گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو ٻيو/باب پهريون

گليور جو سير ۽ سفر (1969)
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745), translated by مرزا قليچ بيگ
باب پهريون : ڪيئن گليور عجب جهڙن ماڻهن جي وچ ۾ وڃي پوي ٿو
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745)319996گليور جو سير ۽ سفر — باب پهريون : ڪيئن گليور عجب جهڙن ماڻهن جي وچ ۾ وڃي پوي ٿو1969مرزا قليچ بيگ

موٽي اچڻ کان ٻه مهينا پوءِ، منهنجي قسمت ۾ منهنجي طبيعت وري مون کي کنيو ته هلي محنت ۽ بي آراميءَ جي زندگي گذاريان، تنهنڪري مون وري به پنهنجو وطن ڇڏيو ۽ مزي جهڙي جهاز”ائڊوينچر“ نالي ۾ چڙهي روانو ٿيس، جو سورت بندر ڏي وڃڻو هو، ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ تائين ته سفر ڏاڍو سڻائو هو. اتي لهي تازو پاڻي کنيوسين، پر جهاز جي تري ۾ هڪڙي سير معلوم ٿي، تنهنڪري سامان لاهي وڌوسين، ۽سيارو اتي گذاريوسين. ڪپتان بيمار ٿي پيو، تنهنڪري مارچ جي پڇاڙيءَ کان اڳي اسين ڪيپ مان روانا ٿي نه سگهياسين.
تنهن کان پوءِ اسين سڙهه سنوان ڪري سمنڊ تي نڪتاسين، ۽ جيسين مئڊا گاسڪر جو ڳچ سمنڊ لنگهياسين تيسين تمام چڱي مسافري ڪئيسين، پر جڏهن انهيءَ ٻيٽ جي اتر ڏي ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ جي پنجن درجن تي آياسين، تڏهن اپريل جي 19- تاريخ واءُ ڏاڍي زور سان لڳو ۽ ڦري اُلهندي جو ٿيڻ لڳو، نه ته هميشه انهن سمنڊن ۾ ڊسمبر جي شروع کان وٺي مئي جي شروع تائين اُتر ۽ اُلهندي جي وچ جو واءُ هڪجهڙو لڳندو آهي. اهو سخت واءُ ويهه ڏينهن ساندهه پئي لڳو، پوءِ ڦري اُلهندي ۽ ڏکڻ-الهندي ڪنڊ جو ٿيو، ته به اڃا زور وارو پئي لڳو.
انهيءَ طوفان ۾، منهنجي حساب موجب، اسين ڌڪجي اٽڪل ڏيڍ هزار ميل اُڀرندي ڏي وياسين، جهاز تي جيڪو جهونو ۽ آزموده گار خلاصي هو، سو به ڪين چئي ٿي سگهيو ته اسين دنيا جي ڪهڙي ڀاڱي ۾ آهيون.
سن 1703ع جي جون مهيني جي 14- تاريخ هڪڙي ڇوڪر کوهي تي چڙهي زمين ڏٺي، جڏهن اتي پهتاسين، تڏهن نڪا ندي ڏٺيسين، نڪو چشمو، نڪو ڪن رهندڙن ماڻهن جو نشانو ڏٺوسين، تنهن ڪري اسان جا ماڻهو سمنڊ جي ويجهو تازي پاڻي ڳولي لهڻ لاءِ ڪناري تي گهمڻ لڳا. آءٌ وري ٻئي پاسي پنهنجي منهن ميل کن پنڌ جو ڪري ويس، چوڌاري سُڃ لڳي پيئي هئي، زمين جبلائتي هئي، جڏهن ٻي ڪابه نئين شيءِ ڏسڻ ۾ نه آئي، ۽ آءٌ به هلي هلي ٿڪس، تڏهن آهستي آهستي سمنڊ جي ڦاٽ ڏي موٽيس. سامهون سمنڊ پئي ڏٺو. اوچتو ڏسان ته اسان جا سڀ ماڻهو ڀڄندا بتيلن ۾ چڙهي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جهاز ۾ پيا وڃن.
