328913گل شڪر — پ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۱۱۸ - پرائيءَ ڌيءَ تان کارڪ به چڱي.
هن پهاڪي جي پاڙ هن طرح آهي، جو هڪڙو ماڻهو پاڙوسيءَ جي ڌيءُ جي وهانو تي ويو، جڏهن وري آيو، تڏهن ڀاڻس پڇيو ته ڇا مليُئي؟ چي کارڪ. چي بس؟ تڏهن هي پهاڪو چئي ٻڌايائينس. مطلب جو جيڪي اونهيئين ري کپت ملي، پوءِ توڙي ٿورو هجي، ته به چڱو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
مفت را چه بايد گفت. مفت ملي تنهن کي ڇا پڇبو.

۱۱۹ - پڇندڙ نه منجهندڙ.
هن پهاڪي وارو پڻ نمبر ۵ واري پهاڪي چوندڙ وانگي مرشد کان واٽ پڇي وٺڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو ته پڇندين ته واٽ ملندئي، ۽ منجهندين ڪين. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
جوينده يابنده. ڳوليندڙ سو لهندڙ.

۱۲۰ - پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب.
هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، رڳو ايترو آهي، ته جو ماڻهو پاڻ پنهنجو زيان ڪندو، تنهن جو علاج ڪير ڪندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
خود کرده را علاجي نيست پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب

۱۲۱ - پاڻي ۽ باهه ٿورا نه ڄاڻجن.
اکري هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب هي آهي، جو باهه توڙي هڪڙي چڻنگ به هئي ته به ٿوري نه چئجي، ڇا کان جو وڌندي ويرم نه ڪري؛ ۽ پاڻي ته به ان طرح جو هڪڙي واهه ۾ ننڍو پاڻي هئي، تنهن ۾ ڪو بيخوف ٿي گهڙي، پر جي اُن ۾ هڪڙي کڏ هئي ته ٻڏي يا نه؟ تنهن ڪري ٻنهي کي ٿورو نه ڄاڻجي؛ ۽ ڊڄڻ گهرجي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
آب و آتش به چشم کم ديدن،
کار داناءِ دوربين نه بُود پاڻي ۽ باهه اکين سان ٿورا ڏسڻ،
ڪم ڏاهي پڇاڙي-ڳڻيندڙ جو نه هئي.

۱۲۲ - پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهجن.
ڪنهن واهه جو پاڻي لنگهڻو هجي، ته پاڻيءَ وٽ اچي سڀڪو ڪپڙا لاهي، پر واهه تي پهچڻ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ اهو ڪم آهي، جهڙو حجامت جوڙائڻ واري ڏينهن حجام اڃا آيو ئي نه هجي، اڳيئي مٿو اگهاڙو ڪري پسائي ويهجي، يعني اڳ ڪٿيءَ ڳالهه لاءِ فڪر ڪرڻ سياڻپ نه آهي.

۱۲۳ - پيادي مان هسوار، هسوارن مان پيادا.
دنيا جو معاملو سدائين ڪنهن سان هڪجهڙو نٿو رهي؛ هڪ سڃن مان ساوا ٻيا ساون مان سڃا ٿين. تنهن تي هي هڪڙو مثل آهي:
بادشاهه هڪڙي ڪامل کان پڇيو؛ جو ڌڻي ڪهڙا ڪم ڪري؟ ڪامل چيس؛ جو گهوڙي تي چڙهي جهنگ ڏي هل، ته ورندي ڏيانءِ. تنهن موجب ڪامل پنڌڙيو ۽ بادشاهه گهوڙي تي چڙهيل جهنگ ۾ ويا. تڏهن بادشاهه ڪامل جي چوڻ پٽاندر گهوڙي تان لهي پنڌ ٿيو، ۽ ڪامل گهوڙي تي بادشاهه کي سوال جي ورندي ڏني، ته ڌڻي هي ڪم ڪري، جهڙو مون کي پيادي مان سوار ڪيائين، ۽ توکي سوار مان پيادو. ان تي گورو نانڪ شاهه پڻ چيو آهي:
ريتي ڀري، ڀري سکناوي، يہ تانڪو وهنوار. ٺلها ڀري، ڀريا ٺلها اهو سندس ڌنڌو.

