Page:Zeenat.pdf/25

This page has not been proofread.

اها ٻانهن جي بازار هفتي ۾ کلندي هئي، ۽ تڏهن خريد و فروخت هلندي هئي. سو انهيءَ هفتي علي نواز وري ٻيو مالڪ ڪيو. انهيءَ طرح ٻن ورهين جي اندر، هن ڇوڪر پنج ڀيرا انهيءَ بازار جو منهن ڏٺو، آخر هڪڙي وڏي سوداگر جي هٿ ۾ آيو، جتي هن البت آرام پاتو.

هن جي هلت چلت تمام چڱي هوندي هئي، ۽ شڪل جو به موچارو هو، تنهن ڪري سندس ڌڻي ۽ ان جي گهر جا ماڻهو ڏاڍو پيار ڏيندا هئس. هتي هن کي تعليم به ملي، قرآڻ پڙهڻ سکيو ۽ جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن پنهنجي ڌڻيءَ کي سندس ڌنڌي ۾ مدد ڏيندو رهيو. هتي رهي هيءُ گهر جو ڀاتي ٿي ويو، ۽ هن جي ايمانداري ڏسي سڀڪنهن هن کي آفرين پئي ڪئي. جڏهن اهو سوداگر بيمار ٿيو، ۽ مرڻ جو وقت ويجهو ڏٺائين، تڏهن وصيت ڪري پنهنجو مال پنهنجي اولاد کي ورهائي ڏنائين، ۽ علي نواز کي ڳچ جيترا پئسا ڏيئي آزاد ڪري ڇڏيائين.

ڌڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ به علي نواز پنج – ڇهه مهينا انهيءَ گهر ۾ هو. پوءِ پنهنجي منهن سوداگريءَ جي سانگي خراسان ۾ آيو. خراسان ۾ تن ڏينهن ايران جي ماڻهن جي گهڻي آمدرفت هوندي هئي، تنهنڪري هن کي اتي اچي پنهنجو واپار هلائڻ ۾ ڏاڍي سولائي ٿي. هتي رهڻ ڪري هو مشهور ٿي ويو، ۽ واپار جي ڪم ۾ ڏاڍو هوشيار ٿيو.

خراسان مان وري علي نواز، ڪي سير ڪرڻ لاءِ ۽ ڪي واپار جي سانگي سنڌ ۾ آيو. سنڌ تن ڏينهن ٽالپرن اميرن جي هٿ ۾ هئي، ا نهن جي دربار ۾ هن جو رستو ٿي ويو، جنهن ڪري هن کي جهڙو واپار ۾ تهڙو عزت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو ۽ انهيءَ سبب هو اتي رهي پيو.

علي نواز جو واپار دڪان ڪڍي ويهڻ سان نه هلندو هو. هن جي معرفت مير صاحبن ۽ سندن درٻار جي اميرن سان هوندي هئي. هو معتبر، هوشيار، پڙهيل ۽ چالاڪ ماڻهو هوندو هو، تنهن ڪري سڀڪنهن وٽ هن کي گهڻو مان ملندو هو. هن کي ڳچ جيترا پئسا ڏيئي موڪليندا هئا، جو بمبئي ۽ ڪلڪتي، توڙي بغداد، ايران ۽ ٻين ولايتن ڏي وڃي. خاصو خاصو مال سودي سندن لاءِ ايندو هو؛ ۽ انهيءَ