مون گهڻا ئي سڏ ڪيا پر هنن نه ٻڌا. اوچتو ڏٺم ته هڪڙو وڏو جانور سندس پٺيان سمنڊ ۾ تکو ڪاهيندو ٿو وڃي. گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو ويو، پر اسان جا ماڻهو هن کان ڏيڍ ميل _ ٻه ميل اڳي هئا. اتي سمنڊ ۾ تِکين چوٽين وارا ٽڪر گهڻا هئا، تنهن ڪري اهو راڪاس جهاز تائين پهچي نه سگهيو.
اها ڳالهه مون ٻڌي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن کي ڏسڻ جي لاءِ اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيس. پر جنهن رستي سان آيو هوس، تنهن سان تمام تِکو ڊوڙيس، ۽ پوءِ هڪڙي اُڀ _ ڪپري ٽڪريءَ تي چڙهي آسپاس ملڪ نهارڻ لڳس. ڏٺم ته چوڌاري آبادي ٿيل آهي، پر اتي جو گاهه ڏسي مون کي پريندي حيراني لڳي ويئي، جو اهو اٽڪل ويهه فوٽ ڊگهو هو.
آءٌ هڪڙي وڏي سڙڪ تي اچي پيس، مگر حقيقت ڪري اهو اتي جي رهاڪن لاءِ فقط هڪڙو پيچرو هو، اهو جَوَن جي ٻنيءَ ڏي ٿي ويو. انهيءَ سان ڳچ پنڌ تائين هليس، پر ٻنهي پاسي ڪي به ڏسي نه سگهيس، ڇالاءِ جو فصل تيار هو ۽ اَن جي پوک تمام ٿورو ته به چاليهه فوٽ وڏي هئي. انهيءَ ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ تائين وڃڻ ۾ به مون کي ڪلاڪ لڳي ويو، جيڪو لوڙهو انهيءَ کي چوڌاري آيل هو، سو به اٽڪل سوا سوء فوٽ وڏو هو، وڻ ته ايڏا وڏا هئا، جو آءٌ انهيءَ جي اوچائي معلوم ڪري نه سگهيس.
انهيءَ ٻنيءَ کان ٻيءَ لاڳتي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لاءِ وچ ۾ هڪڙو وڏو پهڻ لنگهي، انهي بند جهڙي ٻني جي چوٽيءَ تي ماڻهو وڃي ٿي سگهيو. انهيءَ بند تي چڙهڻ منهنجي لاءِ مشڪل هو، ڇالاءِ جو هر هڪ ڏاڪو ڏهه فوٽ مٿي هو ۽ مٿيون پهڻ اٽڪل ويهه فوٽ اوچو هو. مون مٿو پئي هنيو ته انهيءَ لوڙهي ۾ ڪو ڳڙکو يا وٿي هجي ته انهيءَ مان لنگهي وڃان، ته اوچتو هڪڙو ماڻهو، اتي جو رهاڪو، پاسي واريءَ ٻنيءَ ۾ ڏٺم، جو بند ڏي ٿي آيو. ايڏو وڏو هو، جهڙو اهو، جو سمنڊ ۾ اسان جي جهاز جي پٺيان پيو هو.
اهو ديول جي مناري جيڏو ڊگهو هو، ۽ هر هڪ ٻرانگهه اٽڪل ڏهن يارڊن جي هيس، انهيءَ کي ڏسي مون کي ڏاڍو ڊپ ۽ عجب لڳو، ۽ پاڻ کي ان جي پوک ۾ لڪائڻ لاءِ انهيءَ پاسي ڀڳس. اتان لڪي ڏٺم ته هو بند تي چڙهي سڄي هٿ پاسي واريءَ ٻنيءَ ڏي مُڙي پيو نهاري، هن اهڙي وڏي آواز سان سڏ ڪيو جو بگل جي آواز کان گهڻو ڳرو هو. پر انهيءَ جو پڙلاءُ هوا ۾ ايڏو وڏو ٿيو جو مون سمجهيو ته اُڀ ٿو گجي. انهيءَ آواز تي هن جهڙا ست ٻيا راڪاس وٽس اچي نڪتا. هٿن ۾ ڏانٽا هئن. هر هڪ ڏانٽو اسان جن ڇهن ڏانٽن جيڏو هو.