۱۲۴ - پنهنجي ڌنئري کي کٽو ڪو نه چوي.
هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر مطلب هي آهي، جو پنهنجي وٿ جي گلا ڪو به ڪو نه ڪري. ويتر سڀڪو ساراهي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
تا سمند زمين در يورش است،
کس نگويد که دوغ من ترش است، جاسين ڌرتيءَ جو گهوڙو ڊوڙندڙ آهي،
ڪو ماڻهو نه چوي ته منهنجو ڏڌ کٽو آهي.

۱۲۵ - پرڻ چوي ڏونگهي کي وڃ ٽِه ٽُنگا.
پرڻ، هڪڙو اٽي ڇاڻڻ جو باسڻ آهي، جنهن کي گهڻا ٽنگ ٿين؛ ڏونگهو مٽ مان پاڻي ڪڍڻ جي شيءِ آهي، جنهن کي ٽي ٽنگ آهن. مطلب هي آهي جو گهڻن ويڪُن وارو ٿورن وِڏُن وارن کي مهڻو ڏئي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
آپ نه ديئي چُلون ڀر پاني؛
تن نندي جن گنگا آني. پاڻ ڪنهن کي چرونءَ جيترو پاڻي به نه ڏئي؛
تن جي گلا ڪري جن گنگا آندي.
پر فارسيءَ وارو اهڙين ڳالهين ڳالهائڻ وارن کي منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو:
چو بد ناپسند آيدت خود مکن؛
پس آنکه به همسايه گو بد مکن. جي بڇڙائي نه وڻيئي ته پهريائين پاڻ نه ڪر،
پوءِ پاڙي واري کي چئو ته بڇڙائي نه ڪر.

۱۲۶ - پنڻ وچان پڙهڻ ياد نه آهي.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جنهن کي بک هوندي تنهن کي پڙهڻ يا عبادت يا ٻيو ڪم ڪٿان ياد پوندو؟ جهڙو ڪبير صاحب جو وچن آهي:
بوُکي ڀڳت نه ڪيجي، يه وچن مالها اپني ليجي بک ۾ ڀڳت نه ٿئي، هيءَ ارٿ مالها پنهنجي وٺ
۽ ان تي هڪڙو نقل پڻ آيو آهي:
هڪڙو غريب ماڻهو ڏهاڙي هڪڙي پڙهيل وٽ پڙهڻ ويندو هو؛ ۽ هڪڙو ڀاڳوان اُن غريب کي ڏهاڙي روٽي کارائيندو هو. هڪڙيءَ مهل او ڀاڳوان مسافريءَ تي ويو؛ تنهن ڪري غريب کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پنڻو پيو، ۽ پڙهڻ جي واندڪائي نه رهيس. هڪڙي ڏهاڙي اُو پڙهيل واٽ تي مليس، ۽ پڙهڻ لاءِ نه اچڻ جو سبب پڇيائينس، تنهن تي چيائين جو پنڻ کان واندو ڪين آهيان، پڙهان ڪئن؟ مطلب جو اڻ هوند واري کي سڀ ڪم اهنجو آهي. اهڙو مذڪور نمبر ۷۰ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

۱۲۷ - پيٽ ڀريو ته منهن ڪارو سهي.
ڪميني ماڻهوءَ کي دولت گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي گهڻي رهي، ۽ مان جو فڪر ٿورو به نه رکي؛ ۽ مان کان ماني پياري ڄاڻي، ۽ چوي:
بخدمت منہ دست برپاي من،
مرا نان ده و کفش بر سر بزن. خذمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک؛
مون کي ماني ڏي ۽ پادر مٿي تي هڻ.
پر اهو لڇڻ ڪميڻ جو آهي؛ ۽ اشراف کي اها ڳالهه نه وڻي؛ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
اگر آبحيات را بر آبروءِ فروشند، دانا نخرد. جيڪڏهن انبرت آبروءَ تي وڪامي ته به سياڻو نه ڳنهي.
۽ اهڙو ذڪر نمبر ۱۶۱ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

