Page:Zeenat.pdf/10

This page has not been proofread.

پیش لفظ

پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض تہ ”ناول“ صنف جي ڪتابن جي گهرج سنڌ ۾ تمام گهڻي آهي. سُڌريل ملڪن ۾ ۽ سڌريل ٻولين ۾ هزارين ناول اڳيئي جڙيل آهن تہ ٻہ هزارين ٻيا سال بسال نوان پيا جڙن؛ ۽ جوڙڻ وارا نہ رڳو مڙس آھن، پر زالون به. انهيءَ مان معلوم ٿيندو تہ اتي جي مڙسن ۽ زالن کي انهيءَ قسم جي ڪتابن پڙهڻ جو ڪيترو نہ شوق آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب بلڪل ڪمياب آهن نڪو ڪنهن کي انهن جي لکڻ يا پڙهڻ جو گهڻو شوق ٿو ڏسجي. تنھن ڪري اهڙو شوق پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ مون هن کان اڳي انهيءَ نموني جو هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيو آهي. جنهن جو نالو”دلارام“ آهي. ٻيو وري هي لکيو اٿم.

اهو هڪڙو نئون رٿيل خيالي قصو آهي. جنهن ۾ زماني جي گردش ۾ هال چال جو بيان گهرو اصطلاح ۾ ڏنل آهي. هن ۾ سنڌ جي سُڌريل گهرن جي ھلت چلت، جيڪا اڪثر هن زماني ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سا چڱيءَ طرح ڏيکاريل آهي. قصو رڳو ڪهاڻيءَ وانگي ناهي پر گهڻو ڀاڱو گفتگو جي صورت ۾ ڏنل آهي. اڳوڻي زماني جي قصن وانگي هن ۾ جن ڀوت يا پري يا ديو يا جادوَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن، جي ٿيڻ جهڙا آهن، جي سڀڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا ۽ جڏهن منهنجو اهو بہ مطلپ هو ته زالن جي دل تي نيڪيءَ جو اثر ويهاريان، تڏهن هن ۾ جيڪي خيالي ماڻهو آندا اٿم، تن مان مکيه هڪڙي زال آهي، جنهن تي ساري قصي جو مدار آهي. انهيءَ جي نالي جي پٺيان مون هن ڪتاب جو نالو بہ ”زينت“ رکيو آهي. اميد تہ پڙهندڙ ان جي پڙهڻ مان گهڻي خوشي حاصل ڪندا، ۽ قسمين قسمين جون نصيحتون ڪڍندا، ۽ جيڪا سهو يا خطا ڏسندا تنهن بابت مهرباني ڪري مون کي اطلاع ڏيندا، تہ آئنده لاءِ ان تي مناسب نظر رکي وڃي.

هن ڪتاب ۾ هيٺين ڳالهين جو ذڪر هليل آهي. ۽ جتي ڪنهن سڌاري ھئڻ جو ضرور ڏٺو ويو آهي، اتي مناسب طرح اشارو بہ ڏنو ويو آهي: