳۵) ڪن ڇڏائي آيو- پلؤ آجا ڪري يا پاڻ ڇڏائي آيو.
(۱۰۳۶) ڪن يا ڪنڙو ڏنائين- ڳالهه لڪي ٻڌائين.
(۱۰۳۷) ڪن رس اٿس- راڳ ٻڌڻ جو شق اٿس.
(۱۰۳۸) ڪن سپرو آهي- ٻڌڻ جو تکو آهي.
(۱۰۳۹) ڪن سن ۾- ڳجهيءَ طرح، لڪائي.
(۱۰۴۰) ڪن ڪڍينس- ڳالهه چورينس، منجهه لهينس.
(۱۰۴۱) ڪن کائي ويو- ڪڪ ڪيائين. (ڳالهين سان).
(۱۰۴۲) ڪن کڙو ڪيائين- چتايائين، ڳالهه ڌيان تي آندائين.
(۱۰۴۳) ڪن يا ڪنڙو کڻينس- ڳالهه چورينس.
(۱۰۴۴) ڪن ۾ ڦوڪ ڏنائينس- ڇيڙيائينس.
(۱۰۴۵) (ڳالهه) ڪن وجهينس- ڌيان تي آڻينس، ٻڌائينس.
(۱۰۴۶) ڪن وزير- همراز A confidant. “هوُ ڇوڪرو پيءُ جو ڪن وزير آهي” (لڪائي ڳالهيون ڪريس).
(۱۰۴۷) (توکان) ڪن هڻي ٿو- (توکان) ڊڄي يا ٽهي ٿو.
(۱۰۴۸) ڪنڌ تي چڙهندو ٿو وڃي- گستاخ ٿيندو ٿو وڃي.
(۱۰۴۹) ڪنڌ ڪڍائڻ- ناڪار ڪرڻ. “ منهن موڙڻ”.
(۱۰۵۰) ڪنڌ کڻڻ- مانائتو ڏسڻ ۾ اچڻ، ٻين اڳيان پاڻ کي شرمندو نه سمجهڻ. “ قرض لاٿائين ته ڪنڌ کڻڻ جهڙو ٿيو”.
(۱۰۵۱) ڪنڌ کي وهاڻو ڏيئي ويٺو- (۱) بيپرواه ٿي يا دلجائين ڪري ويٺو. (۲) ڪم جو اونو نه ڪيائين.
(۱۰۵۲) ڪنڌ ۾ ڪلي اٿس- هٺيلو آهي ]ڪنڌ ۾ ڪلي ته ڪنڌ نمائڻ (نئڙت ڪرڻ) مشڪل[.
(۱۰۵۳) ڪنڌ يا منهن مٿي ٿيس- مان وڌيس.
(۱۰۵۴) ڪنڌ هيٺ ڪيائين- (۱) لڄ ڪيائين- (۲) شرمندو ٿيو.
(۱۰۵۵) (سڀني سان) ڪنڊا پوکيا اٿس- (سڀني سان) بڇڙيءَ طرح هليو آهي. “ڪنهن سان رهائي ڪا نه اٿس”.
(۱۰۵۶) ڪنڊ ۾ رئڻ- ڳجهيءَ طرح يا لڪائي ڏک ڪرڻ. “چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ رئي”.
(۱۰۵۷) ڪنگڻ ڪڍي ويٺو آهي- کٽو آهي، پئسا نٿو ڏئي.
(۱۰۵۸) ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ڇڏ- ڌيان ڏيئي ٻڌي ڇڏ.
(۱۰۵۹) ڪنو ڪڍينس- منجهه يا سماءُ لهينس.
(۱۰۶۰) ڪچي يا ڪچڙي ڪانڀ- ننڍڙا ٻار، اها آڪهه جنهن ۾ ننڍڙا هجن”، ويچارو ڪچڙي ڪانڀ ڇڏي ويو”.
(۱۰۶۱) ڪنو وٽي ڪيائون- سڱ ڏيئي سڱ ورتائون.
(۱۰۶۲) ڪنول ڦريو اٿس- چريو ٿيو آهي.
(۱۰۶۳) ڪني مڇي. نه وڪامڻ جهڙي يا نڪمي شيئين. “ڪٻٽ آهي، ڪني مڇي ڪانهي جا نه وڪامندي”.
(۱۰۶۴) ڪڻ ڇڏي تهه ميڙڻ- تنت مال يا چڱي شيئين ڇڏي خسيس شيئين قبولڻ، بيهودي چونڊ ڪرڻ، ليلا هار وٺي چنيسر ڇڏيو سو گويا ڪڻ ڇڏي تهه ميڙيائين.
(۱۰۶۵) ڪڻو قرارو ٿيس- ڀاڳ وريس، نصيب کليس.
(۱۰۶۶) ڪڻي گهٽ ڪاسو ٿيو- ٿورو کٽو، ٿوري تان ڳالهه گٿي.
(۱۰۶۷)
(۱۰۶۸) ڪوڏر هڻڻ- سخت پورهيو يا ڪشالو ڪرڻ. “ ڪهڙي ڪوڏر هنئين اٿس جو ٽنگون ٽيڙي پيو آهي”؟
(۱۰۶۸) ڪوڏيءَ ملهه ٿيس- بلڪل بيمانو ٿيو.
(۱۰۶۹) ڪوُڙ ڪڇن مان ڪڍڻ- سچو ٿيڻ. “ماڻهو ڪوُڙ ڪڇن مان ڪڍن ته ڏيتي ليتيءَ جي رسم بند ٿئي”.
(۱۰۷۰) ڪوُڙي ڪنين ٻڌم- افواهي طرح يا هل ٻڌم.
(۱۰۷۱) (شيئين) ڪوسا ڪهر ڪري وڪڻيائين- بلڪل گهٽ اگهه ۾ وڪڻيائين” (ڪوهري هوڪا ڏيئي وڪڻن).
(۱۰۷۲) ڪوَ کائڻ- ڊڄڻ، ٽهڻ. “هو توکان ڪؤ ٿو کائي”.
(۱۰۷۳) ڪئي يا ڪتي ڪن وڍيا- (سيکت ملڻ ڪري) وري ائين نه ڪيائين. “ چغلين هڻڻ ڪري هڪ ڀيرو مار کاڌائين ته وري ڪتي ڪن وڍيا”.
(۱۰۷۴) ڪياڙي کنهڻ- ويچار ۾ پوڻ، منجهي بيهڻ. “پهريون ئي سوال پڇو مانس ته لڳو ڪياڙي کنهڻ”.
(۱۰۷۵) (ڪم ڪر ته خبر پويئي ته) ڪيتري ويهين سؤ آهي- (ڪم ڪر ته) حقيقت جي سڌ پويئي.
(۱۰۷۶) ڪيچ ٿيو- گهڻو ئي ٿيو. “ اٺ انب مليا ته ڪيچ ٿيو”.
(۱۰۷۷) (چورن جو) ڪيرو قائم آهي- پيڙه پڪي آهي. ڪنهن جي هڪالڻ يا ڪڍڻ جا نه آهن (شهر مان).
(۱۰۷۸) ڪي مينهاڻو ڪي ريجاڻو آيو- ڪجهه پئسو ڪٿان ته ڪجهه ڪٿان مليو (ڪي پنهنجو پگهار ڪي ٻئي هنڌان مليو). ]اکري معنيٰ ته پوک لائين ڪجهه مينهن جو پاڻي ۽ ڪجهه ريج جو(واهه يا درياهه جو) مليو[.
(۱۰۷۹) کاٽا کٽايائين- وڏيون رقمون کٽايائين. (جنجي پوُرائي ڪري نه سگهيو). کاٽو=وڏي کڏ (جا ڀرڻ مشڪل).
(۱۰۸۰) کاڄ وڌي اچو- کاڄ ٿانون ۾ وجهي اچو. “ ماني پائي اچو”.