۱۲۸ - پُٽ ڪُپُٽ پينگهي ۾ پڌرو.
هن پهاڪي جي اکري ارٿ ۾ ڪي اهنجو نه آهي، جنهن جو بيان ڪجي؛ مگر مطلب سندس هي آهي، جو سلڇڻو ۽ ڪلڇڻو ماڻهو آريکڻن ۾ پڌرو. جهڙو هندي وارو چوندو آهي:
ڪل سُپوت جانيو پري لک سڀ لڇڻ گات؛
هون هار بروان کي هوت چِڪني پات. ذاتي سُپُتُ بُتَ جي لڇڻن ڏسڻ مان سڃاپي،
ڀلي ٿيڻ وارو بروان * جا پن ئي سڻڀا ٿئن.
۽ اهڙو ذڪر نمبر ۲۹ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

  • “بروان” وڻ جو نالو.


۱۲۹ - پاڻُ نه پلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي.
هي پهاڪو اهڙن ماڻهن جي نصيحت لاءِ آيو آهي، جي ٻين کي جنهن کان جهلن سو ساڳيو ڪم پاڻ ڪن. تنهن لاءِ گرو نانڪ شاهه پڻ چيو آهي:
اوران اُپديسي اَپ نه ڪري،
آوت جاوت جنمي مري. ٻين کي نصيحت ڪري، ۽ پاڻ اُئين نه ڪري،
اُهو اچي وڃي ۽ ڄاپي ۽ مري.
۽ اهڙن لاءِ هنديءَ واري چيو آهي:
آپ ڪهي ناهن ڪري تانڪو هي يہ هيت،
آپُ نجاوي ساسُري اوران ڪُون مت ديت. چوي ۽ پاڻ نه ڪري تنهن جو حال هي آهي،
جا عورت پاڻ ساهري نه وڃي، ۽ ٻين کي صلاح ڏئي.
۽ فارسيءَ واري پڻ اهڙن لاءِ چيو آهي:
ترک دنيا به مردم آموزند،
خويشتن سيم و غله اندوزند. دنيا جو ڇڏڻ ماڻهن کي سيکارين،
پاڻ چاندي ۽ اَنُ گڏ ڪن.
پر جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي هي سڀ اڻ وڻندي ٿا ڏيکارين تڏهن ديندار ماڻهوءَ کي ان هلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

۱۳۰ - پاڻي پي نه ذات پڇجي.
ڪي ماڻهو هڪڙين ذاتين وارن ماڻهن جي هٿ جو پاڻي نه پين؛ پر جڏهن ڪنهن ذات واري جو پاڻي پي پوءِ ذات پڇندو، ۽ اُن ذات واري جو پاڻي پيڻو نه هوندس، ته ارمان کائيندو. پر مطلب هي آهي، جو جنهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ ارمان کاڌي به پرائجي سو پهريائين جاچي ڇو نه ڪجي؟ تنهن تي هنديءَ واري به چيو آهي:
جو ڪرئي سو ڪيجيي پهلي ڪر نر ڌار؛
پاني پي گهر پوڇنا ناهن ڀلو ويچار. جيڪي ڪرڻو هئي سو پهريائين ويچار ڪري ڪجي؛ اڳ ۾ پاڻي پي پوءِ گهر پڇڻ چڱو ويچار نه آهي.

۱۳۱ - پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.
سڀڪنهن ماڻهوءَ کي بڇڙي ۽ چڱي ڪم جي ڦير جي سُڌ آهي. توڙي هڪڙو جهنگلي ماڻهو هوندو، ته به حلال ۽ حرام کائڻ جو ڦير سمجهندو، تڏهين جو ماڻهو ڄاڻي بڇڙو ڪم ڪندو، سو ڪر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندو. تنهن وانگي سڀڪو ڄاڻي ٿو جو دنيا دوياري آهي؛ پر جو ماڻهو ائين ڄاڻي دنيا جي لوڀ تي دين ٻوڙيندو، تنهن سان هي پهاڪو لاڳو آهي. جهڙو شيخ فريد صاحب فرمايو آهي:
دين گوايو دُني سين، دني نه چلي ساٿ؛
پاءِ ڪهاڙا ماريا غافل اپني هاٿ. دنيا لاءِ دين وڃايئي دنيا به ساڻ نه هلي؛
موڳي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيون.

