Page:Zeenat.pdf/35

This page has not been proofread.

بختاور – ڇو مائي، سيٺ گل محمد جي گهر ۾ ڪا گهٽ آهي؟ سندس گهر جيڪڏهن تنهنجو وڃڻ ٿئي، ته هزارن جا ڳهه ڳٺا پائين، مون جهڙيون ڏهه دايون تنهنجي اڳيان ڪمائين. دنيا ۾ اهڙي سکي زال پوءِ جيڪر ڪا مشڪل ملي.

زينت – اهڙو سک ڪهڙي ڪم جو؟ هوڏي ٿي چوين ته سيٺ جو پٽ اڃا گرانٺ جيڏو آهي، سو تون متان اٺ سان گهنڊڻي ٻڌڻ سنڀري آهين؟

بختاور – هان مائي، اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو. تون به ته اڃا ڪالهه ايڏي هئينءَ، اڄ ته ڏس، زالن جيڏي زال ٿيو ويٺي آهين.

زينبت – دائي، دنيا سازيءَ جي سک لاءِ اهي هزار ۽ لک ڪنهن ڪم جا ڪين آهن. اهو سون روپو اڄ هوندو ته سڀاڻي ڪونه هوندو، زال کي آسرو سون روپي جو ته ڪونهي، انهيءَ ماڻهو جو آهي جنهن سان سندس پلئو ٿو ٻڌجي. انهيءَ جي جڏهن اڃا خبر ئي ڪانهي ته چڱو ٿيندو يا بڇڙو ٿيندو، سڌرندو يا کرندو، تڏهن انهيءَ جي آسري ڇا لڳبو؟ پر دائي سچ ته چؤ، تون اڄ پاڻهي مون سان اهو ذڪر ٿي چورين، يا امان ڪو اشارو ڏنو اٿئي؟ سچ چئج – آءٌ توکان پنهنجو حال ڳجهو ڪين رکندي آهيان.

بختاور – امان، سچي پڇين ته مون کي پنهنجي منهن به گهڻو فڪر هو، پر مائيءَ انهيءَ بابت مون کي چيو آهي.

زينت – تڏهن دائي سچ ته ٻڌاءِ، امان هنن سان هائو ته نه ڪئي آهي؟ بختاور- نه امان، هائو ته نه ڪئي اٿس، مگر انهن ڏي توڙي ٻين ڏي خيال بيشڪ ا ٿس.

زينت – ٻيا ڪهڙا

بختاور – ڇو اڳئين جمعي رات شربت ۽ گلاب جا شيشا ڪين ڏٺا هيئي؟ محمد رمضان وڪيل موڪليا هئا. اهو ويچارو به پيو مٿا هڻي.

زينت – ڇا دائي، اهو وڪيل جنهن بابت انهيءَ رات مانيءَ مهل حامد ڳالهه ڪئي ته ڪنهن مجلس ۾ ماڻهن سندس گلا پئي ڪئي ته پئسا ججها اٿس ۽ وڏو ماڻهو آهي، مگر اهڙو ڪنجوس آهي، جو کاڻي مانيءَ تان کل به نه لاهي ۽ پائي به خدا جي واٽ ۾ نه ڏئي، غرين کي دڙڪا تاب ڏيو ڦريو پنهنجو گهر پيو ڀري،