(۱۰۸۱) کاروُ کٻر- جو ٻين کي کاري يا بگاڙي
(۱۰۸۲) کاکڙ کوُکڙ- ڦوڳ، ردي مال.Riffraff
(۱۰۸۳) کام کاڌو يا کام کاڻو- حاسد( جو دل ۾ حسد وچان سڙي).
(۱۰۸۴) (هوُ) کاڻيءَ مانيءَ تان کل نه لاهي- ڪنجوس آهي.
(۱۰۸۵) کٻو لنوائڻ- چڱو سوڻ ڳنڍڻ “ اڄ کٻو لنوائي آيو آهين جو سڀ سڻائي ٿي اٿيئي”. ]چون ته تتر کٻي پاسي لوين ته اهو سوڻ سٺو، تنهنڪري هئن به چون ته “ڏائو تتر ٻولائي آيو آهي”.
(۱۰۸۶) کٿي سان مهٽيائين يا منهن کٿي سان مهٽيائين- پڇتايائين.
(۱۰۸۷) کٿي ۾ ٽنگ وڌائين- ڪپت يا بي ايماني ڪري پنهنجي نوڪري يا روزگار جو رستو وڃايائين (مزور جي کٿي ۾ ٽنگ هوندا ته اَن وغيره کڻڻ لائين ڪو نه ڏيندس).
(۱۰۸۸) کٽئي وارو- پئسا کٽندڙ، ڪمائيندڙ- “پٽ وڻي کٽئي وارو ننهن وڻي لڌي واري”. (پهاڪو).
(۱۰۸۹) کڦڻکوس- ڪنجوس. “ چمچوس”. کڦڻ=ڪفن.
(۱۰۹۰) کچر کلو لاتو اٿس- گهڻو گوڙ ڪيو اٿس.
(۱۰۹۱) کڏون کڻڻ- ٻئي لائين نقصان جون واٽون ٺاهڻ. ۷۶۴.
(۱۰۹۲) کڏهرو يا کڏن کوٽ- جهيڙا ڪرائيندڙ.
(۱۰۹۳) کري آسامي- اعتبار جوڳو ماڻهو. جو پئسا نه الي.
(۱۰۹۴) کريو کير آهي- کريل يا اڍنگيءَ هلت وارو آهي.
(۱۰۹۵) (ڪم مان) کڙ تيل ڪو نه نڪتو- فائدو ڪو نه نڪتو.
(۱۰۹۶) کڙهه لٿي اٿس- مرم يا لڄ ڪانهيس. کڙهه=دري، (وات جي دري لهي پيئي اٿس). “ڏگهري لهڻ”.
(۱۰۹۷) ککر ۾ کڙو هنيائين- معاملو ڪرايائين (ڪنهن کي ڇيڙڻ سان). ]ککرين جي ماناري ۾ کڙو يعني ڀتر هنيائين[.
(۱۰۹۸) پنهنجيءَ کل ڀر پيو ڊڄي- گهڻو ڊڄڻو آهي.
(۱۰۹۹) کل مان دل ٿي- چرچي مان معاملو ٿيو.
(۱۱۰۰) کنڊ ٿو کائي- دل کي خوش ٿوڪري.
(۱۱۰۱) (ڪم مان) کنڊ ڦڪي آيو- ڪجهه نه ڪمائي آيو.
(۱۱۰۲) کگنهي ڳالهائين- سمجهه يا ويچار سان ڳالهائين.
(۱۱۰۳) کڻ پاءُ ڪرڻ- شيئين هڪڙي هنڌان کڻي ٻئي هنڌ رکڻ. “ ڳالهه جي کڻ پاءُ” ڳالهه جو ورجاءُ.
(۱۱۰۴) کڻي ڏنو اٿس- اُچايو يا ستايو اٿس.
(۱۱۰۵) (زميندارن) کوڙيون وڌيون- اَن جون جدا جدا ڍڳيون ٺاهيائون-
(۱۱۰۶) کوڙيءَ کي گهمرو اٿن. سڀ هڪ جهڙا آهن.۴۵۱
(۱۱۰۷) کوکر ٿيو ويٺو آهي- اختياري يا پئسو ڪونهيس.
(۱۱۰۸) کونگهرو ڦيهيائين- ذڪر ڪيائين (انهيءَ ڳالهه جو جنهن جو دل ۾ ساڙيا ڏک هوس). “بخار ڪڍيائين”.
(۱۱۰۹) (ڪهڙي) کيپ کٽي آيو؟ - (ڪهڙي) سوڀ ڪري آيو؟
(۱۱۱۰) کير وهي ڀت ۾ پيس- ڀاڳ وريس، چڱو فائدو ٿيس.
(۱۱۱۱) کير پي ڏس- آزمودو لهي ڏس (ڪم جو).
(۱۱۱۲) کير کنڊ ٿيا- پرتا، ٺهي ويا. “رت ٿي ويا”.
(۱۱۱۳) کير کير ۽ پاڻي پاڻي ٿيندو- سچ سچ ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿيندو. پورو نياءُ ٿيندو.
(۱۱۱۴) کير ۾ کنڊ وڌائين- (۱)ميلاپ ڪرايائين. (۲) چڱي ڪم ۾ مدد ڪيائين.
(۱۱۱۵) کير ۾ موُري وڌائين- ٺهيل ڪم ۾ ڦيٽارو وڌائين.
(۱۱۱۶) گاموُن سچار- بلڪل سپتيو “گامون” نالو سچار جو.
(۱۱۱۷) (دل پيئي) گانئوُن مانئون ٿئي- ]اکري معني دل ويچار ۾ گم ٿي وڃي ٿي، گهوتا کائي ٿي[. لڏي ٿي، دل ۾ ڊپ ٿو ٿئي.
(۱۱۱۸) گپ جو ڪلو آهي- پر متڙيو آهي ۷۸۱
(۱۱۱۹) گجي وڏي ڌار- دل وڏي ڪر، بي همت نه ٿيءُ.
(۱۱۲۰) گدڙ گپ ٿي- ٿورو مينهن وسيو. ] ايتري ٿوري گپ جا گدڙ جي پير کي لڳي ته سڪل زمين نظر اچي[.
(۱۱۲۱) (بيماريءَ ۾) گڏهه ليٽ ٿي- ماڻهو ٿورو بيمار پئي وري جلد چڱا ڀلا ٿيا ٿي.( جئن گڏهه ليٽي وري جهٽ اُٿي).
(۱۱۲۲) (ڪنهن جو) گرهه اٽڪيل ڪو نه اٿم- (ڪنهن جو) ڪجهه کاڌو نه اٿم يا ٿورو نه کنيو اٿم.
(۱۱۲۳) گگ نه ڳاريائين- وات پاڻي نه ٿيس، دل نه سرڪيس.
(۱۱۲۴) گل ڇني منهن ۾ نه ڏجي- ڪنهن جو عيب ڪنهن کي روُبروُ چئي نه ٻڌائجي.
(۱۱۲۵) گل ڪرڻ- وسائڻ. “بتي يا ڏئو گل ڪر”.
(۱۱۲۶) گل ڪرڻ يا نڪرڻ- خراب نتيجا نڪرڻ. “اهو مقدمو گهڻا گل ڪندو”. مقدمي مان گل نڪتا.
(۱۱۲۷) گنديءَ مانيءَ چريو آهي- بنهه چريو آهي. ڪپڙي ۽ کاڌي مان ئي چريائي ظاهر).
(۱۱۲۸) گنگ ٿڙڪيو ڳالهايائين- چٽيءَ طرح ڳالهه نه ڪيائين.
(۱۱۲۹) گنگي گانئين آهي- بلڪل ماٺيڻو آهي.
(۱۱۳۰) گوڏن ڀر ٿيو آهي- سقيم حال وارو ٿيو آهي.
(۱۱۳۱) (خط) گوڏن هيٺ رکيائين- جواب نه ڏنائين.