۱۳۲ - پلاءُ رحمت الله عليہ، جي هڪيو حاضر هوءِ. ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.
پلاءُ هڪڙي چڱي کاڄ جو نالو آهي، جو چانورن، گوشت ۽ گهڻي گيهه، مصالح سان جڙي. مطلب جو جن کي ڌڻيءَ جو ڏنو آهي، تن کي ڏهاڙي اهڙا کاڄ کائڻ لاءِ هڪيا آهن؛ ۽ جن کي ڌڻي سنجم يعني قناعت بخشي آهي، سي پنهنجي لڄ پت جي رٻ کي پلاوَ کان پڻ واڌو ڄاڻن. مگر جي حريص وات جا چٽا آهن، تن مان ڪنهن هي پهاڪو چيو آهي، جي پرائو ان ڏسي، پيٽ به پرائو ڄاڻي ڀرن، تن کي نيٺ زيان ٿئي. پر سُگهڙ ماڻهوءَ کي اهڙي هلت نه گهرجي.

۱۳۳ - پرائي دهلين احمق نچي.
پنهنجي گهر جي شاديءَ جي دهلن تي سڀڪو نچي، جو هڪڙن قومن جي ريت آهي؛ پر پرائي شاديءَ جي دهلن تي ڪنهن جو ڇا واسطو؟ جهڙو ڪي هڪڙي جي گهر ۾ پلاءُ رجهي، ته پاڙي واري توڙي ٻئي کي ڪهڙو سواد ايندو؟ ۽ تهان سواءِ جو پراوا دهل وڄندا ڏسي نچندو، سو پنهنجو ڪم سيڙائيندو. پوءِ اُن کي احمق ڄاڻبو ڪي نه؟ تنهن ڪري سياڻي کي گُهرجي جو اهڙي پهاڪي جو مهاڏو ٿي، پنهنجي ڪم ۾ رڌو رهي. اهڙو بيان نمبر ۱۳۴ ۾ پڻ آيو آهي.

۱۳۴ - پرائي پٽ کي چمئي، گِگ ڀرجي وات.
پنهنجي پٽ کي چمي ڏيڻ مان، سڀڪنهن کي سواد اچي، ۽ پرائي پٽ چمڻ مان مورڳو ڪراهت. هن پهاڪي مان پڻ نمبر ۱۳۳ واري پهاڪي جهڙو مطلب نڪري ٿو.

۱۳۵ - پلا ڇڏي پاپي، ڪو کُٽل کڳا کائي.
پلو مٺي درياءَ جي هڪڙي سوادي مڇي آهي، کڳو هڪڙي سادي مڇي. مطلب هي آهي جو جيڪڏهن ڌڻي گيهه مليدو کائڻ لاءِ ڏئي ته بصر سان روٽي ڪير کائي؟ ۽ جي ڪيمخاب اطلس پهرڻ لاءِ ڏئي ته کٿو ڪير ڍڪي؟

۱۳۶ - پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري.
بعضي ماڻهو ٿوريءَ پڄنديءَ وارا خرچ گهڻو ڪن. هي پهاڪو انهن لاءِ چوي ٿو، ۽ قناعت لاءِ سمجهائين ٿو. هن ريت، جو ماڻهوءَ کي پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ سڀ کان ضرور آهي، ٻيا ورتڻ جا ڪم سڀ کان پوءِ؛ پر جو ماڻهو اهڙن ضروري ڪمن کي پاسي رکي پهريائين ٻين ڪمن جي ڳڻتي ڪندو، تنهن کي هي پهاڪو لاڳو ٿيندو.

