هو. هلت چلت سندس تمام پسنديءَ جهڙي هئي، جو سندس پيءُ جي انهيءَ ڳالهه تي خاص نظر هوندي هئي. ٻيو هن جي اٿ – ويهه رڳو سکرن سان هئي، تنهن ڪري لياقت ۽ فضيلت به گهڻي هوندي هيس. طبع جو تمام حليم هو؛ اهڙو جو شهر جا هندو خواهه مسلمان سندس صحبت لاءِ مشتاق هوندا هئا.
صاحبي ڦرڻ جي تفرقي کان پوءِ به، جن اميرن ۽ وڏن ماڻهن سان علي نواز خان جو رستو هوندو هو، سو هو وٺيو آيو، ۽ هنن سان پاڻ وقت بوقت شادي مراديءَ ۾ اُٿ ويهه ڪندو هو، توڙي سندس گهر جا ماڻهو ايندا ويندا هئا. هر طرح هو هنن کي دوستن يا عزيزن وانگي سمجهندا هئا.
سرائي فتح خان جي گهر سان به هنن جو اهڙو ئي رستو هو. ٻيو وري فتح خان جو پٽ حامد ۽ علي رضا ڪي ٿورا ڏينهن هڪ اسڪول ۾ گڏ به پڙهيا هئا، تنهن ڪري هنن جو وري پاڻ ۾ خلاصو رستو دوستيءَ جو ٿي ويو هو. علي نواز ۽ فتح خان جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ انهن جي گهرن جو پاڻ ۾ رستو هوندو هو، سو سندن مئي کان پوءِ به سندن پوين جي وچ ۾ هليو آيو، ۽ هي، ٻئي طرف، هڪ – ٻئي وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. ڪنهن آچر تي حامد هنن وٽ ايندو هو، جو ٻئي ڄڻا ٻاهر لانڍيءَ ۾ ويهي صحبت ڪندا هئا. ڪنهن آچر تي علي رضا هنن وٽ ايندو هو. ۽ اهڙيءَ طرح هو ٻئي هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا. انهيءَ طرح هنن جون مائون به ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي جي گهر اچي ڏينهن گذارينديون هيون. تنهن ڪري هڪ ٻئي جي حال جي ۽ هلت چلت جي پوري خبر هين.
جان بيبيءَ کي پنهنجي پٽ جي شاديءَ جو خيال گهڻن ڏينهن کان هوندو هو. هو کٽڻ ڪمائڻ وارو هو ۽ جوان هو، مڙس مئي کان پوءِ ڳڻتي واڌو ٿيس، جو ڀايائين ته منهنجي مڙس جو نسل باقي رهي. هڪڙي – ٻه ٻانهن به هٿ ڪئي هئائين، پر هو انهيءَ تي نه بيٺو. پيو چوندو هو ته آءٌ ننڍو آهيان، اڃا شادي ڪرڻ جو وقت پيو آهي. اهو سندس نٽائڻ ڪي حجاب ۽ ڪي حيا کان هو ۽ ڪي وري انهيءَ کان هو، جو هو انهن ماڻهن سان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ اهي ٻانهون لکي پڙهي نه ڄاڻنديون هيون. انهيءَ سبب ڪري هڪڙي ڀيري ته سندس ماءُ ساڻس تکو ڳالهائي رنج به ٿي هئي. پوءِ جڏهن اها ڳالهه ياد پوندي هيس، تڏهن اڪثر