(۱۱۳۲) گوروئي گنگا تي اٿس- حال ڪونهيس، چٽ آهي.
(۱۱۳۳) گوش گذار ڪرڻ- (۱) ڌيان تي آڻڻ. (۲) ڌيان نه ڏيڻ. “ ڪن پٺيان ڪرڻ”.
(۱۱۳۴) گوئين کڻي ويو- (ٻئي کان) سرس ٿيو، کٽي ويو.
(۱۱۳۵) گيگ ملايائين- مکر يا ڊؤل ڪيائين.
(۱۱۳۶) ڳاٽي ڀڳا خرچ- ڳرا خرچ (جي ڳاٽو يا ڪنڌ ڀڃن).
(۱۱۳۷) ڳاڙهي ماڻ سان مئي ڏنائين- پئسا موٽائي نه ڏنائين.
(۱۱۳۸) ڳالهه رکيائينس- چوڻ مڃيائينس.
(۱۱۳۹) ڳالهه ڳنڍ ٻڌي ڇڏ-ڳالهه سچي ڪري سمجهه.
(۱۱۴۰) ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پيو- ٿوريءَ ڳالهه مان معاملو ٿي پيو.
(۱۱۴۱) ڳالهيون پيون ڳائبيون- ڳالهين جو ذڪر پيو ٿيندو
(۱۱۴۲) ڳائي گيهه جهڙي- گانئين جي گيهه جهڙي، چوکي. “انهيءَ جي رقم ڳائي گيهه جهڙي آهي؛ الي نه ويندو”.
(۱۱۴۳)
(۱۱۴۴) ڳاڻ ڳڻيا- پوراڳڻيل. “ڳاڻ ڳڻيا ويهه لڏون ڏنائين”.
(۱۱۴۵) ڳڀو راري- ٻار واري، جنهن زال کي ٻار ٿڻن تي هجي.
(۱۱۴۶) ڳجهه ۾ ڳنڍيس- اهڙيءَ طرح ڪم ٿيس يا آبرو رهجي آيس جو ڪنهن کي پتو به نه پيو.
(۱۱۴۷) (نشي سببان بت کي) ڳجهو کاٽ لڳي ٿو- اهڙيءَ طرح نقصان پهچي ٿو جو پتو به نٿو پوي.
(۱۱۴۸) ڳچ ڳريس- بت جو ماس ڇڻيس، ڏاڍو ڏک ٿيس.
(۱۱۴۹) ڳچيءَ ڳاري پيس- نيزاري ڪيائينس.
(۱۱۵۰) ڳر يا ڳلي لاتائينس- ڀاڪر پاتائينس.
(۱۱۵۱) (ڳالهه) ڳڙ ٿي پيئي- کرجي پيئي، مونجهارو ٿيو.
(۱۱۵۲) (قصو ئي) ڳڙ ڳڙ ڌاڻي ٿيو- کرجي يا منجهي پيو. شيون گڏجي مسجي وڃن ته چون مال ڳڙ ڳڙ ڌاڻي ٿيو.
(۱۱۵۳) ڳن ڏيڻ- (۱) (چانورن کي ڳن ڏي- ڪيويءَ سان اُٿلاهه. (۲) آءٌ پاڻيهي پيو ڳن ڏيندس- ڪم جي پورائي لائين پاڻيهي ڪشالو يا اُدم ڪندس. “ مٿا موُنا هڻندس”.]”ڳن”=اولوAn oar [.
(۱۱۵۴) ڳن مورڻ- ڳن يا اولو هلائي ٻيڙي هاڪارڻ.
(۱۱۵۵) (تو جهڙا) ڳنڍ ٻڌا پيا اٿس( تو جهڙن جي) پرواهه ڪانهيس.
(۱۱۵۶) ڳنڍ ڪوسي ڪري آيو- پئسا ڪمائي آيو.
(۱۱۵۷) ڳنڍ ڳنڍيل اٿن- هڪٻئي سان مائٽي يا لاڳاپو اٿن.
(۱۱۵۸) ڳنڍ ۾ ڪينهيس- پئسو ڪو نه اٿس.
(۱۱۵۹) ڳنڍ نٿو ڇوڙي- پئسو نٿو ڪڍي يا خرچي.
(۱۱۶۰) ڳنڍين ڳوڙهو متين موڙهو- پئسي وارو پر بيعقل.
(۱۱۶۱) ڳنر تي لت اچڻ- نه سهڻ جهڙي ڀيڙيا تڪليف اچڻ. ] ڪو آزاريندو ته چئبو ڳنر تي لت آئي[.
(۱۱۶۲) ڳڻي ڳوتي يا ڳڻي مئي ڳالهائين-ويچار سان ڳالهائين.
(۱۱۶۳) ڳؤرو ڳالهايائين- ڍرو يا آهستي ڳالهايائين.
(ناراضپي يا ڏک سبب).” ڳميو ڳالهايائين” = ڍرو ڳالهايائين ڳم= سستي. (زڪام سبب به ڳؤرو ڳالهائبو).
(۱۱۶۴) (ڳالهين) ڳوڙها ڪيا-( ڳالهين) منجهايو، پريشان ڪيو.
(۱۱۶۵) (سٽ) ڳوڙها يا ڳنڍيون ڳوڙها ٿيو- منجهو-
(۱۱۶۶) ڳوڙهو ٿي پيو آهين- متو آهين، ٿلهو ٿيو آهين.
(۱۱۶۷) ڳوڙهو ڳيهڻ- ڪجهه باسي پوئين نه ڏيڻ يا اُن جي پوُرائي نه ڪرڻ. مثلاً مائٽيءَ جي پڪ ڏيئي پوئين ڦرڻ.
(۱۱۶۸) ڳيتون ڏيئي قرض لاٿائين- قسطون ڪري يا تڪليفون سهي قرض لاٿائين.
(۱۱۶۹) گهاٽ جو سون- مٺو يا هلڪو سون.
(۱۱۷۰) گهاٽ يا گهاءُ گسايائين- ڪاوڙ جو وقت ٽاريائين.
(۱۱۷۱) گهاٽ گهڙڻ- (۱) رٿوُن رٿڻ. “ هن دل ۾ گهڻي گهاٽ گهڙيا (۲) ڪاريگريء جو ڊؤل يا نمونو بيهارڻ.
(۱۱۷۲) گهاٽي گهڙي پيس- مرڻ مهل گهڻي سختي ڏٺائين.
(۱۱۷۳) گهانگهو ڳچي پيس- ڦاٽو، وڏو بار سر تي کنيائين، پرڻيو. “(ڳٽ ڳچي پيس)”. گلا جو گهانگهو کنيائين= گلا پنهنجي گردن ۾ وڌائين يعني پاڻ تي گلا سٺائين. ] گهانگهو= ڳچي، ڀڳل مٽ يا ڪني وغيره جي[.
(۱۱۷۴) گهاءَ وڌائين- وڍ وڌائين، دل ڏکويائين.
(۱۱۷۵) (دهلارين) گهايوُن ڏنيون- دهل تڪڙا وڄايائون.
(۱۱۷۶) (سج) گهٽ به گهتان هو- لهڻ تي هو.
(۱۱۷۷) گهٽ ٻوُساٽ- زبردستي (ڪڇڻ نه ملي).
(۱۱۷۸) گهٽ گهٽيا اٿس- ڳالهائڻ بند ٿيو اٿس، ڪڇي نٿو.
(۱۱۷۹) گهچا ڪڍيائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.
(۱۱۸۰) گهر- زال (۱) ٻيو گهر پرڻيو آهي= ٻي شادي ڪئي اٿس. (۲) گهر ڊهي پيس وري جڏهن ڪي گهر ڪري يعني زال مري ويس وري جڏهن پرڻجي.
(۱۱۸۱) گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ- ٿوري ساک يا ڏيکاءَ لائين پنهنجو گهڻو نقصان ڪرڻ ۲۲۰.