۱۳۷ - پَت نَهَن تي پاڻي آهي.
پانيءَ جو ڦڙو نهن تي رکجي ۽ نهن ٿورو ئي لڏي ته هارجي پوي. تنهن وانگي پت جو ڪم پڻ نازڪ کان نازڪ آهي، جو جيڪڏهن ٿوري به منجهس حرڪت پوي، ته وري هٿ اچڻ اَولي آهي.

۱۳۸ - پاهڻ ڪنئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
پاهڻ هڪڙي ڏاڍي شيءِ آهي، تنهن کي گدڙ جهڙو گانڊو مرون ڇا کائي سگهندو؟ تنهن وانگي نڌر ماڻهو سڌر ڪم ۾ هٿ وجهندو ته ڪٿان ڪري سگهندو؟ اهڙو مثل نمبر ۱۰۶ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

۱۳۹ - پيٽُ ڀَرِ، پٺي لَڏِ.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو وهٽ کي گاه داڻو ڏيئي پيٽ ڀر، ته پٺيءَ تي بار کڻي. تنهن وانگي نوڪر يا مزدور کي پڻ قوت ڏي ته پورهيو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
زر بده مرد سپاهي را تا سر بدهد؛
و گرش زر ندهي سر نهد در عالم. ناڻو سپاهيءَ مڙس کي ڏي ته سِرُ ڏيئي؛
جيڪڏهن زر نه ڏيندينس ته ڀڄي ويندو.

۱۴۰ - پير کان به ويساه ڀلو آهي.
مطلب هي آهي، جو پِير گهڻو ڀلو هئي پر منجهس ويساهه رکبو ته مراد پوري ڪندو، نه ته نه. تنهنڪري ڇا سمجهڻ کپي ته ويساهه وڏو آهي يا نه؟ جهڙو فارسي مثل آهي:
محفل خدا پرستان همچو کلبہ بزازان ست؛
آنجا تا نقدي نه دهي، بضاعتي نَستائي؛
اينجا تا ارادتي نياري، سعادتي نه بَري. مجلس ڪاملن جي بزازن جي گهر جهڙي آهي،
هُت جاسين روڪڙ نه ڏين، وٿُ نه مليئي،
هِت جاسين ويساهه نه آڻين، مراد نه وٺين.

۱۴۱ - پٽيندي ئي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي کٽ سو پڻ پٽي پيٽ کي.
ڄٽ معنيٰ جهنگلي يا غريب، هو جو مٿي کٽ يعني هو جو وهيون، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو غريب توڙي دنيادار، ته سدائين پيٽ کي پٽيندو رهي ٿو، يعني پيٽ ڀرڻ لاءِ رُلي ٿو. اِن ڳالهه ۾ ڦير ڪو نه آهي. تنهن تي شيخ سعديءَ پڻ چيو آهي:
اگر جور شکم نبودي، مرغي در دام نيفتادي،
بلکه صياد خود دام نه نهادي. اگر پيٽ جو ظلم نه هجي ها، پکي ڦاهيءَ ۾ نه پوي ها،
ويتر ماري ڦاهي نه پکيڙي ها.

۱۴۲ - پٽ پراڻو ته ڪو جنڊ جو نائو.
جنڊ جو نائو، اٽو پينهي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي پراڻي اڳڙيءَ سان جنڊ تان اٽو اگهي لاهين، تنهن اڳڙيءَ جو نالو. معنيٰ هيءَ آهي، جو پٽ ڪهڙو به پراڻو هجي ته به جنڊ اگهڻ جي لائق نه ڄاڻبو. پر مطلب هي آهي جو هڪڙو اشراف وڏو وئل پئجي سُڃو ٿئي، ته به ان جي قدامت تي ڌيان نه رکي، ان تي نالائق ڪم رکڻ نه کپي، ڇا کان جو اڻ هوند ڪري هن جو مان اڏامي ڪين ويندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
جوهر اگر در خلاب افتد همان نفيس است؛
غبار اگر بر آسمان پرد همان خسيس است. جواهر جيڪڏهن گپ ۾ پوي ته به نازڪ آهي؛
لٽ جيڪڏهن اُڀ ۾ اڏامي ته به هلڪي آهي.