انهن پوين ماڻهن کي هن پهرئين ماڻهوءَ جهڙا ڪپڙا نه هئا. اهي هن پهرئين جا نوڪر يا پورهيت ٿي ڏٺا، ڇالاءِ جو هن جي ڪي ڳالهائڻ تي هو وري اتي اَن لڻڻ لڳا، جتي آءٌ لڪو ويٺو هوس. مون کان جيترو ٿي سگهيو اوترو هنن کان پري رهيس، مگر وڍيل ڪانا جي ڪٿي ڪٿي هڪ فوٽ کان پري نه هئا، تن جي وچان آءٌ پاڻ کي ڏاڍيءَ ڏکيائيءَ سان لنگهائي ٿي سگهيس. انهيءَ هوندي به مون اڳتي وڌڻ لاءِ زور لاتو، نيٺ ٻنيءَ ۾ انهيءَ هنڌ آيس، جتي مينهن ۽ واءُ جي ڪري اَن جا ڪانا ڪِري سٿا ٿي پيا هئا. اتي ته هڪڙي وک به کڻي نٿي سگهيس. جو ڪانا اهڙا پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا هئا، جو آءٌ انهن منجهان سِري نڪري نٿي سگهيس، ۽ جَوَن جي ڪِريلن سنگن جا بُج اهڙا سخت ۽ چهنبيارا هئا، جو منهنجن ڪپڙن مان لنگهي بت ۾ پئي چُڀيا.
ساڳئي وقت ۾ مون لڻڻ وارن جو آواز پئي ٻڌو، جي منهنجي پٺيان سوء يارڊن کان پري نه هئا. آءٌ ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس. ۽ نهايت ڏکارو ۽ نااميد ٿي ٻن ٻنن جي وچ ۾ ليٽي پيس، ۽ اها دعا پئي ڪيم ته اتي منهنجا ڏينهن پورا ٿين. ڄاتم ته ويچاري بيوهه زال ۽ يتيم ٻار الائجي ڪيئن ڪندا، دل ۾ چيم ته ڏاڍي بي عقلي ۽ اُٻهرائي ڪيم، جو پنهنجن سڀني دوستن ۽ مائٽن جي مرضيءَ جي برخلاف هن ٻيءَ مسافري تي نڪتس!
اهڙي غمگيني ۽ ملولائيءَ جي حالت ۾ مون کي لِليپٽ ياد پيو، جتي جا ماڻهو مون کي دنيا ۾ هڪڙو نهايت عجيب مخلوق سمجهندا هئا ۽ جتي آءٌ هنن جا سڀ جنگي جهاز هٿ سان ڇڪي وٺندو هوس ۽ اهڙا ٻيا ڪم ڪندو هوس، جي انهيءَ بادشاهت جي تاريخ ۾ هميشه قائم رهندا. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيڻ لڳو ته هن قوم ۾ آءٌ اهڙو ننڍڙو شمار ۾ اچان ٿو جهڙو لِليپٽ جو هڪڙو ماڻهو، جيڪو اسان وٽ شمار ۾ اچي.
مون ڄاتو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه تمام ڳري مصيبت بڻجي ويئي هئي، ڇالاءِ ته جيئن انسان قد جي نظر تي زياده جهنگلي ۽ ظالم ٿيندا آهن، تيئن پڪ هيم ته هنن ديون يا راڪاسن مان جيڪو پريندي مون کي پڪڙيندو، سو مون کي هڪڙو گرنهه مس ڪندو.
مون کي اهڙو ڊپ هو، جو اهڙا خيال گهڻي تائين ڪري نه سگهيس، اوچتو لڻڻ وارن سان هڪڙو منهنجي لِڪڻ واريءَ جاءِ جي ڏهن يارڊن اندر ويجهو آيو. مون کي اهو ڊپ ٿيو ته جي ٻيو قدم کنيائين ته آءٌ سندس پير هيٺان چپجي مري پوندس. سندس ڏانٽي سان وڍجي ٻه اڌ ٿي پوندس. تنهنڪري وري جڏهن چرڻ جي ڪيائين، تڏهن ڊپ کان مون ڏاڍي رڙ ڪئي. تڏهن هن ديو پنهنجو قدم کڻي ننڍو ڪيو ۽ ڳچ تائين پنهنجي هيٺان نهاري نهاري نيٺ مون کي ستل ڏٺائين.
