شهربانوءَ چيو ته ”مائي، ڪڏهن ڪڏهن اُهئين به وڃي بختاور کي مدد ڏيندي آهي، اڄ مهمانن جي لاءِ جي ائين ڪيائين، ته ڇا ٿيو.“ زينت، جنهن ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي کاڌو. تنهن چيو ته ”مائي! اوهان کي منهنجو رڌل کاڌو پسند آيو ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيو.“
”جان بيبيءَ چرچو ڪري چيس ته ”سو ته چڱو پر جي اهڙو طعام اسان کي کارايئي ته اسين ڏهاري ڀڳا بيٺا هونداسين.“
زينت ورندي ڏني ته ”مائي! آءُ حاضر آهيان، اوهين ڀلي اچو، جيءُ اچو.“
انهيءَ طرح ڳالهيون به ويٺي ڪيائون ۽ ماني به ويٺي کاڌائون. نيٺ کائي بس ڪيائون،، جان بيبيءَ دعا گهري، ۽ سڀ اٿي کڙا ٿيا. بختاور ٻاهر در تي مڙس مانڻهن جي سماءَ تي ويٺي هئي، تنهنڪري مريم ڪونرو ۽ چلمچي کڻي هٿ ڌئارين. زينت وري ميز جي خاني مان سوپاريون ۽ ڦوٽا ڪڍي هنن کي ڏنا. بختاور موٽي آئي، سا ۽ مريم ٻيئي ٿانو کڻي بورچيخاني ۾ وييون، اتي ويهي وري هو گڏ ماني کائڻ ۽ پاڻ ۾ صحبت ڪرڻ لڳيون.
جان بيبي ٿوري دير تائين زينت جي ڪوٺيءَ ۾ بيٺي ۽ جيڪي گل ۽ تصويرون، ڪتاب ۽ ٻيو سامان چڱي ڊول سان جاءِ ۾ رکيل هو، سو ڏسي تعريف ڪرڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”مائي زينت به پنهنجي جاءِ کي اهڙو سينگاريو آهي. جو ڇا چئجي! اسان جي علي رضا جو به ساڳيو ئي ڊول آهي پنهجي ويهڻ جي جاءِ ٺاهي اٿس. تنهن ۾ هن وانگي چڱيون شيون ۽ ڪتاب رکي ڇڏيا اٿس. سڄو ڏينهن انهيءَ ۾ پوريو پيو آهي.“
پوءِ وري ٽيئي ڄڻيون اچي صفي ۾ ويٺيون ۽ هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳيون.
جان بيبيءَ چيو ته ”امان زينت، تون به ذري تائين ته اچي منهنجي ڀر ۾ ويهه، صبح کان وٺي پئي ڊوڙي آهين، تو سان کلي ڳالهائي ڍو ته ڪريان.“
زينت اٿي وڃي جان بيبيءَ جي پاسي ۾ ويٺي، ۽ جان بيبي سندس تعريف ڪرڻ لڳي ته ”امان! تو جهڙي پڙهيل هوشيار ۽ هنر واري ۽ نيڪ ڌيءَ خدا شال جهان کي ڏئي. جنهن گهر ۾ تون هوندينءَ، انهيءَ گهر جو وڏو نصيب هوندو. تون ڌيءَ ناهين، تون پُٽن جو مَٽ آهين. آءٌ خوشامند نٿي ڪريان. مريم