خوش ڪري زال پرڻجي، مرڻ گهڙيءَ جو سودو ڪري، پوءِ پشيمانيءَ ۾ سڄي ڄمار وڃايان سو مون کان ڪين ٿي سگهندو.“
اتي مريم وچ ۾ پئي چيو ته ”مائي، لکڻ پڙهڻ واري ٻانهن به هڪڙي ته من کي سُجهي ٿي. ڇو، سرائي فتح خان جي ڌيءَ ڪين لکي پڙهي ڄاڻي؟ جڏهن ڪڏهن پاڻ هلنديون آهيون، تڏهن هن جو ڪم اهو لکڻ پڙهڻ سان هوندو آهي. ڪا گهڙي سبڻ ڀرڻ جو يا ٻيو ڪم ڪري ته ڪري، نه ته اها ڪوٺي اها پاڻ.“
جان بيبيءَ چيو ته ”مريم تون سچي آهين، هوءَ لکڻ پڙهڻ ۾ برابر هوشيار آهي، پر ماڻهو ته انهيءَ تان به پيا کلندا اٿس. هونءَ ٻانهن به ملوڪ آهي، جهڙو شڪل شباهت ۾، تهڙو لڄ حيا ۾.“
مريم چيو ته ”مائي، مون بختاور کان ٻڌو هو ته اها ٻانهن به اٿارڻ ۾ آهن؛ وڏا وڏا ماڻهو پٺيان هئن، ۽ هڪ ليکي ته سيٺ گل محمد جي پٽ جو نالو به مٿس پيو آهي، ته شڪ ناهي.“
جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، جهان لاءِ ٻانهون گهڻيون ئي چڱيون پيون آهن، هن جي لاءِ ڪا آسمان مان حور اچي، تڏهن اسان جو رئيس پرڻجي. انهيءَ ڇوڪري زينت بانوءَ ۾ بيشڪ گهٽ ڪانهي، پر وٺ انهيءَ ڳالهه کي ته جڏهن هو هن رئيس کي آڻي ڏيکارين ۽ هي پسند ڪري، تڏهن چئجي.“
تڏهن علي رضا به منهن مٿي ڪري چيو ته ”امان! جي اها ٻانهن اوهان کي پسند آهي، ته مون کي به پسند آهي. انهيءَ گهر جا اسين چڱيءَ طرح واقف آهيون. اها ٻانهن هڪ ڀيري مون ڏٺي به آهي، مون کي گهڻو پسند آهي.“ مريم پڇيو ته ”سو ابا ڪيئن ڏٺيئي؟“
علي رضا چيو ته ”دائي، اٽڪل ٻه مهينا ٿيندا جو آءٌ حامد عليءَ وٽ ويو هوس، حامد ڪنهن ڪم سان نڪري ٻاهر ويو، آءٌ در تي لانڍيءَ ۾ ويٺو هوس، انهيءَ وچ ۾ اندر دانهن ٿي ۽ مائي بختاور ڊوڙي در تي آئي، مون کي چيائين ته ”ابا! اندر ڪوٺيءَ ۾ نانگ نڪتو آهي، سو اچي مار، آءٌ اندر ڊوڙيس. اگرچ بختاور پري کان پاسي پاسي به ڪيو، پر هل ۾ سندس چوڻ هنن کي برابر ٻڌڻ ۾ نه آيو، ۽ آءُ بختاور جي پٺيان وڃي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس، جتي سرائيءَ جي نياڻي بيٺي هئي، ۽ سڄي ساري منهنجي نظر پئجي ويئي، هوءَ به شرم کان منهن پاسي ڪري صفي