۱۴۳ - پنهنجي ٿوري، گڏهه کي به پيرين پئجي.
گڏهه کي پيرين پوڻ جو مطلب هي آهي جو ڪنهن مهل ڪميڻي ماڻهوءَ ۾ ڪم پوي ته سياڻو ماڻهو نياز ڪري ڪڍي وٺي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
نا سزائي را چو بيني بخت يار،
عاقلان تسليم کردند اختيار. نالائق ماڻهوءَ سان جڏهن ڏسين بخت ساٿي،
سياڻن سلام ڪرڻ کي اختيار ڪيو آهي.

۱۴۴ - پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀُنگو نه ڊاهجي.
هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ لڪو ڪين آهي جو پڌرو ڪري ڏيکارجي. مگر مطلب سندس هي آهي، جو ڪي ماڻهو ٽرڙا، وِلها، وهين جو کاڌو ۽ پهرڻ ڏسي ريس ڪري، پاڻ به اُها هلت ڪرڻ ڀائين؛ پر دولت بنا اُها چال ڪٿان هلي؟ مورڳو جيڪو وسلو هئين، سو پڻ ٿورن ڏهاڙن ۾ چٽ ڪري وهن. اهڙن ماڻهن کي هي پهاڪو ٽوڪي ٿو، ۽ چوي ٿو جو پنهنجي سادي سودي تي شڪر ڪري گذار. تنهن لاءِ فريد صاحب پڻ چيو آهي:
رُکا سُکا کائڪي ٺنڍا پاڻي پيءُ،
ديک پرائي چوپڙي نا ترسائو جيءُ. رُکي سُکي روٽي کائي ٿڌو پاڻي پيءُ؛
پرائي سڻڀي ماني ڏسي دل نه سڪاءِ.

۱۴۵ - پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.
پَي معنيٰ مڙس، جنهن سان زال پرڻجي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو جا زال جواڻ، مڙس پوڙهي سان پرڻي؛ تنهن ڄاڻ پنهنجي وهي وڃائي؛ ڇا کان جو هن کي اُن مڙس جي سنگت کان ڏاڍي بڇان لڳندي، جهڙو فارسي مثل آهي:
زن جوان را تير در پهلو،
بہ که پير در پهلو. جواڻ زال کي پوڙهو مڙس بغل ۾،
تنهن کان ڪُکِ ۾ ڪان چڱو.
پر سندس نج مطلب هي آهي، جو نا جنس سنگت ڪنهن کي نه وڻي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
پارسا را بس اين قدر زندان،
که بود هم طويلئه رندان. پرهيزگار فقير کي ايترو ئي قيد گهڻو آهي،
جو مست فقير سان هئي گڏ.

۱۴۶ - پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن/ پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن.
هنن ٻنهي پهاڪن جو مطلب هي آهي جو غريب، توڙي دنيادار، نِڌرُ جي سِڌُر، ته پنهنجي گهر ۾ ڄڻ راجا آهي.
تنهن تي هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
سکنانو گهر اپني، دکيا تو پرديس. سک ته پنهنجي گهر ۾، ڏک ته پرڏيهه ۾.

۱۴۷ - پاپ جي مايا پراڇت ۾ وڃي.
پراڇت معنيٰ گنگهاريءَ جو ڏنڊ؛ يعني جا دولت پاپ ڪري ڪو گڏ ڪندو تنهن جي اُها دولت پاپ جي گنگهاريءَ ۾ ويندي. جهڙو هڪڙو ماڻهو دلبو ڪري ڪٿان پنج رپيا هٿ ڪري، سي ڦٻي وڃنس؛ تنهن چوس تي وري اُن طرح دولاب ڪري ٻيا پنج رپيا ڪمائي، سا ڳالهه سرڪار ۾ پڌري ٿي پوي، تنهن بدران ڏهه رپيا ڏنڊ ڀري، اڳين پوئين ڪسر ڏيئي اچي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي يا نه؟ تنهنڪري گهرجي، جو ست ڌرم جي ڪمائيءَ مان حلال جي دولت هٿ آڻجي، جنهن کي اڳي پوءِ لهر نه لوڏو.