(۱۱۸۲) گهر ٻڌو- پاڻ ۾ ٺهو يا ميلاپ ڪريو- يڪمشت ٿيو.
(۱۱۸۳) گهر جي گهريتڙي آهي- گهر کان ٻاهر نه اڪرندو آهي.
(۱۱۸۴) گهر جهلڻ واري- جا گهر هلائي سگهي.
(۱۱۸۵) گهر ڪرڻ- (۱) ٺهي وهڻ .To marry and settle (۲) ٺهي وهڻ.” هن ڇوڪري کي ساهرا گهر ڪرڻ نه ڏيندا يعني پنهنجي گهر ۾ ٺهي وهڻ نه ڏيندس (سندس افعالن يا پنهنجي بڇڙي سڀاءَ ڪري).
(۱۱۸۶) مرض گهر ڪري ويو يا ويٺو- پڪو ٿيو.
(۱۱۸۷) گهر کي سولو ٿو وڃي- پنهنجو سهنج ڳولي ٿو.
(۱۱۸۸) گهر گهاٽ ڪونهيس- نڌڻڪو آهي. “رلي مئو آهي”
(۱۱۸۹) گهر گهلو پير کڻڻ- (۱) گهر کان جلد ٻاهر وڃڻ (پراون گهرن ۾) ۲۴۲. ڌيءُ توڙي زال کي گهر گهلو پير کڻڻ نه گهرجي. (۲) اُٻهرو ٿي ڪو ڪم ڪرڻ.
(۱۱۹۰) گهر مان پيئي يا لڳي اٿن- پاڻ ۾ دشمني ٿي اٿن.
(۱۱۹۱) (ٻارن) گهر مٿي کڻي ڏنو- گهڻو گوڙ ڪيائون.
(۱۱۹۲) گهرءُ ۾ گهارجي- رضا تي راضي رهجي.
(۱۱۹۳) گهڙا ڀرڻ- خدمت يا شيوا ڪرڻ (ديس جا گهڙا).
(۱۱۹۴) گهڙي ماٽي جي سڌ ڪانهيس- اَلڙ يا بي آزمودگار آهي. ]دلي ۽ ماٽي (مٽ يا چاڏي) جي تفاوت جي سڌ ڪانهيس[.
(۱۱۹۵) گهڙي جا گهڙيال- وقت جون حالتون “ گهڙيءَ جا گهڙيال آهن؛ ڪڏهن سکه ڪڏهن دکه.۶۲۷
(۱۱۹۶)
(۱۱۹۷) گهنڊڻي ٿي لڳو - پٺيان ڪاهي پيو (ڇڏيئي نه).
(۱۱۹۸) گهڻو- ڪجهه نه (اُلٽي معني سان) “تو مان ٿيو ئي گهڻو”.
(۱۱۹۹) گهوٽ پيءُ ٿي ويٺو هج- بيپرواهه يا بنا اُلڪي ويٺو هج
(۱۲۰۰) گهوڙا يا گهوڙا ! هائين هائين ! گهوڙا گهوڙا ڪيائين = دانهون ڪيائين. (ڦريل ماڻهوءَ وانگر). گهوڙو پويس- مصيبت پويس. اشارو- چون ته اڳي ڌاڙيلا گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا ته ماڻهو پريائين “گهوڙا گهوڙا” ڪري پڪاريندا هئا هن معني سان ته ڦرياسون.
(۱۲۰۱) گهوڙي تي چڙهي آيو آهي- گهڻي تڪڙ ڪري ٿو.
(۱۲۰۲) گهوڙي ڪن برابر- ڀائپي ۾ سڀ هڪ جهڙا. ۶۱۴
(۱۲۰۳) گهيرو ڪرڻ- ويڙهي وڃڻ.To besiege
(۱۲۰۴) (پکي) لاتيون لنوين ٿو- ٻوليون ڪري ٿو.
(۱۲۰۵) لاٽوري ڏيئي ويس- (ڪجهه) چوري ڪري ويس.
(۱۲۰۶) لاشو به ڪونه لڀندس- بنهه چٽ ٿي ويندو.
(۱۲۰۷) لاک لاٿائينس- سيکت ڏنائينس، جٺ ڪيائينس.
(۱۲۰۸) لاکي جي مهل- سوير صبوح جو يا سج اُڀرڻ مهل.
(۱۲۰۹) لالا نگهري لڳڻ- ڪنهن تي آسرو رکڻ. ”هنجي لالا نگهري لڳندين ته ڪم نه ٿيندئين”.
(۱۲۱۰) لانگ ورايائين- چڙهيو( وهٽ تي، ٽنگ ورائي).
(۱۲۱۱) لاڻ نه لائينس- عيب نه لڳائينس، گلارو نه ڪرينس.
(۱۲۱۲) لاهه پاهه ڪيائين- (شي) هڪ باسڻ مان لاهي ٻئي ۾ وڌائين
(۱۲۱۳) لاهه لنگهايائين مٿاڇرو ڪم ڪري پوُرائو ڪيائين.
(۱۲۱۴) لاهڻي نه لاهينس- آبروُ نه وٺينس.
(۱۲۱۵) لاهي پاهي بيٺو – لوٺيو يا بي حيا ٿي بيٺو ۳۴۶.
(۱۲۱۶) ڪنهن لائقي لڳو –ڪنهن چڱي عهدي تي پهتو.
(۱۲۱۷) لائوُن- سنسڪرت” نمن” = نمائڻ ( گهوٽ ۽ ڪنئَار مٿا- وهانءَ مهل). لائوُن لڌائون = پرڻيا. پاڻ ۾ لائون اٿن= گهڻي محبت اٿن (زال مڙس جهيڙي).
(۱۲۱۸) لائي چائي ڪرڻ- چغلي هڻي جهيڙو ڪرائڻ.۴۳۴
(۱۲۱۹) (توکي) لائي ڳالهايائين- ٻين جي ڳالهه ڪندي (توکي) اَڻ سڌي طرح ٽوڪيائين.
(۱۲۲۰) (تيوڻ) لائي لائي کاءُ- ٿورو ٿورو ڪري کاءُ.
(۱۲۲۱) لايو سجايو ٿيو- ڪيل خرچ يا پورهيو سڦلو ٿيو.
(۱۲۲۲) لباس ٿو ٻڌي- ڳالهين ۾ ريبي يا ٺڳي ٿو.
(۱۲۲۳) لبيس- لباس زبان ۾ لبيس اٿس= مٺو ٿو ڳالهائي.
(۱۲۲۴) لٻ لٻ ڪرڻ يا لٻڻ- ڇڙٻون ڏيڻ، ستائڻ.
(۱۲۲۵) لٻي ٿٻي تي هليو-ترڪتال تي يا مفت ۾ پورائي ڪيائين.
(۱۲۲۶) لت ڳري ٿيس- تنهنجو بار پيس يا زور لڳس.
(۱۲۲۷) لتل ڦٽ اُکليا- دکن جي نئين سر يادگيري پيئي.
(۱۲۲۸) لٺ لڳي- لٺين سان مارا ماري ٿي، جهيڙو ٿيو.
(۱۲۲۹) لٽاڪو لٿو- مونجهاري جو يا ڏکيو ڪم پوُرو ٿيو.
(۱۲۳۰) اکين تي لٽ چڙهيو اٿس- ساڃهه ويئي اٿس.
(۱۲۳۱) لپو هڻڻ- ڪوڏر سان ڌڪ هڻي زمين کوٽڻ. کوهه جو لپو لڳو- کوهه کڻڻ جو ڪم شروع ٿيو- چڱو لپو لڳي ويس- چڱو وجهه مليس. لپا لائي ٿو کائي= وڏا وڏا گرهه ٿو کائي. ] لپو A spadeful [
(۱۲۳۲) لڄ آيس- لڄي ٿيو. لڄ ۾ پئي لڪو- شرمندو پئي ٿيو.