هن ٿوري تائين خيال ڪيو، جيئن ته ڪو ڪنهن ڪيئن يا جيت وٺندي سنڀال ڪري، ته متان رهنڊو پائي يا چَڪ هڻي. نيٺ هن مون کي پٺيان چيلهه کان چپٽيءَ سان کنيو ۽ اکين کان ٽن يارڊن تي آندائين ته منهنجي شڪل چتائي ڏٺي. مون هن جو مطلب سمجهيو، خوش قسمتيءَ جي ڪري مون کي انهيءَ مهل اهڙيءَ همت آئي، جو مون ارادو ڪيو ته جيئن هو مون کي هوا ۾ کنيو بيٺو هو، تيئن ذرو به نه چران ته متان هن جي آڱرين مان ترڪي ڪِري پوان، جيتوڻيڪ هن جي چپٽيءَ جي زور ڪري منهنجا پاسا پئي ڏکيا.
مون رڳو ايترو ڪيو، جو اکيون کڻي سج ڏي ڪيم، ۽ هٿ ٻڌي ڏاڍي ڏکاري آواز سان پنهنجي حال وٽان ڪو عرض ڪيم، ڇالاءِ جو مون کي ڊپ هو ته اجهو ٿو مون کي زمين تي اُڇلائي، جيئن اسين ڪنهن ڪرهت جهڙي ڪِئِين کي ناس ڪرڻ جي ارادي سان ڪندا آهيون، پر منهنجا نصيب چڱا هئا، جو هن کي منهنجو آواز ۽ منهنجا اشارا وڻي ويا ۽ هو مون کي عجب جهڙو جيت سمجهڻ لڳو، ۽ منهنجي ڳالهائڻ تي حيرت لڳيس، جيتوڻيڪ هو سمجهي نه سگهيو.
انهيءَ وچ ۾ آءٌ سڏڪن ڀرڻ ۽ هنجن هارڻ کان رهي نه سگهيس ۽ مٿو پاسن ڏي لاڙيم ته هن کي خبر پوي ته سندس آڱوٺي ۽ آڱر جي زور ڪري مون کي ايذاءُ ٿو رسي. ڀانئجي ٿو ته هن منهنجو مطلب پروڙيو، ڇالاءِ جو پنهنجي ڪوٽ جو پلئو کڻي، مون کي آهستي لاهي، انهيءَ تي رکيائين، ۽ هڪدم ڊوڙي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ ويو، جو زميندار هو، ۽ اُهو ساڳيو شخص هو، جنهن کي مون پريندي ٻنيءَ ۾ ڏٺو هو.
هنن جي ڳالهائڻ مان مون سمجهيو ته زميندار پنهنجي نوڪر جو بيان ٻڌي هڪڙو ڪک کنيو، جو لٺ جيڏو هو، ۽ انهيءَ سان منهنجي ڪوٽ جا پلئو کڻي ڏٺائين. ڀانيائين ته اهو به ڪو منهنجي بت جو قدرتي پوش آهي. هن ڦوڪون ڏيئي منهنجا وارا پاسي ڪيا انهيءَ لاءِ ته منهنجو منهن چتائي ڏسي. هن پنهنجي ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏي پڇيو ته ”اوهان ڪو هن جهڙو جيت هنن ٻيٽن ۾ ڪڏهن ڏٺو؟“
پوءِ هن مون کي آرام سان زمين تي کڻي اونڌو رکيو، پر آءٌ جهٽ ۾ اٿي بيٺس، ۽ آهستي هيڏي هوڏي هلڻ لڳس، ته ڀلي هنن کي خبر پوي ته آءٌ ڀڄڻ وارو ناهيان. هو سڀ چوڌاري مون کي حلقو هڻي ويهي رهيا، انهيءَ لاءِ ته چتائي ڏسن ته آءٌ ڇا ٿو ڪريان. مون پنهنجي ٽوپي لاهي ڪنڌ جهڪائي زميندار کي سلام ڪيو، ۽ گوڏن ڀر ويهي ۽ اکيون مٿي ڪري تمام وڏي سڏڪي سان ڳالهايم ۽ پنهنجي کيسي مان سون جي مهرن جو ٻٽئون ڪڍي نياز سان نذرانو ڪري هن جي اڳيان رکيم.
