Page:Zeenat.pdf/22

This page has not been proofread.

هئي، سا ڀانيائين ته حامد کي وٺي ڏيان، انهيءَ ڪري ٻين سڀني رٿن کان اها رٿ وڌيڪ پسند هيس.

ليڪن اڃا دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪونه ڪيو هئائين، پئي ڳڻتيون کاڌائين ته ڪيئن ڪريان،. ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ سان صلاح ڪرڻ لاءِ دل نه چوندي هيس. سندس صلاحڪاريون هيون هڪڙي بختاور ۽ ٻي سندس جوان ۽ پڙهيل ڌيءَ زينت بانو. پر اهڙين ڳالهين ۾ زينت بانوءَ کان پڇڻ ڳاڇڻ هن مناسب نٿي ڄاتو، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن بختاور سان ڳالهه چوريندي هئي، نه ته پنهنجي منهن پئي پهه پچائيندي هئي. انهن ڳڻتين کائيندي به ڪي ڏينهن لنگهي ويس.