(۱۲۳۳) لڄ پت سان رهجي آئي - عزت آبروُ سان ڪم پوُرو ٿيو.
(۱۲۳۴) لڇ ڳنڍيل اٿن- پاڻ ۾ ٿورو ناتو اٿن. لڇ = ذرو.
(۱۲۳۵) پنهنجون لڏوُن ڀوري پنهنجي ٿالهيء ۾ کاڌائين- ڪنهن شريڪ کي ڪجهه سوکڙي طرح ڏنائين ته اُن جي موٽ مليس.
(۱۲۳۶) لڙڪ لڙي پيس- اکين مان ڳوڙها ڳڙيس، رئڻ آيس.
(۱۲۳۷) لڙهه لڳڻ- آڌار يا اجهو وٺڻ. ( لڙه= لٺ، آڌار).
(۱۲۳۸) (برسات) لڙهي لاتي- (مينهن) سانده ۽ گهڻو پيو.
(۱۲۳۹) لڪ لانچڻ- ڪمر ڪشڻ.(لڪ = چيلهه. لانچڻ= ڪشڻ)
(۱۲۴۰) لقب لاتائينس- تعديون يا جٺيون ڪيائينس.
(۱۲۴۱) لڪ لنگهايائين- تڪليف يا بيماري ڀوڳي چڙهيو.
(۱۲۴۲) لڪڙا ڏيڻ- مردو ساڙڻ. ( هندڪو رواج).
(۱۲۴۳) لک تي ڏئو ٿو ٻريس- وڏو شاهوڪار آهي.
(۱۲۴۴) لڳڻي ٻيڙي آهي- جتي اچيس تتي بيهو رهي.
(۱۲۴۵) لڱ ٿا مڙن- تپ ٿو اچي.
(۱۲۴۶) لل پيو مئَي- بڪي پيو، بيهودو ٿو ڳالهائي.
(۱۲۴۷) للي چپي ڪرڻ- ڪنهن جي لحاظ ڪري سموري سچي ڳالهه نه ڪرڻ، ڳالهائڻ ۾ خوشامد ڪرڻ.
(۱۲۴۸) لنبا ڏيڻ- ٻرندڙ ننڍين ڪاٺين سان چکيا کي باهه ڏيڻ
(۱۲۴۹) لنڊي خوشامد- بيهودي يا اجائي خوشامد.
(۱۲۵۰) لنگهڻ ڪڍيائين- کاڌي کان سوائين گذاريائين.
(۱۲۵۱) (اسانوٽ) لنوندي نه جهوندي- گوڙيا گهپي ناهي. ]نڪو زبان سان ڪو لنوين (ٻولي) ۽ نه لڱ جهنوين.
(۱۲۵۲) لنءَ لنءَ ٺريس- رڳ رڳ ٺريس، گهڻو خوش ٿيو.
(۱۲۵۳) لنءَ لنءَ ڪانڊاري - بت جو هڪ هڪ وارکڙو ٿي بيٺو.
(۱۲۵۴) لوڏ ئي لک لهيس- هن جي رڳو ٻانهن جي لوڏ جو ملهه لک رپيا آهي يعني نهايت شاندار ۽ وڻندڙ هلت اٿس.
(۱۲۵۵) لوڪ آهي ٻوڪ- ماڻهن کي جيڪي اچي سو پيا چون. ٻوڪ ڏيڻ- بڪڻ- “ وچ ۾ ٻوڪ نه ڏي”.
(۱۲۵۶) لولا لولا ٿيو- پريشان ٿيو( ڪنهن منجهائيندڙ ڳالهه سبب)
(۱۲۵۷) (ڀرت) لولا مانيون ڪيائين- بگاڙي يا کاري ڇڏيائين.
(۱۲۵۸) لولي جو لوڻ- نڪمو ماڻهو.
(۱۲۵۹) (هن مان) لولي جو لوڻ به نه ٿيندو- ڪجهه نه ٿيندو.
(۱۲۶۰) (مائٽي) لوڻ جي سمجهي ڪر ته کنڊ جي ٿي پوندي- حال ائين ئي سمجهه ته خراب آهي پر پوئين پاڻيهي ڏسندين ته سٺي آهي.
(۱۲۶۱) لوڻ وجهي ڀت ۾ ڀائيوار ٿو ٿئي! ڪين جهڙي مدد ڏيئي ڀائيوارن جهڙو حصو ٿو گهري ! ڀيٽيو-”دال گيهه تيرا آگ ڦوُڪ ميرا” (پهاڪو).
(۱۲۶۲) لوُڻي لڳي اٿس- فڪرات اٿس. “لوُڻاٽيو پيو آهي”.
(۱۲۶۳) لوهه ٿيو ويٺو هج- دل جو ڏاڍو ٿيو ويٺو هج.
(۱۲۶۴) لئا لائڻ- جهيڙو ڪرائڻ ڏسو “ڇيڻا ڀورڻ”.
(۱۲۶۵) ليڙو لهي پيو اٿس- وات کي ڏنل ڏٽو لٿو اٿس يعني بيشرمن وانگر ٿو ڳالهائي. ڀيٽيو- “ ڏگهري” ۽ “ کڙه”.
(۱۲۶۶) ليڪو لنگهي ويو آهي- حد لنگهي ويو آهي (حياءَ جي)
(۱۲۶۷) لينگها چٽي ٿو- پن مڱ تي گذاري ٿو.
(۱۲۶۸) ليوُن ٻوُڙن سان ٻوُڙا لين سان لاتائين- جهيڙا ڪرايائين
(۱۲۶۹) (ڳالهه) ليءُ مٽي ٿي- ڍڪجي ويئي (ليپو آيس).
(۱۲۷۰) ماڪ تي موريو آهي- ڪوُڙي دلاسي تي خوش ٿيو آهي. ]ماڪ تي وڻ ٽڻ مورجن يعني ساوا ٿين[
(۱۲۷۱) ماناکائي مٿي ٿيو آهي- ٻڍو ٿيو آهي. مانا= مانيون.
(۱۲۷۲) حياتي جو ماڻ ڀرجي آيو- حياتي يا عمر پوري ٿي.
(۱۲۷۳) مٿا موُنا هنيائين- گهڻا ڪشالا ڪيائين (موُنا= گوڏا).
(۱۲۷۴) مٿو تتس- اونو ٿيس.
(۱۲۷۵) مٿو يا منهن ڏيڻ- پڄڻ، تڪليف وٺڻ. “ڳن ڏيڻ”.
(۱۲۷۶) مٿو ڪوُڙائي ساک نه ڪڍجي- (ٿوري ناموس لائين اجايا خرچ نه ڪجن.
(۱۲۷۷) مٿي تي هٿ پنس- پڄنديء وارو ٿيو.
(۱۲۷۸) مٿي چڙهي ويو آهي- ڦوُنڊ ۾ ڀريو آهي.
(۱۲۷۹) مٽ پوڻ- برابر ٿيڻ شاعري ۾ شاه سان ڪير مٽ پوندو؟
(۱۲۸۰) مٽوُن ڦوُڪيائين- شوخي ڏيکاريائين، ڪاوڙيو.
(۱۲۸۱) مٽي ڏيڻ ويا- مردو پوُرڻ ويا. (مسلماني رواج).
(۱۲۸۲) (ٻڪري) مٽي ڪيائون- پاتائؤن، ڪٺائوُن،.
(۱۲۸۳) مٽيءَ پنوڙو هئڻ- موت لکيل هئڻ. “ڪئَمبيل صاحب جو حيدرآباد ۾ مٽي پنوڙو، سو ويچارو ولايت مان اچي ۱۸۹۲ع ۾ ڦليلي ۾ ٻڏو”.
(۱۲۸۴) مٺو ڪري ڀوڳيائين- صبر سان سٺائين.
