بختاور – جيجل، سچ ٿي چوين. جهڙي تون ڏاهي آهين، اهڙو گهر وارو الله شال توکي ملائيندو. چڱو امان، آءٌ مائيءَ سان ڳالهه چوري ڏسنديس.
ائين چئي بختاور هلي ويئي ۽ زينت بانوءَ به اٿي اڳئينءَ جي نماز جو سعيو ڪيو. ذري کان پوءِ مائي به اٿي. گهر جو ڪم ڪار ڏهاڙيءَ وانگي هليو. پوياڙيءَ مهل حامد علي به آيو؛ ٻه وڏا ڪتاب پاڻ سان آندائين، جي انهيءَ مهل ڀاءُ – ڀيڻ ٻنهي گڏ ويهي ڏٺا، حامد، ماءُ کي سڏ ڪري چيو ته ”امان! سڀاڻي پاڻ وٽ مهمان ايندا.“
ماڻس پڇيس ته ”ابا ڪهڙا؟“
حامد وراڻيو ته ”اڄ آءٌ علي رضا وٽ ويو هوس، هلڻ مهل اندران چوائي موڪليائون ته پنهنجي گهر خبر ڪج ته سڀاڻي اسين اوهان وٽ اينداسين ۽ اچي ڏينهن گذارينداسين، جو ٻه – ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، ته نه آيا آهيون.“
ماڻس چيو ته ”ابا ڀلي اچن.“ پوءِ ته خير جي رات آئي، ماني ٽڪي کائي سڀيئي سمهي پيا. بختاور سڀ کان پوءِ سمهندي هئي، جو گهر جو ڪم ڪار ٿيندو هوس. سمهڻ مهل مائيءَ کي جاڳندو ڏسي اچي پيرن کي به زور ڏيڻ لڳس ۽ آهستي چوڻ لڳس ته ”مائي اڄ ڏينهن جو مون ۽ زينت پاڻ ۾ ڏاڍي چٽا ڀيٽي کاڌي آهي.“
مائيءَ پڇيو ته ”ڇا تي؟“
بختاور چيو ته ”ٻيو ڇا تي، اجهو انهيءَ ڳالهه تي جنهن جو تاڪيد ڪيو هوءِ.“ شهربانوءَ پڇيو ته ”پوءِ نيٺ شير ڪي لوغان؛ ڪهڙو خيال ڏٺئي ڇوڪريءَ جو؟“
بختاور چيو ”مائي، هوءَ ته هٿ ڇهڻ کان پري بيٺي آهي.، اهي ٻه – ٽي جايون، جن جي پاڻ ڪالهه صبح جو رٿ پئي ڪئي، سي ته هتي نظر ۾ ئي ڪين آهن.“
شهربانو وري پڇيو ته ”نيٺ ڇا ٿي چوي؟“
بختاور ورندي ڏني ته ”چوي ٿي ته هونءَ ته ماءُ مالڪياڻي آهي- وڻيس ته ڌيءَ کي تاري، وڻيس ته ٻوڙي، مگر اهڙي ڪم ۾ ڌيءُ جي ڳالهه مڙيئي ٻڌڻ گهرجي. چوي ٿي ته اهڙي ڪم ۾ سون رپي ۽ عزيزي خوشيءَ ڏي اوترو ڏسڻو ناهي،