Page:Zeenat.pdf/36

This page has not been proofread.

ٻيو ته شراب پيئڻ جي به عادت اٿس، جو اڪثر شراب پي مست ٿي پوءِ اچي پنهنجي زال ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي وٺي. بختاور – هائو امان، اوهو. زينت – واه دائي واه، اهڙي ڪميني ماڻهوءَ جا ٿيون نياپا نڙا توهين ٻڌو! اهڙي خسيس ماڻهوءَ جون ٿيون سوکڙيون سڙيون وٺو! شرم جي ڳالهه آهي، جو سکر اشراف ٿي اهڙي نيچ آدميءَ جون گاريون جهليو. وري جڏهن هن کي هڪڙي زال اصلي آهي ۽ اها به اهڙي سکي آهي، تڏهن ٻي ڪهڙيءَ کي انهيءَ کڏ ۾ پوڻ تي دل چوندي؟ بختاور – نه امان نهن هڻينس گڏ ۾، مائيءَ کي به انهيءَ جو خيال ڪونهي، مگر مائيءَ جي مرضي گهڻي تنهنجي ماروٽ اميد عليءَ ڏي آهي. زينت – مائي منهنجو ماروٽ هجي ته ڀلي هجي، جنهن کي ڳالهائڻ به نٿو اچي، چٽ گونگو آهي تنهن جي حوالي مون کي ڪندا ڇا؟ امان اهڙو قهر ڪيئن ڪندي؟ تنهن کان مون کي زهر جو ڍڪ ڏئي ته پي پاڻ کي به عذاب کان ڇڏايان ۽ ٻين کي به. بختاور – دائي صدقي، خير گهُر! خدا توکي پٽن پوٽن وارو ڪندو، تنهنجون مرادون اسان کي ڏيکاريندو. پر امان، کريا به پنهنجا، ٻريا به پنهنجا. پنهنجي مامي جو پٽ اٿئي، پنهنجو رت اٿئي. جيئي سندس پيءُ، کٽڻ ڪمائڻ جي ڪهڙي پروا ٿيندي؟ جهڙو پاڻ کائيندا، اهڙو توکي پيا کارائيندا.

زينت- دائي، خدا خدا ڪر، نڪي پيءُ – ماءُ جي حياتي جٽاءُ ڪندي، نڪي سندن ڪمائي، ڪم سڀ کي پنهنجو ڪمائي ايندي. جنهن کي پنهنجي فضيلت ڪابه ڪانه هوندي سو پاڻ دنيا ۾ ڪيئن گذاريندو ۽ ٻين کي ڪيئن پاريندو. نه دائي نه، خدا جي واسطي انهيءَ مرض کان مون کي ڇڏائجئين. اهڙي شاديءَ کان بک چڱي، اهڙي شاديءَ کان ڏک چڱو، مون کي کاڌي پيتي جي ڏکيائي ڪانهي، پنهنجي ابي جي گهر ۾ سکي ويٺي آهيان. جي امان ۽ ادي منهنجي سنڀال نه لڌي، ته پنهنجن بازن جي پورهئي ۽ سئيءَ جي ڪمائيءَ تي پيٽ پيئي پاريندس، پر انهن عذابن کان ڇٽي پئي هونديس.