هن اهو پنهنجي تريءَ تي ورتو ۽ اکين جي اڳيان جهلي ڏٺائين ته ڪهڙي شيءِ آهي، پوءِ پنهنجي آستين مان هڪڙي ٽاچڻي ڪڍي انهيءَ سان ڪيترائي ڀيرا انهيءَ کي اُٿلايائين، پر سڃاڻي نه سگهيو ته ڇا آهي. تڏهن مون اشاري سان چيس ته پنهنجو هٿ زمين تي رکي. هن ائين ڪيو، ۽ مون ٻٽئونءَ مان سڀ مهرون هن جي تريءَ ۾ هاري وڌيون. ڇهه اسپين جون مهرون ۽ ويهه يا ٽيهه ٻيا ننڍا سِڪا هئا. مون ڏٺو ته هن پنهنجي چيچ جي چوٽي زمين تي ڀڄائي هڪڙي مهر کڻي ورتي، پوءِ وري ٻي کنيائين، پر ائين پئي معلوم ٿيو ته هن کي خبر نه پئي پئي ته اهي ڇا آهن. هن مون کي اشارو ڪري چيو ته ”اهي وري ٻٽونءَ ۾ وجهه.“ انهيءَ ڪري ٻٽون وري پنهنجي کيسي ۾ وڌم، جو هن کي اهو ڪيترائي ڀيرا آڇيم پر هن وٺڻ جو خيال نه ڏيکاريو. ايتري مان زميندار کي پڪ ٿي ته آءٌ سمجهه وارو جانور آهيان. هن گهڻائي ڀيرا مون سان ڳالهايو. پر هن جو آواز پاڻيءَ جي چڪيءَ جي آواز وانگي منهجن ڪنن کي چيريندو ويو. انهيءَ هوندي به هن جا لفظ چٽا ٻڌڻ ۾ آيا. مون ڪيترن ئي ٻولين ۾ وڏي آواز سان جواب ڏنو ۽ هن ذري ذري پنهنجو ڪن لائي، مون کي ٻن يارڊن تي آڻي ٿي جهليو، پر اسين هڪٻئي جو مطلب اصلي سمجهي نه سگهياسين.
تنهن کانپوءِ هن پنهنجن نوڪرن کي پنهنجي ڪم تي موڪليو، ۽ کيسي مان رومال ڪڍي ٻيڻو ڪري پنهنجي کٻي هٿ تي کڻي وڇايائين، ۽ هٿ کڻي پٺيرو زمين تي رکيائين، ۽ اشاري سان مون کي تريءَ تي ويهڻ لاءِ چيائين. هٿ فوٽ کن ٿُلهو هو، تنهنڪري آءٌ آساني سان ٽپ ڏيئي انهيءَ تي چڙهي ويٺس. مون حڪم مڃڻ فرض سمجهيو، ۽ ڪرڻ جي ڊپ کان سنئون ٿي رومال تي سمهي پيس. رومال جي باقي ڀاڱي سان هن وري مون کي مٿي تائين ڍڪي ڇڏيو، ته زياده سلامتي هجي. انهيءَ حال ۾ هو مون کي کڻي پنهنجي گهر هليو.
اتي هلي هن پنهنجي زال کي سڏيو، ۽ انهيءَ کي ڪپڙو لاهي منهنجي شڪل ڏيکاريائين. پر هوءَ دانهن ڪري پٺتي ڀڳي، جيئن انگلينڊ ۾ زالون ڏيڏر يا ڪوريئڙي ڏسڻ تي ڪنديون آهن. انهيءَ هوندي به جڏهن هن منهنجي هلت چلت ڏٺي، ۽ ڏٺائين ته آءٌ ڪيئن سندس مڙس جا اشارا سمجهان ٿو، تڏهن جلد ئي هوءَ خوش ٿي ۽ درجي بدرجي مون تي تمام مهربان ٿيڻ لڳي.
ٻنپهرن جو، هڪڙو نوڪر ماني کڻي آيو. سادي طعام جي فقط هڪڙي رڪابي هئي، جهڙو هاري ماڻهو کائيندا آهن. اها رڪابي چوويهه فوٽ قطر ۾ هئي. زميندار، سندس زال، ٽي ٻار ۽ هڪڙي سندن ناني سڀئي گڏجي اُها کائڻ ويٺا: زميندار مون کي ميز تي ٿورو پرڀرو کڻي رکيو، جو اها زمين کان ٽيهه فوٽ مٿي هئي.
