گل شڪر/د
۲۴۵ - دريا ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
درياءَ جي ڀر ڊپ واري جاءِ آهي، تاتي ڇوڪر کيڏندو، سو هڪڙي نه ٻئي ڏهاڙي ٻڏندو. تنهن وانگي جو چوريءَ يا ٺڳيءَ يا اهڙي ٻيءَ ڪنهن هاج سان وهنوار رکندو، سو ڪڏهن نه ڪڏهن کاٻاربو ۽ موچڙا کائيندو. جهڙو هڪڙي کان پڇيائون ته؛ نالو ڇا اٿئي؟ چي؛ بچو. چي؛ ڪم ڪهڙا ڪرين؟ چي؛ نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهان. چي؛ تون به نه بچين.
۲۴۶ - دم درميان، الله مهربان.
هي پهاڪو سختيءَ پيلن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ آيو آهي، جو جنهن سختيءَ ۾ ڪي ويرم هئي، تنهن کان به نه ڊڄجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
خداوندان کام و نيک بختي،
چرا سختي کشتد از پيش سختي؟
برو شادي کن اي يار دل افروز،
غم فردا نبايد خورد امروز. وڏي ڀاڳ وارا صاحب مراد مند،
سختيءَ کان اڳي ڇو پريشان ٿين؟
وڃ اي يار دل ٺار خوشي ڪر،
سڀاڻي جو غم اڄ کائڻ نه کپي.
۲۴۷ - دال روٽيءَ کاڌي ڌن کٽي، ته کٽڻ ڏي.
دال روٽي کائڻ قناعت جو آريکڻ آهي، تنهن جي کاڌي ماڻهو ولهو ڪين ٿئي؛ پر جي ولهو ٿئي، ته به ٽرڙائيءَ جو نالو مٿس نه پوندو. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو قناعت لاءِ تاڪيد ٿو ڪري. تنهن لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آهي:
تونگري بقناعت بہ از تونگري به بضاعت. قناعت واري شاھوڪاري، ھٿ-ڦاڙ شاھوڪاريءَ کان ڀلي
۲۴۸ - دل کوٽي ته عذر گهڻا.
اهڙو فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي.
دل ناخوار را عذر است بسيار. دل کوٽي ته عذر گهڻا
تنهن جو مضمون ساڳيو سنڌيءَ وارو آهي؛ مطلب سندن هي آهي، جو جڏهن دل ۾ کوٽ هوندو، تڏهن گسائڻ لاءِ مِنهن گهڻا.
۲۴۹ - دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجهو آهي.
دائي، جا زال کي ويارائي ٿي، تنهن کان پيٽ ڳجهو نه آهي، تڏهن ڌڻيءَ جو هن ماڻهوءَ جو اُپائڻهار ۽ پالڻ وارو آهي، تنهن کان سندس ڪهڙو حال ڳجهو هوندو؟ تنهن تي هڪڙو مثال آيو آهي:
ٻٽي ڄڻا گڏجي هڪڙي ڪامل وٽ مريد ٿيڻ لاءِ ويا؛ تنهن چڪاس لاءِ هڪڙي هڪڙي کي ڌار ڌار ڪري هڪڙو هڪڙو پکي ڏنو، ۽ چيائين جو جاتي ڪوئي ڪو نه ڏسي، اتي ڪهي کڻي اچو. ٿوريءَ ويرم کان ٻيا سڀ پکي ڪهي کڻي آيا، مگر هڪڙي جيئرو واري آندو. چيائين جو جاتي وڃان ٿو، تاتي ڌڻي، جو انتر جامي آهي، سو ڏسي ٿو. تنهن جي ايمان تي ڪامل شاباس ڪئي. مطلب جو ڌڻي سڀ ڳالهه جو ڄاڻندڙ ويڻندڙ آهي.
۲۵۰ - دولت نهن کان ماس وڇوڙي.