(۱۲۸۵) مٺيون ڀڪوڙيائين يا پيٽ ۾ پاتائين - سور صبر سان سٺائين.
(۱۲۸۶) مچ مچايائين- خرابي ڪيائين، جهيڙو ڪرايائين.
(۱۲۸۷) مچي مڪر ٿيو آهي- ٿلهو ٿيو آهي. (مڪر، مڇي)
(۱۲۸۸) مڇي مانيءَ وارو آهي- چڱيءَ هوند وارو آهي.
(۱۲۸۹) مڇي بازار لاتي اٿن- کچر کلو يا گهڻو گوڙ ڪيو اٿن.
(۱۲۹۰) مڇيءَ مان ڪنڊا ٿو ڪڍي- اجايوُن ويڪوُن ٿو ڪڍي.
(۱۲۹۱) مدد جو هٿ ڊگهيريائين- مدد ڪيائين.
(۱۲۹۲) مدو اچي ڀريو- ٺهرايل وقت پوُري ٿيڻ تي آيو.
(۱۲۹۳) (ڳالهه ۾) مرچ مصالح گڏيائين- ڪوڙ سچ گڏيائين.
(۱۲۹۴) مرچ لڳس- ڳالهه نه وڻيس؛ ڪاوڙيو.
(۱۲۹۵) مڙس ٿيءُ- همت ڌار مڙسي = همت.
(۱۲۹۶) مڙهه مقام- گهر گهاٽ، رهڻ لائين ٺهرايل هنڌ.
(۱۲۹۷) مڪو متس- چڱو فائدو ٿيس.(مڪو= فائدو)
(۱۲۹۸) مکڻ- نرم دل. مکڻ جو گهڙو= رڄ چڱو مڙس.
(۱۲۹۹) مکڻ جي سيخ پچائڻ- ڏسو “ پاڻ پچائڻ”.
(۱۳۰۰) مکڻ مان وار ڪڍيائين- بلڪل چڱي طرح جا چي (ڪتاب وغيره) اهڙيون خاميون ڪڍيائين جن جو رواجي طرح جيڪر ڪنهن کي پتو به نه پوي.
(۱۳۰۱) ممڻ مچڻ- معاملو ٿيڻ. “ اکر ڪڇائين ته ممڻ متو”.
(۱۳۰۲) ممڻي سپ آهي- ڏسڻيء ماٺيڻو پر اندر جو نانگ.
(۱۳۰۳) من ڀرجي آيس- رئڻهارڪو ٿيو. من ڇنس = رٺائين.
(۱۳۰۴) منڊا چڙهيا اٿس- ڳالهائي نٿو سگهي (ڦيڻو لڳس).
(۱۳۰۵) منگوچا ماڻيائون- مؤجون ڪيائون
(۱۳۰۶) من متي آهي- پنهنجي مت تي هلندوآهي. “پاڻهرتو”.
(۱۳۰۷) من ۾ ڀرجي ويو- هٺ ٿيس ( اختياري ملڻ ڪري)
(۱۳۰۸) من ۾ چور ويٺس- ڪٻڌيا يا دل ۾ دغا پيس.
(۱۳۰۹) منهان پئجي ويو آهي- ڏٺو نٿو وڻي
(۱۳۱۰) منهن اونڌائي يا منهن ميرائي- سج لٿي جي مهل
(۱۳۱۱) منهن ٻريس پيو- منهن ۾ تجلو اٿس.
(۱۳۱۲) منهن ڀت سان لڳس- پشيمان ٿيو، پڇتايائين.
(۱۳۱۳) منهن تي نٿو پوي- سونهين يا ٺهي نٿو.
(۱۳۱۴) منهن جو پنو لهي ويس- منهن جي جوت گهٽيس. ]زيور تان پنو (ياقوت) لهندو ته سونهن وينديس[.
(۱۳۱۵) منهن ڏسي ٽڪڙو ڏنائين- جهڙو ماڻهو ڏٺائين تهڙي خوشامد ڪيائين.
(۱۳۱۶) منهن ڪنئرو- نرم سڀاءَ يا گهڻي لحاظ وارو.
(۱۳۱۷) منهن لهي ويس- موڳو ٿيو.
(۱۳۱۸) منهن مٿي ٿيس- آبرو يا مان وڌيس.
(۱۳۱۹) منهن مٽيائين- اڳين پريت ڇڏيائين.
(۱۳۲۰) منهن موڙڻ- دنيا کان منهن موڙيائين= پاسو ڪيائين ڪم چئبس ته منهن نه موڙيندو= ناڪار نه ڪندو.
(۱۳۲۱) منهن منهن تي چڙهيائين – ڦوڪيو، ڪاوڙ لڳيس.
(۱۳۲۲) منهن وڏو يا اڻاسو- بيشرم.”نڪ نرڄو”.
(۱۳۲۳) مهيء لڙڪيائون- بکيڙو يا گوڙ ڪيائون.
(۱۳۲۴) مئا هٿ هڻڻ- ٿورڙي ڪوشش ڪرڻ. “مئا هٿ هڻندس ته به پنج سؤ رپيا اُڌارا ملندم”.
(۱۳۲۵) ميٽ مٿي ۾ هجيؤ ته هتي اچي لاهجو- جلد اچجو.
(۱۳۲۶) (گهوڙي کي) ميدان کڻايائين- تکو دوڙيائين.
(۱۳۲۷) ميرو ماڻڪ- نهايت اصيل ماڻهو پر سادو سوُدو.
(۱۳۲۸) ميڪ ميڪ ڪرڻ يا ميڪڻ-سڏڪا ڀرڻ يا رئڻ.
(۱۳۲۹) مينڍ ۾ ڳائڻ- جهيڻي يا سنهي سر ۾ ڳائڻ، آهستي يا لڪائي ڳالهائڻ. مينڍ ۾ مارئي ڳائڻ= پڌري ڳالهه آهستي يا لڪائي ڪرڻ “ مائٽيء جي پڪ ٿي، مصري به ٿي کاڄي ۽ هيءُ اڃا مينڍ ۾ پيا مارئي ڳائين] مينڍ= ستار وغيره جا بند ڍلا ڪري سر جهڪو ڪرڻ[.
(۱۳۳۰) مينهن وسندي-گهرج مهل.۱۶۱
(۱۳۳۱) نابري واريائين- ناڪار ڪيائين ( ڪم ڪرڻ کان).
(۱۳۳۲) نادري حڪم جاري ڪيائين- اڍنگو حڪم ڪڍيائين. ]نادرشاه بادشاه سخت حڪم جاري ڪيا هئا[.
(۱۳۳۳) نادي ڪر- ڀائيواري نبير. شيئين ڇڏ يا کڻ.
(۱۳۳۴) ناس پتو يا نڪ چپ ڪونهيس- نرلڄو آهي.
(۱۳۳۵) ناگلي گجر نه آهي- سولو ٺڳجڻ جو نه آهي.
(۱۳۳۶) نالو بد ٿيس- بدنام يا گلارو ٿيو.
(۱۳۳۷) نالو پيو ڳائجيس- ساک پيئي ٿئيس.
(۱۳۳۸) نام چت ڪيائين- مري ويو.( هند ڪو اصطلاح).
(۱۳۳۹) ناناڻن اڳيان ڏاڏاڻا ٿو ساراهي- ( اسان پارا) جيڪي کيس چڱي طرح سڃاڻن تن جي اڳيان ٻٽاڪون هڻي ٿو.
(۱۳۴۰) ناناڻي ڍوري لنگهي ويو- ڀيٽيو” لاهي پاهي بيٺو”.
(۱۳۴۱) نانءَ چڙهيو- مشهور. “نامڪٺيو” “نامي گرامي”.
(۱۳۴۲) نٽهڻ اُس- ساڙيندڙ يا تکي اُس.
(۱۳۴۳) نڙيءَ مان پاڻي پيو بکيس- نهايت سهڻو آهي.