مون کي ڏاڍو ڊپ هو، ۽ ميز جي ڪناري کان جيترو اندر ڀرو ٿي سگهيو اوترو رڙهي ويٺس، ته متان ڪِري پوان. زال گوشت جو هڪڙو ٽڪر وڍي ذرا ذرا ڪري، انهيءَ ۾ ماني ٽُڪر ڀوري، مانيءَ جي تختيءَ تي رکي، منهنجي اڳيان رکيو. مون نِوڙي کيس سلام ڪري پنهنجي ڇُري ۽ ڪانٽو ڪڍيو ۽ کائڻ لڳس. اهو ڏسي هنن کي ڏاڍو مزو لڳو. زال پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي پاڻيءَ جي ننڍڙي پيالي آڻڻ لاءِ چيو. اها ٻن گئلن جي ماپ هئي. انهيءَ ۾ هن شراب وڌو.
مون ڏاڍيءَ مشڪلات سان اُهو پيالو ٻنهي هٿن ۾ کنيو. ڏاڍي ادب ۽ تعظيم سان انهيءَ مائيءَ کي تندرستيءَ جي دعا ڪري پي ويس. جيڪي چيم سو انگريزيءَ ۾ چيم ۽ وڏي آواز سان چيم، تنهن تي هو اهڙا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا، جو منهنجا ڪن ٻوڙا ٿيو پئي ويا. شراب سواد ۾ صوفن مان نڪتل شراب جهڙو هو ۽ خراب ڪين ٿي لڳو. تنهن کانپوءِ زميندار مون کي پنهنجي رڪابيءَ جي پاسي وٽ اچڻ لاءِ چيو. آءٌ حيرانيءَ مان ميز تان پنڌ ڪندو ٿي آيس، ته رستي ۾ مانيءَ جي هڪڙي ڀور تي آٿڙجي پيس ۽ منهن ڀر وڃي ڦهڪو ڪيم، پر ايذاءُ ڪونه پهتم.
آءٌ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيس، ميز تي ويٺل ماڻهن کي مون تي قياس آيو، تنهنڪري مون سندن تعظيم لاءِ پنهنجي ٽوپي لاهي ڪڇ ۾ ڪئي ۽ مٿي جي مٿان ڦيرائي ٽي ڀيرا خوشيءَ جو نعرو هنيم، انهيءَ لاءِ ته ڏيکاريان ته ڪِرڻ ڪري مون کي ڪو ايذاءُ نه آيو آهي. پوءِ آءٌ زميندار وٽ هلي ويس، جنهن کي اڳتي آءٌ ”پنهنجو ڌڻي“ سڏيندس. سندس ننڍڙو پٽ، جو سندس پاسي ۾ ويٺل هو ۽ فقط ڏهن ورهين جو ڇوڪر هو، تنهن مون کي ٽنگن کان وٺي کنيو ۽ هوا ۾ ايترو مٿي کڻي جهليائين، جو منهنجو عضوو عضوو پئي ڏڪيو. پر پڻس سندس هٿن مان مون کي کڻي ورتو، ۽ هن کي کٻي ڪَن تي اهڙو گهوشو هنيائين جو جيڪر يورپي گهوڙن جي لشڪر کي زمين تي ڪيرائي وجهي ها. پوءِ حڪم ڏنائين ته مون کي ميز تان وٺي وڃن.
مون کي ڊپ ٿيو ته متان اهو ڇوڪر مون سان وير رکي، ۽ خبر هيم ته اسان جا ڇوڪر جهرڪين،سَهن ۽ ڪُتن جي پلونگلڙن کي حرڪت ڪري ڪيترو نه ايذاءُ پهچائيندا آهن، تنهنڪري گوڏن ڀر ويهي اشارن سان عرض ڪيم ته آءٌ سندس پٽ کان معافي وٺڻ ٿو گهران، پيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڇوڪر وري پنهنجيءَ جاءِ تي ويهي رهيو. مون وڃي سندس هٿ چميو. پڻس اهو هٿ وٺي انهيءَ سان آهستي منهنجا پُٺا ٺپرايا.
