کان پڇي ڏس ته ڪيترا ڀيرا اسين تنهنجون ڳالهيون ڪنديون آهيون، ۽ جڏهن جهان جي پُٽن ڌيئن جو ذڪر نڪري، تڏهن آءٌ چوندي آهيان ته مون به گهر گهڻا ڏٺا، پر اهڙي سگهڙ ۽ نيڪ ڌيءَ ڪنهن امير جي گهر ۾ مشڪل هوندي.“
زينت ته حيا کان ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي ۽ جواب ڪونه ڏنائين. شهربانوءَ چيو ته ”مائي! الله شال جهان جو اولاد صالح ڪري، ڇا پٽ، ڇا ڏيءَ“
اتي بختاور زينت کي ڪنهن ڪم لاءِ سڏ ڪيو، سا ويئي اوڏي، ۽ جان بيبي وجهه ڏسي چيو ته ”مائي شهربانو! مون کي ڪو ٿورڙو عرض ڪرڻو آهي.“
شهربانوءَ چيو ته ”مائي ڀلي چئو“
جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، توکي خبر آهي ته اسان ٻنهي گهرن جي وچ ۾ جيڪو رستو آهي، سو مائٽن کان به وڌيڪ آهي. خدا سرائيءَ کي بهشت نصيب ڪري ۽ منهنجي گهرواري کي مرهي، سي جڏهن حيات هوندا هئا، ۽ پنهنجو به دور هوندو هو، تڏهن ته توکي ياد هوندو ته ڪهڙي نه پاڻ ۾ اٿ – ويهه ڪندا هئاسين. اڄ اجهو ائين آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملڻ ٿئي. منهنجو مڙس به اصل پرديسي هو، پر هاڻ ته اسين سڀ ديسي ٿياسون. جهڙا اشراف توهين آهيو، تهڙا اسين آهيون. اسان کي اوهان کان عار ڪونهي، اوهان کي اسان کان عار نه اچڻ گهرجي. منهنجي مرضي آهي ته منهنجي نينگر علي رضا کي تون پنهنجو ڪرين ته چڱو؟ هو غريب آهي، چڱي چال وارو آهي. اسان جي حال جي توکي ساري خبر آهي- توکان ڳجهو ڪين آهي. آءٌ نٿي چوان ته اسين اوهان جا مائٽ آهيون، اسين اوهان جا غلام آهيون، ائين ڄاڻي تون کڻي منهنجي علي رضا سان ننگ ڪر.“
جان بيبيءَ بس ڪئي، ڀانيائين ته ڏسان شهربانو ڇا ٿي چوي، پر هن کي ته انهيءَ مهل اهڙي ڳالهه ٻڌڻ جو ته خيال ئي ڪونه هو، تنهنڪري چپ کڻي ڪيائين، ماٺ ڪيو پئي ٻڌائين.
تڏهن جان بيبيءَ وري چيو ته ”ادي! تون خفي نه ٿجئين، منهنجي ڳالهه ناشائستي هجي ته مون کي معاف ڪجئين. مون کي خبر آهي ته اهڙي مائٽي جي ڳالهه کي هتي جا ماڻهو گار سڏيندا آهن ۽ انهيءَ تي پاڻ ۾ گهڻا جهيڙا ڪندا آهن. پر سرائي مرحوم جي توڙي اوهان سڀني جي هلت چلت ٻين عام ماڻهن جهڙي