۱۴۸ - پلو سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
پلو هڪڙي مڇيءَ جي چڱي ذات آهي، ماڻهو سندس سواد جي ساراه ڪندا آهن؛ سيرو هڪڙيءَ طرح جو مٺو حلوي جهڙو کاڄ آهي؛ پر پلن جا کايارا ماڻهو پلي کي سيري کان پڻ واڌو ڄاڻي هي پهاڪو چوندا آهن؛ ٻيو نرالو مطلب منجهانس ڪو نه ٿو نڪري.

۱۴۹ - پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
يعني ڌوڙ نه پائجي، پر جي پائجي ته وڏي ڍير مان. مطلب سندس هي آهي جو ڪنهن جو ٿورو نه کڻجي؛ جي کڻجي ته وڏي لل ڀرئي جو کڻجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
مدد از مردمي کريم طلب؛ خاڪ از توده کلان بردار. واهر ڏاتار ماڻهوءَ کان گهر؛ ڌوڙ وڏي ڍير مان کڻ.

۱۵۰ - پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.
قرض ڪنهن کان به کڻڻ چڱو نه آهي؛ پر هن پهاڪي وارو پوءِ ڍائي، يعني ڪميڻي نئين ڍاول کان اُڌاري وٺڻ جي ڏاڍي منع ٿو ڪري. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
هر چه از دُونان به منت خواستي،
در تن افزودي، و از جان کاشتي. جيڪي ڪميڻن کان منٿ سان گهريئي،
بت ۾ وڌايئي؛ ساهه ۾ گهٽايئي.

۱۵۱ - پرائي آس؛ ڪني جي لاس.
لاس معنيٰ تيوڻ جي رسُ. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو پرائو آسرو اهڙو آهي، جهڙوڪي رڳيءَ رس کاڌي ڍَءُ ٿئي: يعني ڍءُ نه ٿئي. پر مطلب هي آهي، جو ڌڻيءَ ڌاران ٻئي جي آس رکڻ اهڙي آهي، جهڙي ڪُني جي رس ۾ آسرو رکڻ؛ ڇا کان، جو ديڳڙي ۾ رڌل تيوڻ جي رس لٿي کان پوءِ چِرڪي سُڪي، ۽ ڪني واري جي سِگھي. پر جيڪي پرائي آس رکن، تن لاءِ فارسيءَ واري چڱو بيت چيو آهي:
چه دلتنگ خفت آن فرومايه دوش،
که بر سفره ديگران داشت ڪوش. ڇا ڪوماڻل ستو اُهو اڄاڻ ڪلهه رات،
جنهن پرائي خونچي ۾ اک رکي.

۱۵۲ - پَهَيرُ چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي.
پهير يا لوڙهو ٻنيءَ جي چوڌاري ڀيل کان بچاوَ لاءِ ڏيندا آهن، واهي يعني نگهبان. مطلب هي آهي، جو حاڪم رعيت لاءِ اهڙو آهي جهڙو پوک ڪاڻ پهير؛ پر جڏهن ڪو رعيت جو مَٺَ-گُهرو ٿيو؛ تڏهن رکڻ وارو ڪير ٿيندو؟ تنهن تي فارسي واري چيو آهي:
نکند جور پيشہ سلطاني، که نايد زگرگ چوباني. ظالم بادشاهي نه ڪري؛ بگهڙ کان ڌنارپي نه ٿئي.

