باب ٽيون
پٽ جي ڳڻتي
حيدرآباد جي ڪچي ۾ علي نواز خان نالي هڪڙي مغل جو گهر هوندو هو. هو ميرن جي صاحبيءَ ۾ خراسان کان آيو هو ۽ واپاري ماڻهو هوندو هو. هن مغل جي گهر جو اسان جي ڳالهه سان جيڪو واسطو آهي، تنهن جي بيان ڪرڻ کان اڳي بهتر آهي ته هن جي سنڌ ۾ اچڻ جو بيان ڏيون.
هو اصل جو ترڪ هو. هن جو پيءُ ترڪستان جي سرحد واري هڪڙي جابلو پرڳڻن جو رئيس هو ۽ روس جي شهنشاهه جو ڍل ڀرو هو. انهن ڏينهن ۾ روس ۽ ايران جي وچ ۾ اڪثر لڙايون ٿينديون هيون ۽ هو ٻيئي هڪٻين جي ملڪ تي ڪاهه ڪري ڦرون لٽون ڪندا هئا. هڪڙي اهڙي لڙائيءَ ۾ ڪن سببن ڪري، ايران جو لشڪر فتحياب ٿيو ۽ روسي لشڪر کي شڪست آئي.
روس جي لشڪر ۾ سندس هٿ هيٺ وارن ڪيترن ئي ننڍن حاڪمن جو لشڪر مدد لاءِ آيل هو. انهن ۾ علي نواز جو پيءُ به پنهنجي لشڪر سوڌو حاضر هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ ڏاڍي خونريزي ٿي ۽ روس جي طرف جا گهڻا ماڻهو ماريا. جيڪا ڦر مار ٿي، تنهن ۾ ڪيترائي مڙس ۽ زالون ۽ ٻار قيد ٿيا. علي نواز جو پيءُ پنهجي زال ۽ ٻن پٽن سوڌو به قيد ٿي پيو. ۽ ذري گهٽ ماريائونس ٿي، پر هن گهڻا حيلا حوال ڪري، پاڻ کي موت کان بچايو. اهو جيئدان جو هن کي مليو، سو خاص سندس زال ۽ ننڍن ٻارن جي منٿن ڪري، جن جي ليلائڻ تي فتحمند غنيم کي قياس اچي ويو،تنهن ڪري هنن کي ٻين قيدين سان گڏ ايران ڏي وٺي آيا. هي چار ڄڻا اگرچ پرڏيهه ۾ قيدي هئا، تڏهن به گڏ رهڻ ڪري پاڻ کي چڱي نصيب وارا سمجهندا هئا.
انهيءَ طرح هنن کي قيد ۾ ٻه – ٽي مهينا گذريا. روسي لشڪر جنهن شڪست کاڌي هئي، تنهن کي وري تازي ڀرتي ملي، سو هاڻي نئين سر تياري