Page:Zeenat.pdf/41

This page has not been proofread.

باب پنجون :

                       نئون پيغام

رات گذري صبح ٿيو. گهر جا ڀاتي اٿي ڏهاڙيءَ وارو ڪم ڪار ڪرڻ لڳا. زينت بانو نماز پڙهي وڃي قرآن جي دؤر تي پينگهي ۾ ويٺي. حامد اسڪول ڏي سنڀريو. بختاور کي مائي شهربانوءَ سڏي چيو ته ”اڄ مائي جان بيبي اچڻي آهي، سو سويري وڃي ڀاڄي ڀتي وٺي آءُ، گوشت سرس آڻجئين ته سوير ئي رڌڻ پائڻ جو ڪم ٿئي“، ۽ ڌيءُ کي به سڏي چيائين ته ”امان! بختاور کي پئسا ڏيئي، سمجهائي روانو ڪر ۽ پوءِ مانيء ٽڪيءَ جي نظر رکجئين متان مون کي اٿڻ جو وقت نه ملي.“

زينت انهيءَ مهل قرآن ٺپي، بختاور کي سڏي جيڪو سامان آڻڻو هو، تنهن جو سمجهايو ۽ پئسا ڏيئي هن کي روانو ڪيائين. پاڻ وري ويهي قرآن پڙهڻ لڳي. بختاور ڪلاڪ کن ۾ سامان وٺي آئي ۽ اچي رڌڻ پچائڻ جو ڪم شروع ڪيائين. ايتري ۾ زينت بانو قرآن پڙهي اٿي ۽ هميشه وانگي ڪپڙو کڻي جاءِ جي شين جي صفائي ڪري، پوءِ پنهنجي ڪم کي لڳي.

نائين بجي ڌاري در تي هڪڙي گاڏي آئي جنهن ۾ برقعي سان هڪڙي زال ويٺل هئي ۽ هڪڙي پورهيت ساڻس هيس ۽ ساڻس گڏ هڪڙو جوان ويٺل هو – ٽيئي لٿا. اها مائي جان بيبي ۽ سندس پورهيت مريم هئي، جن کي علي رضا اماڻڻ آيو هو. هنن کي سرائي فتح خان جي گهر اماڻي، علي رضا وري ساڳيءَ گاڏيءَ تي چڙهي پٺتي موٽي ويو.

علي نواز مغل اهو دستور ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن ڪڏهن سندس زال ڪيڏي ٻاهر ويندي هئي. جيئن پردي وارن ماڻهن جو دستور آهي ته جي ٿورو پنڌ هوندو هو ته پيادي ويندي هئي ۽ ساڻس سندس پورهيت ۽ سندس عزيزن مان هڪڙو مڙس ماڻهو ويندو هو ۽ جي پرڀرو پنڌ هوندو هو ته گاڏي ڀاڙي ڪري آڻيندا