ماني کائيندي منهنجي ڌياڻيءَ جي هريل ٻِلي ٽپ ڏيئي سندس جهوليءَ ۾ ويهي رهي. انهيِءَ وقت مون کي پٺيان اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جهڙو ڏهه _ ٻارهن جوراب اُڻندڙ ڪلن سان ڪندا آهن. جڏهن مٿو ورائي ڏٺم، تڏهن معلوم ٿيو ته ٻلي ٿي اهو پيار جو آواز ڪري. ٻلي به قد ۾ ٽن ڍڳن جيڏي هئي، جو انهيءَ جي مٿي ۽ چنبن مان مون کي ائين پئي معلوم ٿيو. سندس ڌياڻيءَ کيس ويٺي کارايو ۽ ٺپريو به ٻليءَ جي خوفناڪ شڪل ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو، جيتوڻيڪ آءٌ ميز جي پرانهينءَ ڪنڊ تي هوس ۽ اٽڪل پنجاهه فوٽ پري هوس. جيتوڻيڪ مائي ان کي جهليو ويٺي هئي، مون کي پنهنجن چنبن ۾ جهلي پر حقيقت ڪري ڪوبه ڊپ جو سبب ڪونه هو، ڇا لاءِ جو ٻليءَ مون ڏي ڪوبه خيال ڪونه ڪيو ۽ منهنجي ڌڻيءَ مون کي انهيءَ کان ٽن يارڊن جي اندر کڻي رکيو.
مون به پنهنجو ڊپ ظاهر نه ڪيو، جو هميشه ٻڌو هوم ۽ سفر ڪندي آزمودي مان معلوم ڪيو هوم ته ڪنهن خوفناڪ جانور جي اڳيان ڀڄڻ يا ڊپ ڏيکارڻ ڪري اهو پٺيان ڪاهي پوندو آهي. آءٌ همت جهلي ٻليءَ جي بنهه مٿي جي اڳيان پنج_ ڇهه ڀيرا هليس ۽ کيس اڌ يارڊ تي به ويجهو ويس... ته هوءَ هٽي پٺتي ٿي، ڄڻ ته مون کان ڊڄي ٿي. ٽي_ چار ڪتا به اندر جاءِ ۾ گهڙي آيا، جي اڪثر زميندارن جي گهرن ۾ ٿيندا آهن، پر انهن جو مون کي اهڙو ڊپ نه ٿيو. هڪڙو ته وڏو چئن هاٿين جي قد جيڏو ۽ ٻيو انهيءَ کان ڊگهو هو. ليڪن وڏو نه هو.
جڏهن ماني بس ٿيڻ تي آئي، تڏهن دائي هڪڙو ننڍڙو ورهيه کن جو ٻار ڪڇ تي کڻي آئي. انهيءَ مون کي ڏسي هڪدم رڙ ڪئي، جو ڀانيائين ته آءٌ ڪا راند جي شيءِ آهيان، سا وٺي _ جيئن اڪثر ننڍڙا ٻار ڪندا آهن. اها رڙ هئي، جا ”لنڊن جي پُل“ کان وٺي ”چيلسيءَ“ تائين جيڪر ٻڌڻ ۾ اچي. ماڻهن مون کي کڻي هن جي اڳيان رکيو ۽ هن هڪدم کڻي مون کي چيلهه کان ورتو ۽ مٿو کڻي وات ۾ وڌائين. تنهن تي مون هاءَ ڦاٽيون اهڙيون دانهون ڪيون، جو ٻارڙو ڊڄي ويو ۽ مون کي کڻي ڇڏيائين. جي ماڻس اڳ جي ڪپڙي سان مون کي نه جهلي وٺي ها، ته منهنجو ڪنڌ ئي ڀڄي پوي ها. دائي ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هڪڙو جهنجهڻو کڙڪايو، جو هڪڙو پورو ٿانءُ وڏن پهڻن سان ڀريل هو ۽ هڪڙو وڏو نوڙ، جنهن جو هڪڙو پاسو انهيءَ ۾ ٻڌل هو، تنهن جو ٻيو پاسو ٻار جي چيلهه سان ٻڌو پيو هو.