(۱۳۴۴) نظر يا اک مان ڪڍ- جاچي ڏس، تپاس، جاچ.
(۱۳۴۵) نظر بند ڪيائونس- جهلي پهري هيٺ رکيائونس.
(۱۳۴۶) نقش ٻوڙيائين- مان وڃايائين.
(۱۳۴۷) لڪ تائين پيٽ ڀريائين- تمام گهڻو کاڌائين.
(۱۳۴۸) نڪ کي مر نه لائبي- پاڻ کي لڄي يا گلارو نه ڪبو.
(۱۳۴۹) نڪ نرڄو يا نڪ وڍير-بيشرمو. نڪ نرڄائي= بيشرمي
(۱۳۵۰) نڪ وڍيائينس- جٺ ڦٺ ڪيائينس.
(۱۳۵۱) نڪون تار ٿي ڪيائين- بيوس يا لاچار ٿي ائين ڪيائين.
(۱۳۵۲) نڪون ساهه هرڪو ٿو کڻي- آبرو سڀ ڪنهن کي پياري آهي.
(۱۳۵۳) ننڊ ڦٽيس- بي آرامي يا چنتا (ڳڻتي) ٿيس.
(۱۳۵۴) ننڍي پوچ- ننڍي ٽهيءَ وارا.
(۱۳۵۵) ننو اکر واريائين- ناڪار ڪيائين.
(۱۳۵۶) نوُر نچويائين- اکين کي تڪليف ڏيئي پورهيو ڪيائين.
(۱۳۵۷) نوڙيء مان نانگ ڪيائين. ٿوريء ڳالهه جو وڏو وڌاءُ ڪيائين. ڏسو “آنڙي مان ڪانڙي” ۽ تيليء مان ٿنڀ.
(۱۳۵۸) نهوڙي نيڻ- پوُرو ڪرڻ، مارڻ.
(۱۳۵۹) نيروليء جي ڪن کري آهي- ڪوڙو هل ٻڌن ته ائين چون.
(۱۳۶۰) نهن چوٽي ڏڪي ويس- سڄوئي بت ڏڪيس.
(۱۳۶۱) نيري وهانءُ- گهوٽ مائٽن جو هڪڙو ئي پٽ ۽ ڪنئار مائٽن جي هڪڙيائي ڌيء تنجو وهانءُ. “ ڄيٺي مينهن پهريتي پٽ. نيري وهانءُ ڪن سڀاڳن سامهون”.
(۱۳۶۲) وات اُٿي پيو يا ڦلاريو - وات پڇي پيو.
(۱۳۶۳) وات ٽڪاڻي ڪيائين- مٿاڇري صلاح ڪيائين. ]وات ٽڪيائين ته متان پوئين ڏوراپو ملي[.
(۱۳۶۴) وات جا پلاءَ ٿو کائي يا وات جا ورا ٿو پچائي- ٻٽاڪون هڻي ٿو. “دل کي خوش ڪري ٿو”.
(۱۳۶۵) واترادو، وات ڏار يا وات وڏو- گهڻ ڳالهائو.
(۱۳۶۶) (ڪم جي) واٽ نٿو واري- (ڪم) نٿو ڪري.
(۱۳۶۷) وات رک- پرهيز يا ڪري ڪر ۸۶۵.
(۱۳۶۸) وات ڪيائين- گار گند ڪيائين” گهٽ وڌ ڳالهايائين”.
(۱۳۶۹) اوهان جي وات ۾ گلاب- پنهنجي ڪنهن ڳالهه ڪرڻ لائين ٻئي کي ڳالهائڻ جي وچ ۾ روڪڻ مهل ائين چون.
(۱۳۷۰) وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ ڇو نٿو جواب ڏين؟
(۱۳۷۱) وات وجهڻ- سوال ڪرڻ. “ ٻين کي ڇو وات وجهجي”؟
(۱۳۷۲) وات وڪيل آهي- پنهنجي پاران پاڻ ڳالهائي سگهي ٿو
(۱۳۷۳) وار نه ونگو ٿيندئين! ذري تڪليف نه ڏسندين!
(۱۳۷۴) واساما يا واسانگا ڳائڻ- ڪنهن جي اوني ۾ رهڻ. “ڪيڏي مهل لاڪر تنهجا ويٺي واساما ڳايم”. (واسامو= ساهي. “ اجهواچي” چوڻ آهي واسا موڳائڻ).
(۱۳۷۵) واگهوءَ جي وات ۾ آهي- ڪنهن زبردست ماڻهوءَ جي نظر هيٺ يا هن جي ڊپ ۾ آهي.
(۱۳۷۶) واهه واهه پئجي ويس- گهڻي ناموس يا ساک ٿيس.
(۱۳۷۷) واهيري جي وير- آکيڙي ڏي موٽڻ جي مهل، نما شام.
(۱۳۷۸) (ڳالهه) وائين وائين ٿي- هلي ويئي، ظاهر ٿي.
(۱۳۷۹) وائي بادي (ڳالهيون) اعتبار ۾ نه آڻڻ جهڙيون.
(۱۳۸۰) وائيندي تي ٿو ڇڄ ڏئي- ٻئي جي مرضي پٽاندر ٿو ڳالهائي. ]ان وائرين ته هڪڙو ان هاري ٻيو ڇڄ هڻي[
(۱۳۸۱) وايون بتال يا ولليون ٿيس- ڳالهائڻ ۾ منجهو، وائڙو ٿيو.] بطال = منجهل. ولليون= بنا ڍنگ[.
(۱۳۸۲) وچ ڪڍيائينس- منجهه لڌائينس، سماءُ ورتائينس
(۱۳۸۳) وچ وهندين! وڏو مان ٿيندئين! (دعا).
(۱۳۸۴) وڏا پير ڪيا اٿس-ڀلائي ڪري آيو آهي.
(۱۳۸۵) وڏو ڳالهائڻ اٿس- گهڻو يا اجايو ڳالهائيندو آهي.
(۱۳۸۶) ور تي رسو ٿو ڀڃي- پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪري ٿو
(۱۳۸۷) (ٻار) وري آيو- مري ويو.
(۱۳۸۸) وڙهي ڍانگا ٿيا- وڏو تڪرار ڪيائون.
(۱۳۸۹) وصال ڪيائين- ڌڻي سان وڃي مليو، مري ويو.
(۱۳۹۰) وقت کي سلام ڪجي- سمي پٽاندر هلت ڪجي.
(۱۳۹۱) وڻ گهوڙو نه ٻڌائين (۱) بريز بريز يا اجائي تڪڙ ڪيائين، تحمل يا ڌيرج نه ڪيائين. (۲) اُچايائين، آزاريائين.]وڻ سان گهوڙو نه ٻڌائين، ساهي نه کنيائين[.
(۱۳۹۲) وڻ وڄائي ڇڏيائينس (۱) حيران يا پريشان ڪيائينس. (۲) طوفان انبن جا وڻ وڄائي ڇڏيا= انب ناس ٿيا.
(۱۳۹۳) وهڻ ولوڙيائين- گهڻا ڪشالا ڪيائين- (وهڻ =درياهه).
(۱۳۹۴) وهوُ ڍڳو - نار ۾ وهندڙ ڍڳو گهڻو ڪم ڪندڙ ماڻهوُ
(۱۳۹۵) ويهن ئي ننهن جا زور لاتائين- هر طرح جا حيلا ڪيائين.
(۱۳۹۶) هاريو ويريو پليَ پوندئين! جيڪو خرچ يا نقصان ٿيو اٿيئي سو شل موٽي ملندئين! (دعا جو نمونو)
(۱۳۹۷) (ڪم ڪرڻ جي) هائين ڀريائين- (ڪم ڪرڻ) قبوليائين.
(۱۳۹۸) (ڪم ڪرڻ جي) هام هنيائين- ٻٽاڪ هنيائين.