نهن کان ماس وڇوڙي، هيءَ اصطلاحي ڳالهه آهي، يعني پيءُ کان پٽ، ڀاءُ کان ڀاءُ وڇڙي پري ٿئي. مطلب جو دولت اهڙي نازڪ ۽ پياري وٿ آهي، جو سنديس ڏيتي ليتي مائٽن کان مائٽ ۽ دوست وڇوڙي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي.
هڪڙي ساڌ پنهنجي گروءَ کي چيو، جو ماڻهو وٽم گهڻا ٿا اچن، تن جي گوڙ وچان ڌڻيءَ جي ڀڄن ۾ سيڙ ٿي ٿئي. تنهن کي چيائين ته جيڪو وهيون هئي، تنهن کان اڌار گهر؛ ۽ جيڪو ولهو هجي تنهن کي اُڌارو ڏي، ته جڏهن مايا جي ڏيتي ليتي ٿي، تڏهن سائي کي اُڌارو ڏيڻ ۽ سڃي کي قرض لاهڻ ڏکيو لڳندو، سي وري ڪين ايندا.
اِن ڳالهه تي ٻيو به هڪڙو ڏٺل ٽوٽڪو ياد آيو اٿم:
زيد سؤ (۱۰۰) رپين، بڪر، پنهنجي پراڻي يار کان اُڌارو گُهريو؛ تنهن نه ڏنس. ڪن ڏهاڙن کان پوءِ بڪر کي زيد ڏوراپو ڏيئي چيو، جو مون کي تو ۾ اها اُميد نه هئي، ته سؤ (۱۰۰) رپين لاءِ مون کي موٽائيندين. تنهن کي بڪر چيو، جو مون پڻ تو ۾ اها اميد نه ڄاتي هئي، جو تون هيترن ورهين جي دوستي ٿوريءَ ڳالهه لاءِ ڇنندين. تنهن کان زيد کلي پڇو ته سو ڪيئن؟ چي جا دولت نهان ماس وڇوڙي، سا تو ۽ منهنجي دوستيءَ ۾ وڇوڙو وجهندي، ڇا ويرم ڪندي؟ هاڻي ويچار گُهرجي، ته دولت وڇوڙي جو سبب آهي يا نه؟
۲۵۱ - دل ڪاريءَ کان منهن ڪارو چڱو آهي.
دل ۾ کوٽ ۽ ڪپت رکي، ظاهر پاڻ کي درويش چوائڻ کان ڪارَ-مُنهائي چڱي آهي، تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
نکو سيرتي بي تکلف برون،
بہ از پارسائي خراب اندرون. ٻاهران سادائي، اندر ۾ موچاري عادت،
فقيريءَ کان چڱي، جنهن ۾ اندر بڇڙو.
۲۵۲ - دولتمندن جا ڏاند ويامن.
ڏاند جو ويامڻ، هي نه ٿيڻ جي ڳالهه آهي؛ پر پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو ڀاڳوان ماڻهوءَ کي ناممڪن هنڌان پڻ فائدو ملي ٿو. ان تي هڪڙو نقل آيو آهي:
هڪڙي ڌنوان ماڻهوءَ چيو، جو شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي، اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي ولهي ان ساڳئي دولتمند کان سؤ (۱۰۰) رپين وياجيرو وٺي آڻي گهر رکيو؛ ڀانيائين جو جڏهن رپيا ويامندا، تڏهن ٻچا پاڻ وٽ رکي رپيا شاهوڪار کي ورائي ڏيندس. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاهوڪار رپيا گهريس، ڏٺائين جو اوترا ئي رکيا آهن، تڏهن رپيو ٻه وياج جو گهران وجهي ڏنائين ۽ شاهوڪار کي رپين جي نه ويامڻ جو ڏوراپو ڏنائين. تڏهن اهي وياج وارا رپيا ڏيکاري چيس، جو رپين جو ويامڻ اهو آهي، جهڙا منهنجا ويايا. تنهنڪري ڄاڻڻ گهرجي، جو ڏاندن جو ويامڻ پڻ اهڙو آهي.