جڏهن ماني پوري ٿيڻ تي آئي، تڏهن منهنجو ڌڻي ٻاهر نڪري مزدورن ڏي ويو، ۽ سندس آواز اشارن مان معلوم ڪيم ته زال کي منهنجي نظرداريءَ جو سخت تاڪيد ڪيائين. آءٌ ڏاڍو ٿڪو هوس ۽ ننڊ ٿي آيم. منهنجي ڌياڻيءَ اهو حال ڏسي، مون کي پنهنجي هنڌ تي کڻي رکيو ۽ هڪڙو صاف اڇو رومال منهنجي مٿان وجهي ڇڏيائين، پر اهو اسان جي مکيه سڙهه کان به وڏو ۽ ٿلهو هو.
آءٌ اٽڪل ٻه ڪلاڪ ستو پيو هوس ۽ خواب پئي لڌم ته گهر پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ويٺو آهيان. جڏهن جاڳيس، تڏهن انهيءَ ڪري ڏک ٿيم، جو پاڻ کي هيڏيءَ ساريءَ جاءِ ۾ اڪيلو ڏٺم، جا ٻه _ ٽي سوء يارڊ ڪشادي ۽ ٻه سوء يارڊ مٿي هئي، رڳو هنڌ تي ويهه يارڊ ويڪرو هو. منهنجي ڌياڻي گهر جي ڪم ڪار پٺيان ويئي هئي ۽ مون کي جاءِ ۾ ڪلف ڏيئي بند ڪري ويئي هئي. هنڌ زمين کان اَٺ يارڊ مٿي هو. آءٌ هنڌ ۾ پيو هوس ته ٻه ڪُئا پردن مان سري چڙهي آيا ۽ سنگهندا هيڏي هوڏي هنڌ تي ڊوڙڻ لڳا.
انهن مان هڪڙو ته منهنجي منهن وٽ آيو ۽ آءٌ ڊپ کان ٽِپ ڏيئي اٿيس. اهي خوفناڪ جانور مون تي ٻنهي پاسن کان ڪاهي آيا، ۽ هڪڙي ته پنهنجا اڳيان پير منهنجي ڳچيءَ تي آڻي رکيا، پر آءٌ چڱي نصيب وارو هوس جو هڻي ماري رکيومانس ۽ هو مون کي ڪو نقصان پهچائي نه سگهيو. هو منهنجن پيرن وٽ ڪِري پيو، ۽ ٻيو پنهنجي سنگتيءَ جو حال ڏسي اُٿي ڀڳو، پر ڀڄندي به پٺن تي اهڙو ڌڪ هنيو مانس جو رت ٽمائيندو هليو ويو.
انهيءَ کانپوءِ ساهه کڻڻ ۽ سامت ۾ اچڻ لاءِ هنڌ تي ويهي پسار ڪرڻ لڳس، اهي ڪُئا قد ۾ وڏي ڪُتي جيڏا هئا، مگر انهن کان زياده چالاڪ ۽ خوفناڪ هئا. جيڪڏهن آءٌ پٽو لاهي سمهي پوان ها، ته جيڪر مون کي ڦاڙي ٽُڪر ڪري ڳڙڪائي وڃن ها. مُئل ڪُئي جو پُڇ مون ماپيو ته ٻه يارڊ ڊگهو ٿيو، فقط هڪڙو انچ گهٽ ٿيو، اهو مون هنڌ تان ڇڪي اڇلائي ڇڏڻ نه گهريو، اتي ئي پيو هو ۽ رت پئي وهيس. مون ڏٺو ته اڃا ساهه اٿس، تنهنڪري ڳچيءَ تي زور سان ڌڪ هڻي اصل ماري ڇڏيومانس.
سگهوئي پوءِ منهنجي ڌياڻي جاءِ ۾ آئي ۽ مون کي رت ۾ ڀريل ڏسي ڊوڙي اچي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين. مون کِلي مُئل ڪُئي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ٻين اشارن سان سمجهايومانس ته مون کي ايذاءُ نه پهتو آهي. تنهن تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيائين ته مئل ڪُئو چمٽي سان کڻي، دريءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏ.“ پوءِ پاڻ مون کي کڻي ميز تي رکيائين. جتي مون هن کي پنهنجي ترار رت سان ڀريل ڏيکاري، ۽ پنهنجي ڪوٽ جي دامن سان اُگهي وري کُپ ۾ وجهي ڇڏيم.