Page:Zeenat.pdf/21

This page has not been proofread.

پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رکيل هوندي هئي، جو جيڪو پاڙي اوڙي جو ماڻهو ڪڏهن اتي ويندو هو ته سندس سگهڙپائيءَ جي تعريف مان ڍاپندو ئي ڪين هو.

اهڙين ڳالهين جي ڪري، هن گهر جي و اکان ڳوٺ مان هلي شهر جي ماڻهن تائين وڃي پهتي هئي: پوءِ اهڙيءَ ٻانهن جي لاءِ ڀلا ڪهڙو اشراف ۽ عزت وارو ماڻهو خواهشمند نه ٿيندو؟ سرائيءَ جي جيئري ئي انهيءَ نسبت ۾ ٿورو گهڻو چوڻ چائڻ ٿيو هو، پر سندس ميئ کان پوءِ پاڻ ماڻهن کي ڪوشش ڪرڻ سولي ٿي. خاص ڪري جڏهن سڀني کي خبر هئي ته سرائيءَ سان سندس عزيز به ايتريقدر ساز ۾ نه آهن.

سيٺ گل محمد ميمڻ هڪڙو وڏو شاهوڪار هو، جنهن جي ڪوٺي حيدرآباد ۾ هئي، ۽ سندس گماشتا ڪراچيءَ، بمبئيءَ ۽ ٻين پاسي هوندا هئا،؛ تنهن پنهنجي پٽ جي لاءِ مٿا پئي هنيا ۽ اوير سوير سوکڙيون سڙيون پي موڪليندو هو. نه رڳو ايترو، پر بختاور کي به ڏيڻ وٺڻ سان پنهنجو ڪري ڇڏيو هئائين.

پر ميان محمد رمضان وڪيل هو، تنهن کي وري پنهنجي طمع هئي ۽ اگرچ هڪ زال اڳي به هيس، ته به ڇوڪريءَ جي تعريف ٻڌي، وڏ گهري ڄاڻي، پئي مٿا هنيائين ته سکرن مان ٻانهن وٺي، آءُ به وڏو ماڻهو ليکجان. جيتوڻيڪ هو اصل غريب ماڻهو، ذات جو ميربحر هو، ۽ پڻس مسيت ۾ ملپي ڪندو هو، ته به هاڻ وڪالت ڪري اچي بخت لڳو هوس، سو هينئر تمام وڏو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو.

پر اسان مٿي ڏٺو آهي ته، مائي شهربانوءَ کي هن سان مائٽي ڪرڻ ۾ البت اعتراض هو، اگرچ بختاور سيٺ جي فائدي ۾ گهڻو ڳالهايو ٿي. مائيءَ جي اعتراض آڻڻ جو هيءُ به سبب هو، جو هن کي پنهنجي ڀاءُ الهداد جي پٽ سان ڌيءَ جي شادي ڪرڻ جو ارادو هو ۽ اگرچ اهو گونگو هو، ڪنهن به طرح ڪمائيءَ ڪرڻ جهڙو نه هو، پر ويجهو مائٽ هوس، تنهنڪري جيئن اڪثر زالن جو خيال ٿيندو آهي، ته ڌاريا ڪهڙا به لائق هجن، ته اهي ڇڏي به پنهنجا نالائق عزيز پسند ڪنديون آهن. تيئن هن کي به خيال هو. وري ڀاڻس کي ننڍي ڌيءَ ٽن ورهين جي