(۱۳۹۹) توسان ها ۾ ها ملائي ٿو- جئن تون چوين ٿو تئن پاڻ به چوي ٿو، توسان ٻٽ آهي.
(۱۴۰۰) هٿ اٽڪائڻ- (۱) وڙهڻ- ڪنهن مڙس ماڻهوئين سان هٿ اٽڪائين ته خبر پويئي. (۲) واسطو رکڻ. (توبه ڇڪي هن پليت سان هٿ اٽڪايو آهي”.
(۱۴۰۱) هٿ اچڻ- حاصل ٿيڻ. “کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي”.
(۱۴۰۲) هٿان پيس- خطا يا ڏوهه پاڻ ڪيائين پنهنجن هٿن سان). “ هٿان تو پيئي ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين”.
(۱۴۰۳) هٿ تريا پيا اٿس- هٿ ۾ شيئين کڻي تورجي اٽڪل پوريءَ طرح ڪري سگهي ٿو (ساهميءَ ۾ تورڻ کان سواءِ).
(۱۴۰۴) هٿ ٽنگڻ- سوال ڪرڻ.
(۱۴۰۵) (خيرات) مان هٿ ٺاريائين- (خيرات) دل وٽان ڪيائين.
(۱۴۰۶) هٿ پير لڌائين- ويم ڪيائين، ٻار ڄڻيائين.
(۱۴۰۷) هٿ جس هئڻ- ڪيل ڪم لائين جس (ناموس) يا قدر هئڻ. “منهنجو هٿ جس ڪونهي. ڪنهن سان چڱائي ڪريان ته اهو پاڻ برائي پيو سمجهي”.
(۱۴۰۸) هٿ جو ڇوُٽ- سخي، جو وڏيءَ دل سان پئسو خرچي.
(۱۴۰۹) هٿ چيو نٿو ڪري- پئسي جو زور ڪونهي.
(۱۴۱۰) هٿ ڇوئي اٿس- شين چورائڻ جي عادت اٿس.
(۱۴۱۱) هٿ ڌوئي پٺيان پيو- پوُري ڪرڻ لائين سنڀريو.
(۱۴۱۲) هٿ ڪپي ڏنائين- لکي ڏنائين (صحيح پائي).
(۱۴۱۳) هٿ کڻڻ- واسطو ڇڏڻ. “انهيءَ ڪپڙي تان هٿ کڻ”.
(۱۴۱۴) هٿ نه منجهندئين! پئسي جي تنگي نه ڏسندين!
(۱۴۱۵) هٿن جا ليڪا ڊهڻ جا نه آهن- ويجهي مائٽي ڇنڻ جي نه آهي.
(۱۴۱۶) هن جي هٿن جو ڄاول آهي- کانئس ننڍو آهي.
(۱۴۱۷) هٿن مان ڪي ڪري پيس- دل کي صدمو پهتس، گهڻو ڏک ٿيس. ]دل کي ايڏو لوڏو آيس جو هٿن واري شيئين ڪري پيس. ڏسو “ڇهه ڇڄڻ”[.
(۱۴۱۸) هٿن ۾ هريوُن اٿس- هار وير يا ڀڃ ڊاهه ڪري ٿو، حرڪتي آهي. ]هريوُن = آڱرين جي وچ واريوُن وٿيون. ٻڪ ۾ پاڻي جهلبو ته هرين مان ڦڙا وهندا[.
(۱۴۱۹) هٿين پوڻ- هٿن سان وڙهڻ. “ هٿين ڇوٿو پوين”؟
(۱۴۲۰) هٽ کٽائي حلوا کاڌائين- پڄنديءَ کان وڌيڪ يا قرض کڻي خرچ ڪيائين. ڀيٽيو- “قرض کڻي ڪنگڻ پاتائين”
(۱۴۲۱) هٽ کڻي ڇڏيائين- دڪان هميشہ لائين بند ڪيائين.
(۱۴۲۲) هٽيءَ ساروُ هوڪو ڏجي- پڄنديءَ آهر خرچ ڪجي.
(۱۴۲۳) هٺون هيٺ نه لٿو- هوڏ ڪري بيٺو، نه مڙيو.
(۱۴۲۴) هجا هيرا پاتائين- ڏکيا يا سڃا (اجايا) ڏوراپا ڏنائين.
(۱۴۲۵) هڏ ڀڳل آهي- پورهئي ڪرڻ تي هريل آهي.
(۱۴۲۶) هڏ پورو اٿس- پئسي جو زور ڪونهيس.
(۱۴۲۷) هڏ رک- پنهنجن هڏن کي گسڻ کان رکي، سست.
(۱۴۲۸) هڏ گڏ ڀڳائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.
(۱۴۲۹) هڏ گڏيل نه اٿن- پاڻ ۾ ميلاپ ڪو نه اٿن.
(۱۴۳۰) هرديگي چمچو- “سڀ وٽ سان پورو”.
(۱۴۳۱) هرک هارڻ- دل ڪرڻ، ڪنهن سان پرڻجڻ يا ڪٿي مائٽي ڪرڻ جي “ راجا چنيسر ليلا ڏسي هرک هاريو”.
(۱۴۳۲) (ڪجهه) هڙ پليءَ نه پيس- (ڪجهه) حاصل نه ٿيس.
(۱۴۳۳) هڙ گسايائين- پئسا خر چيائين، نقصان سٺائين.
(۱۴۳۴) هڙون وڙون مدد ڪيائين- ڪجهه پاڻون مدد ڪيائين ۽ ڪجهه پنهنجا لائق ڪري ٻئي کان مدد وٺي ڏنائين.
(۱۴۳۵) هش تي خوش ٿيو- ڪوڙي خوشامد تي خوش ٿيو.
(۱۴۳۶) هڪ اک کلندييءَ ٻي رئندييئين- خوشيءَ توڙي رنج سان قبوليندين.
(۱۴۳۷) هڪ ڪن کان آيو ٻئي کان ويو- “ٻڌو اڻٻڌو”.
(۱۴۳۸) هڪ ڪلهي تان لهه ٻئي تي چڙهه- وهنواري پلؤ ڏي، ڏيتي ليتيءَ ۾ پورو رهه، منهنجي طلب نڪري ته مون کي ڏي ۽ تنهنجي نڪري ته تون وٺ.
(۱۴۳۹) هڪڙي کي سڄي اک ۽ ٻئي کي کٻي اک ڪرڻ هڪڙي سان هڪڙي ۽ ٻئي سان ٻي هلت ڪرڻ.
(۱۴۴۰) هنباريءَ رسيو-وڏي عهدي تي پهتو (هنباري= پالڪي).
(۱۴۴۱) هنيانءَ تي ڇنڊو پيس- دلجائين ٿيس، ڪاوڙ ڍري ٿيس
(۱۴۴۲) هنياءُ نه لوڙهه دلگير يا بي همت نه ٿيءُ.
(۱۴۴۳) نه هنئَينءَ ۾ نه کنئَينءَ ۾ آهي- نه ڪنهن جي نقصان نه فائدي ۾ آهي، ڪنهن جي به پچار نه اٿس.
(۱۴۴۴) هوا جي سٽ به ڪانهي- ذري هوا به نٿي لڳي.
(۱۴۴۵) هيٺ مٿ جي سڌ ڪانهيس- نفعي نقصان جي پروڙ يا ڳڻ ڳوت ڪانهيس.
(۱۴۴۶) هيٺاهين وٺڻ-نئَڙت ڪرڻ.
(۱۴۴۷) هيڪلي وڻ هيٺ آيو آهي- جن لڳو اٿس.
(۱۴۴۸) هڻ کڻ لڳي پيئي آهي- موت تڪڙو ٿو ٿئي.
(۱۴۴۹) هيري جي ڪڻي- رڄ چڱو مڙس يا چڱي زال.
(۱۴۵۰) يار ويس- ميلاپي، کلڻو ملڻو.