۱۵۳ - پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري، ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي خواري.
هي چار ڪم ننڍپڻ ۾ سکڻ سولا آهن ۽ اُن مهل جا سکيا وسرڻ جا نه آهن. وڏپڻ ۾ اهي ڪين سکي سگهجن. سياڻا چوندا آهن، جو ننڍي ٻار جي دل اهڙي آهي جهڙو ڪورو ڪاڳر. تنهن تي وڻي سو لکجي، پر جڏهن وڏو ٿيو تڏهن لکيل ڪاڳر تي لکبو؟

۱۵۴ - پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا.
بربلا ٽڪا، يعني ٿلها يا ڳرا ڏوڪڙ. پراڻي ڳوٿريءَ ۾ ٿلها ڏوڪڙ پوندا ته ضرور ڦاٽندي؛ تنهن وانگي ڪميڻي ماڻهوءَ کي دولت هٿ لڳندي ته مستي ڪندو، ۽ موچڙا کائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
سفله چو جاه آمد سيم و زرش؛
سيلي خواهد به ضرورت سرش. ڪميڻي کي جڏهن وڏائي ۽ دولت ملي،
ضرور سندس مٿو ڌڪ گهري.

۱۵۵ - پُٽُ تي گذار ته سگهو ئي پيءُ ٿيندين.
معنيٰ هن پهاڪي جي پڌري آهي، ۽ مطلب سندس هي آهي، جو نياز ڪري ادب سان هلندين ته سگهو وڏائي پائيندين؛ ۽ ٻيا تو اڳيان نياز ڪندا، پر جڏهن اصلي وڏائيءَ جو دم هڻندين ته ڇا پرائيندين؟ فارسي مثل آهي:
بلنديت بايد تواضع گُزين؛
که اين بام را نيست سُلمي جز اين. وڏائي گهرجيئي ته نياز هٿ ڪر؛
ته اِن ماڙيءَ کي اِن ڌاران چڙهڻي نه آهي.

۱۵۶ - پيٽ ٻه ٻانهون چنتا ناهين.
جنهن ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ هڪڙو پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻانهون ٻه، تنهن کي ڳڻتي ڪهڙي؟ پر مطلب هي آهي، ته ماڻهو دنيا جا سڀ ڌنڌا ڇڏي آجو رهندو، تنهن کي ڪنهن ڳالهه جو فڪر ڪو نه ٿيندو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
سات گانٺ ڪوپين ۾ ته او نه آني سنڪ،
رام عمل ماتي ڦرين گِنِھ اندرُ ڪُون رنُڪ. لانگوٽيءَ ۾ ست ڳنڍيون ته به فڪر ڪو نه ڪن.
ڌڻيءَ جي نشي ۾ مست وتن، اِندرُ* کي ولهو سمجهن.

  • اندر – سرڳ جو راجا.


۱۵۷ - پنئين مڱئين گهر هلي ته کہ اُڌاري واٽ.
بعضي آرسي ماڻهو پورهئي کان ڀڄن، ۽ چون جو پن مان گذر ٿئي ته اُڌارو پڻ نه وٺجي. هي پهاڪو اهڙن ڏي ميڇ ٿو ڏئي؛ پر لڄ واري کي ان جي ابتڙ ڪرڻ کپي. هن ريت جو حلال جي ڪمائيءَ مان پاڻ به پالي، ۽ پڄنديءَ آهر مسڪين محتاج جي به پالنا ڪري، فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
بچنگ آر، با ديگران نوش کن؛
نه بر فضلئه ديگران کوش کن. هٿ آڻ، ۽ ٻين سان ونڊي کاءُ؛
ٻين جي اوبر کائڻ جو سعيو نه ڪر.

۱۵۸ - پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري کتابي.
کتابي يعني شاگرد. سياڻا چوندا آهن جو استاد جي مار سنوار آهي، پر جڏهن استاد پاڻ پڙهيل نه هوندو تڏهن شاگرد سندس مار مان ڇا پرائيندو؟ تنهن وانگي جو درويش پاڻ ڌنيءَ جي واٽ جو سونهون نه هوندو، سو ٻئي کي ڪٿان واٽ ڏيکاريندو؟ جهڙو؛
خفتهء را خفتهء کي کند بيدار؟ ستل کي ستل ڪٿان جاڳائيندو؟